سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ هڪ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو

0
173
سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ هڪ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو

اسلام آباد: سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ هڪ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي

نگران وفاقي سرڪار پاران سياري کان اڳ گئس جي اگهن ۾ هڪ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو ڪيو ويو

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب هلندڙ مالي سال دوران گئس سيڪٽر جي گردشي قرضن ۾ 46 ارب روپين جي اضافي جو خدشو آهي

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گردشي قرضن ۾ اضافي تي آءِ ايم ايف پاران ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي

ذريعن موجب اقتصادي جائزي کان اڳ گئس جي قيمت ۾ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ اضافي جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  گئس جي اگهن ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي سمري تيار ڪئي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس مهانگي ڪرڻ بابت تيار ڪيل سمري اِي سِي سِي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي