ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ) سون جي مٿانهين اڏام: تولو  سوا 2 لک رپين کان به وڌي ويو، ڊالر 0.85 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 2800 رپين جي واڌاري سان 222700 مان 225500 رپيا في تولو تي پهچي ويو، جڏهن ته چاندي 10 رپين جي اضافي سان 2250 مان 2260 رپيا في تولو ٿي وئي، هوڏانهن  ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 0.85 پئسن جي لاٿ سان 289.5 مان 288.65 رپين تي پهتو، ٻئي طرف  پائونڊ ۽ يورو 10 پئسا واڌ سان 360 مان 360.1 ۽ يورو 316 مان 316.1 رپين تي بند ٿيا