ڪراچي(ڪامرس نيوز) سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ ٿي وئي. رپورٽن موجب ڪالهه سونارا مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت ۾ 2200 رپا في تولو واڌ نظر آئي. هڪ ڏينهن اڳ في تولي جي قيمت 2 لک 20 هزار 600 رپيا هئي جيڪا ڪالهه وڌي 2 لک 22 هزار 800 رپيا ٿي وئي. 10 گرام سون 1886 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 91 هزار 15 رپين جو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 20 ڊالر واڌ سان 2085 ڊالر في اونس رهي. لاڙڪاڻي جي صرافا مارڪيٽ ۾ سون 2 لک 19 هزار 800 رپيا رهيو. چاندي جي قيمت 2560 رپيا تولو برقرار رهي.