سيد غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ حسينيءَ جي شخصيت ۽ شاعري

0
10
سيد غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ حسينيءَ جي شخصيت ۽ شاعري

 سيد غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ حُسيني سنڌي ٻوليءَ جو سُھڻو ۽ حُسن پَرور شاعر ھو. ھُو منھنجي لاءِ انھن احترام لائق شخصيتن منجهان ھڪ ھو، جن جي سامھون ايندي ئي ماڻهو ادب مان ڪَنڌُ نمائي، نيڻَ جُهڪائي، با ادب ٿي ويھي رھندو آھي. ھُنَ سيد سَڳوري ۾ الائي تہ ڪھڙي روحاني ڇِڪَ ۽ ڪَشش ھئي، جو دل چوندي ھئي تہ رُڳو پيو کيسِ ڏسجي، رُڳو پيو ٻُڌجي.

                 مون کي چِٽيءَ طرح ياد آھي تہ سيد غلام رسول شاھ ´غمناڪ` حسينيءَ سان منھنجي پھرين ملاقات سندس اباڻي ڳوٺ اَڳري راھو ۾ تڏھن تي ھُئي، جڏھن آئون، ساحر راھوءَ سان گڏجي، سندس پُٽَ سيد امداد علي شاھ “امداد جعفريءَ” سان ملڻ لاءِ ويو ھوس. امدادَ ئي سندس تعارف ڪرايو ھو، ۽ پوءِ جڏھن بہ امدادَ سان ملڻ لاءِ اَڳرو راھوءَ وڃبو ھو، تڏھن سندس والد سيد غلام رسول شاھ جو ديدارُ ۽ ڪچھري ضرور نصيب ٿيندي ھئي. ھُو پنھنجي وقت جو بھترين ۽ مِثالي استاد ھو، شايد اُھوئي سبب ھو، جو ھُن جون ڳالهيون مَنَ جي ڦَرَھيءَ تي ھميشہ لاءِ نقش ٿي وينديون ھيون. ھُنَ جي ڳالهين ۾ وڏو فھم ۽ فڪر سمايل ھوندو ھو. ھُن جي پيارَ ۽ پاٻوھَ مون کي سندس تمام گهڻو ويجهو ڪري ڇڏيو ھو، ھُو مون کي تمام گهڻو ڀائيندو ھو، نہ رُڳو مون کي، پر مون کي لَڳي ٿو تہ ھُو امدادَ ۽ پنھنجي پُٽڙن جي سڀني دوستن کي تمام گهڻو ڀائيندو ھو، نہ رُڳو مون کي ۽ پنھنجي پُٽن جي دوستن کي پر ھو تہ سڀني کي تمام گهڻو ڀائيندو ھو. قرب جي معاملي ۾ سيد غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ حسيني وَڏو سَخي ۽ زندھ دل انسان ھو. اسان جڏھن بہ امداد سان ملڻ سندس ڳوٺ ويندا ھئاسين تہ سيد غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ حسيني، امدادُ ۽ سندس ڀائر اسان کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا ھئا.

مون کي اُھو بہ چِٽي طرح ياد آھي تہ جڏھن اسان جي پياري دوست/ ساٿي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڀليڏنو ڪاڪا جي سيڪريٽري مولا بخش ڪاڪا/ ڀونگر سنڌي، سيد غلام رسول شاھ ´غمناڪ` سان ھڪ پروقار رھاڻ رچائي/ شام ملھائي ھئي تہ آئون بہ ان ۾ شريڪ ٿيو ھوس، معشوق ڌاريجي (راقم) کان سواءِ ٻين مھمانن ۾ سائين تاج جويو، محمد صديق منگيو، حميد شھيد ھالائي، پير عبيد راشدي، گل ڪونڌر، جاويد سوز ھالائي، وسيم سومرو، ساحر راھو، سائل پيرزادو، شوڪت اڄڻ، امداد جعفري، ممتاز راھو، انور ڪاڪا ۽ ٻيا شامل ھئا. ان پروگرام ۾ مون کي پڻ مھمانن جي سَٿَ ۾ مانُ بخشي اسٽيج تي ويھاريو ويو ھو. مون سائينءَ جي شاعريءَ تي پيپر بہ پڙھيو ھو. ڏاڍي شاندار تقريب ٿي ھئي. شامَ جي پَھر ۾ ٿيل ان رھاڻ جو عڪس اڄ بہ منھنجي اکين ۾ محفوظ آھي.

سيد غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ حسيني، حيدر جو حبدار، پجتني بندو ھو، آئون ۽ ساحر، سندن پاران محرم مھيني ۾ ٿيندڙ مجلس ۽ نياز ۾ بہ شريڪ ٿيندا ھئاسين. اسان اڳرو راھو ويندا ھئاسين تہ سائين رفيق راھوءَ جھڙي محبوب ۽ قربائتي انسان سان ڪچھري ۽ روحَ رھاڻ ٿي ويندي ھئي، جيڪو پڻ محبوب انسان آھي.

سيد غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ کي مون سدائين ڪَپڙي لَٽي صافُ شَفافُ، اَڇو اُجرو ڏٺو ھو. اڪثر ڪري کيس اَڇو ويسُ (شَلوارَ قَميصَ)، ڪاري رنگَ جي واسِڪوٽي ۽ سنڌي ٽوپي پاتل ھوندي ھئي. کيس سفيد ڏاڙھي، شھپر ۽ چانديءَ جي تارن جھڙا چمڪندڙ زلف ڏاڍو ٺھندا ھئا، سائين قَدَ جو پورو پُنو ۽ طبيعتاً نرم ۽ نفيس مزاج جو مالڪ ھو. ڳالهائيندو بہ ڏاڍي ڌيرج ۽ ڌيان سان ھو. ساڻس ملڻ کان پوءِ دل ئي ڪانہ چوندي ھئي، تہ ڪو کانئس پَري ٿِجي. ‘غمناڪ’ٗ پاڻ کي ڀاڳوند ٿو ڀائيان جو مون کي سندس محبت ۽ شفقت نَصيبُ ٿي.

