لاهور (م ڊ) تحريڪ لبيڪ سيالڪوٽ ۾ مئنيجر جي قتل جي مذمت ڪري ڇڏي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان چيو آهي ته واقعو افسوسناڪ آهي، جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان ٽي ايل پي چيو ته سيالڪوٽ واقعي کي ٽي ايل پي سان جوڙڻ افسوسناڪ آهي، سيالڪوٽ واقعي جي پس منظر ۽ سازش سميت سمورن رُخن کي نظر ۾ رکي غيرجانبداراڻي جاچ ڪئي وڃي، ملوث ڪردارن کي گرفتار ڪري سامهون آندو وڃي، ملڪ ۾ قانون جي بالادستي هوندي ته ڪنهن کي به قانون ٽوڙڻ جي جرعت نه ٿيندي، ملڪ رتو ڇاڻ يا فساد جي سٽ سگهڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي.