سوناڪشي کي ور ملي ويو، هلندڙ مهيني ئي لائون لهندي

0
30
سوناڪشي کي ور ملي ويو، هلندڙ مهيني ئي لائون لهندي
سوناڪشي کي ور ملي ويو، هلندڙ مهيني ئي لائون لهندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سونا ڪشي سنها اداڪار ظهير اقبال جي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ شادي ڪرڻ جي دعويٰ سامهون آئي آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب، اداڪارا سوناڪشي سنها جون پنهنجي دوست اداڪار ظهير اقبال سان 23 جون تي ممبئي ۾ شادي ڪرڻ جو خبرون گردش ڪري رهيون آهن. اداڪارا جي شادي جون تقريبون ممبئي ۾ ٿينديون، ٻئي پاسي شادي جو دعوت نامو مئگزين جي ٽائٽل جيان ڊيزائن ڪيو ويو آهي جنهن تي لکيل آهي ته ” افواهون سچ ثابت ٿيون

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سوناڪشي ۽ ظهر جي شادي ۾ سندن ويجهن دوست ۽ گهرڀاتين کانسواءِ ويب سيريز هيرامنڊي جي سموري ڪاسٽ کي به دعوت ڏني وئي آهي

ياد رهي ته سوناڪشي ۽ اداڪار ظهير جي لاڳاپن جو خبرون ڊگهي عرصي کان گردش ڪري رهيون هيون جڏهن ته عوامي سطح تي ٻنهي اداڪارن طرفان اڃا تائين هڪ ٻئي لاءِ ان تي ترديد جا تصديق ناهي ڪئي وئي