ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) سون ۾ ٻيهر تيزي: 178000 رپين تي پهتو، ڊالر 235 رپين تي برقرار، ان ڏس ۾ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2600 رپين جي اضافي سان 175400 مان 178000 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي پڻ 40 رپيا واڌ سان 1800 مان 1840 رپيا في تولو تي پهتي، هوڏانهن ڊالر 235 رپين تي بيٺل رهيو، ٻئي طرف پائونڊ هڪ رپيو واڌ سان 298 مان 299 ۽ يورو 50پئسا اضافي سان  262 مان 262.5 رپين تي پهتا هئا