سيتاروڊ ( ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا ڏيڻ جي حوالي سان سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي سڏ تي سنڌي ادبي سنگت (شاخ) سيتاروڊ پاران شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سنڌي ٻولي  جي خوبصورت شاعر وسيم آڪاش سيتائي جي صدارت هيٺ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن جي ڪاروائي ساس سيتاروڊ جي سيڪريٽري سليمان سومرو هلائي تقريب ۾ شهيد جي تصوير اڳيان گلن جي پتين سان گڏ ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي تقريب ۾ سيتاروڊ جي قلم ڌڻين ٽائيم نيوز  چيو ته ايڪتا ڏھاڙا هجن يا سنڌو درياء کي ڀيٽا هجي بحريه ٽائون جو مسئلو هجي يا ڪو ٻيو ڏاڍ ڏمر علي قاضي هميشه سنڌ ۽ سنڌين سان نڀايو آهي ۽ هاڻي به تازو وڏيرا گردي جو شڪار ٿيل  شهيد ناظم جوکيو ڀيٽا ڏيڻ واري عمل کي ساراهجي ٿو. اسين ڀوتارڪو نظام کي مڪمل طور رد ڪندي شهيد سان انصاف جي گهر ڪيون ٿا. ان موقعي تي محبوب سنڌي، راشد انقلابي، عاجز فهيم سيتائي، انور سيتائي، غلام مصطفىٰ گهايل سيتائي، آصف سيتائي ٻين شامل ٿي ناظم جوکيو کي لفظن جي ڀيٽا ڏني.