سوڀوديرو (رپورٽ: فضل منگي) سوڀوديرو ڀرسان 8 هٿياربندن جو گهر تي حملو، مڙس کان رسي ڀيڻ جي گهر ترسيل عورت گهر کان زمين تائين ڊوڙائي ڊوڙائي قتل، هڪ ڄڻو گرفتار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڳوٺ نواڙو شريف ۾ ٽن موٽرسائڪل سوار 8 ھٿياربندن  اسد اوٺي جي گھر تي حملو ڪري دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي مسمات سعيدان زال لطف الله ڄامڙو کي قتل ڪرڻ لاءِ ھڪلون ڪيون جنهن دوران عورت پنھنجو سر بچائڻ لاءِ ٻاھر ڀڃي نڪتي ته هٿياربندن سندن پيڇو ڪري زمين ۾ گوليون ھڻي کيس قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس پهچي واقعي واري هنڌ پھچي مقتول عورت جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول عورت سعيدان جي پيرسن امڙ زينت خاتون جتوئي ۽ عبدالقادر جتوئي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان اصل ويٺل ڳوٺ علينواز شاهه لڳ پير شير ٿاڻو عاقل ضلعو لاڙڪاڻو آهيون، سعيدان جي پنج مھينا اڳ لطف الله ڄامڙو سان شادي ٿي هئي، جيڪو سوڀو ديرو لڳ ڳوٺ شاھ علي ڄامڙو جو رھواسي آھي ۽ سندس اڳ به سعيدان جي ماسات آسيا سان شادي ٿيل ھئي، جيڪا پڻ اسان جي ڳوٺ جي رھواسڻ ھئي، آسيا سعيدان سان نه ٺھندي ھئي، گهر ۾ هر روز جهيڙو رهندو هو، هنن ٻڌايو ته سعيدان کي مڙس گھر مان ڪڍي ڇڏيو ھو، جيڪا 15 ڏينھن پيءُ جي گھر رھڻ بعد 5 ڏينھن اڳ ڳوٺ نواڙو شريف ۾ پنھنجي ڀيڻ عابدهه زال اسد اوٺي جي گھر آئي ھئي، جتي جوابدارن کيس قتل ڪيو، هنن چيو ته واقعي ۾ سعيدان جو مڙس لطف الله ڄامڙو، مامو ابراھيم جتوئي، ماسڙ محبوب جتوئي، سئوٽ عبدالغني جتوئي، مصطفيٰ عرف صابر جتوئي ۽ ٻيا ملوث آهن، ظالمن وڏو ظلم ڪيو آھي، پوليس ڳوٺ شاھ علي ڄامڙو تي چڙھائي ڪري مقتول عورت جي ڏير خان محمد عرف خانو ڄامڙو کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.