جڏھن سيد احمد شاھ لڪياريءَ جي درگاھ تي سندس عرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جو آغاز ٿيو تہ آئون پابنديءَ سان ان ۾ سائين امداد جعفريءَ جي اصرار تي، مضمون ۽ مقالا پڙھڻ لڳس. سائين غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’، سيد احمد شاھ لڪياريءَ جي 1972ع کان وٺي ويجهو رھيو ھو، سندس چواڻي تہ: “آئون سڌي طرح تہ شاعريءَ جي ميدان ۾ سائين احمد شاھ جي شاعريءَ جي اثر ھيٺ رھيو آھيان”.

سائين غلام رسول شاھ 1960ع ۾ ھالا مان مئٽرڪ پاس ڪئي ھئي ۽ ھالا جا طرحي مُشاعرا ٻُڌي، سندس دل ۾ شاعريءَ جو شوق پيدا ٿيو ھو. سندس شاعري پڙھي، مون سائين امدادَ کي سندس شاعريءَ جو ڪتاب/ مجموعو ڇَپرائڻ جي صلاح ڏني ھئي ۽ امدادَ، سائين غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ جي شاعريءَ جون ٻہ ٽي ڊائريون مون کي پڙھڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ڏنيون ھيون، جيڪي پڙھڻ کان پوءِ امانت سلامت سمجهي، سندس حوالي ڪيون ھيون. سائينءَ جي ڪتاب ڇپجڻ واري منھنجي خواھش ڊسمبر 2015ع ۾، تڏھن پوري ٿي، جڏھن مسيحا پبليڪيشن ڪراچي/ سڪرنڊ پاران پياري رحمت پيرزادي، سيد غلام رسول شاھ جي لائق فرزند سائين امداد شاھ جي سھڪار سان سندس شاعريءَ جو ڪتاب “وحدت نينھن نياڻ” جي سِري ڇَپرائي پَڌرو ڪيو.

“وحدت نينھن نياڻ” جو مھاڳ سنڌي ٻوليءَ جي باڪمال شاعر امداد حسيني لکيو ھو. ڪتاب ۾ حمد،  نعت مناجات، منقبت، نوحہ ۽ قصيدي کان سواءِ ڪافي، وائي، نظم، غزل، بيت ۽ رباعي صنفون شامل آھن. سندس شاعريءَ جي حوالي سان امداد جعفري لکي ٿو تہ: ”غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ جو ڪلام سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو تسلسل آھي.“

ڪتاب مان ڪجھ چونڊَ خيال ۽ سِٽون سندس شاعري جي نموني طور ھيٺ ڏجن ٿيون.

ڏُکي آھي ڏاڍي رکڻ يارَ! ياري،

حَياتي سَموري رُڳي انتظاري. (ڪافيءَ جو ٿلھ)

مون کي منھنجا مارو، سنڀاريندا ھوندا،

رويو   روزُ   راھون،   نھاريندا  ھوندا. (ڪافيءَ جو ٿلھ)

تنھنجو حاصل سڄڻ! ڪو حضور ٿئي،

ويجهو وصل، وڇوڙو دور ٿئي. (ڪافيءَ جو ٿلھ)

تو جا ڏني مون کي ڏاتِ –

ڪا نہ سُجهي سوغات ڪا اھڙي. (وائيءَ جو مُکڙو)

دلبر! تنھنجي ديدَ –

آھي نُور منھنجي اکن جو. (وائيءَ جو مُکڙو)

ڪري قيد دلڙي وئي ھڪ حسينا،

ڏئي عمر ساريءَ سندي سڪ حسينا. (نظم جو ٿلھ)

منتشر آھيون اسين سڀ ڪي ڪٿي ۽ ڪي ڪٿي،

منتظر آھيون اسين سڀ ڪي ڪٿي ۽ ڪي ڪٿي. (غزل جو مطلع، ڊگهو رديف)

درازي  عمر  جون  توکي، دُعائون ٿو ڪريان دلبر!

صبح سانجهي خُدا جي در، دُعائون ٿو ڪريان دلبر!

(غزل جو مطلع)

سڄڻ! توسان سِڪَ، جيءُ جَڙي ڇَڏيو،

غلام رسول شاھ کي، حُب تنھنجي ھِڪَ،

لوڪان ڪھڙي لِڪَ، نعرو نشانبر منھنجو. (بيت)

سيد غلام رسول شاھ ‘غمناڪ’ جي شاعري ڏاڍي معنيٰ خيز ۽ فڪر انگيز آھي، جنھن ۾ مذھب، تصوف، سماجيات، پيار، محبت، انسان دوستي ۽ وطن پرستيءَ جا انيڪ رنگَ سمايل آھي. سندس شاعري ڪنھن محبت واري مئخان تي ٻُڌڻ ۽ ٻُڌي جهومڻ جھڙي شاعري آھي. ڪتاب “وحدت نينھن نياڻ” ۾ موجود تصويري البم ڏِسي، سندس (سيد غلام رسول شاھ ´غمناڪ` جي) مُحبوبي مُرڪ جي جلوه گري پَسي سگهجي ٿي. ھو نھايت ئي معصوم، ماٺيڻو ۽ محبتي انسان ھو. دُعا آھي تہ اللّٰه پاڪ سندس درجات بلند ڪري.