ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 143رپيا سستو: ڊالر 280.5 رپين تي پهتو، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار سون 143 رپيا لاٿ سان 242143 مان 242000 رپيا في  تولو  ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾سون 8 ڊالرن جي اضافي سان 2328 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف چاندي 2750 رپين تي بيٺل رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 10 پئسا لاٿ سان 280.6 مان 280.5 ۽ انٽر بينڪ ۾11 پئسا واڌ سان 278.62 رپين تي پهچي ويو، جڏهن ته پائونڊ 4 رپيا لاٿ سان 355.5 مان 351.5 ۽ يورو  90 پئسا لاٿ سان  297.9 مان 297 رپين تي بند ٿيا