ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا سوناڪشي سنها ۽ ظهير اقبال جي شادي تي ٿيندڙ ٽرولنگ تي پنهنجي ردعمل ڏيندي سوارا ڀاسڪر چيو آهي ته سوناڪشي هندو سان شادي ڪري يا مسلمان سان، اها ان جي مرضي آهي،ا سين ڪير ٿيندا آهيون جج بڻجڻ وارا. سوارا ڀاسڪر سماجي وادي پارٽيءَ جي اڳواڻ فهد احمد سان ٿيندڙ تنقيد جو ذڪر ڪندي چيو ته هن وقت جديد ڀارت ۾ هڪ وڏو مسئلو اِهو غلط تصور آهي جيڪو ان وقت پکيڙيو ويندو آهي جڏهن ته هندو ڇوڪري ڪنهن مسلمان ڇوڪري سان شادي ڪندي آهي ته ان کي لو جهاد جو نالو ڏنو ويندو آهي، اهڙي واويلا منهنجي شاديءَ تي پڻ ڪئي وئي هئي. هن چيو ته محبت جي عالمي ڏهاڙي ( ويلينٽائن ڊي ) جي موقعي تي مختلف مذهن سان واسطو رکندڙ جوڙن کي مختلف شهرن ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، منهنجي شادي تي به ڪيئي ماهرن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو هو. سندس چوڻ ته اسان بالغن جي شادي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هو پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ڇا ڪندا؟ ڇا هو شادي ڪندا يا نه، اِها سندن مرضي آهي، جنهن ڪنهن جو ڪو لهڻو ليکو ڪونهي. هن چيو ته نوجوان ڪورٽ وڃي شادي ڪن، نڪاح ڪن يا وري آريا سماج جي رسمن تحت شادي ڪن، اِهو ان مرد ۽ عورت ۽ سندن ڪٽنبن جي وچ جو معاملو آهي. اداڪارا چيو ته سوناڪشي مسلمان سان شادي ڪري يا هندو سان هن مرضي، اسان کي جج نه بڻجڻ گهرجي..