دادو /سيتا روڊ (نمائندن وٽان) سيتا ويجهو ڳوٺ سوڀو چانڊيو ۾ نوجوان عورت ثمينه عرف وقار زال آدم چانڊيو جو گهر مان گولي لڳل لاش ھٿ آيو آهي ، اهڙي اطلاع تي سيتا روڊ پوليس ڳوٺ سوڀو چانڊيو پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ ماٽم ماٽم لاء سول اسپتال دادو پهچايو ، پوسٽ ماٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي ، پوسٽ ماٽم ڪندڙ عورت ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته عورت کي ويجهي کان گولي لڳل آهي وڌيڪ جزا وٺي ليبارٽري موڪليندا. جتان رپورٽ اچڻ کان پوء خبر پوندي ته گولي ڪيتري فاصلي کان لڳل آهي، سيتا روڊ ٿاڻي جي ايس ايچ او ٻڌايو ته کين اطلاع مليو ته وقار کي قتل ڪيو ويو آهي، ان لاء لاش جو پوسٽ ماٽم ڪرايو آهي ، مقتول عورت جي سس جو چوڻ آهي ته ٻارن جي ڳالھ تان ناراض ٿي وقار پاڻ تي پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي ، کيس قتل ناهي ڪيو ، ٻئي طرف اطلاع سيتا روڊ پوليس ڳوٺ سوڀو چانڊيو پهتي ته وارثن عورت جو پوسٽ ماٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو جنهن پوليس اهلڪارن ۽ عورت جي ساهرن ۾ منهن ماري ۽ جهڙپون پڻ ٿيون آهن، پوليس عورت جو لاش پوسٽ ماٽم لاء سيتا ۽ ڪي اين شاھ تعلقه اسپتال پهچايو جتي عورت ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ دادو اسپتال پهچايو.