اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي، سينيٽ ۾ اهڙو ٺهراءَ يڪراءِ منظور ڪيو ويو، پ پ سينيٽر بهرمند خان تنگي سينيٽ اجلاس ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز جي سرحدن جي حفاظت توڙي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، دشمن پاڙيسرين جي هوندي مضبوط فوج ۽ سيڪيورٽي ايجنسيز هجڻ اڻٽر آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پاڪ فوج خلاف بدنيتي تي ٻڌل پروپئگنڊا ڪئي پئي وڃي، ٺهراءُ ۾ حڪومت کان پروپئگنڊا ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو. قرارداد جي منظوري وقت ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، جي يوآءِ سوڌو مختلف پارٽين جا سينيٽرز موجود هئا جن مان ڪنهن به  قرارداد جي مخالفت نه ڪئي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي بهرامند تنگي پاران مٿي ڄاڻايل قرارداد جو سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جيڪو متن جمع ڪرايو هيو ان ۾ اهو به مطالبو ڪيو ويو هيو ته پاڪ فوج خلاف منفي ۽ بدنيتي تي ٻڌل تنقيد ڪندڙن کي قانون مطابق سزا ڏيڻ کانسواءِ کين عوامي عهدن لاءِ 10 سالن لاءِ نااهل ڪيو وڃي، اهڙو متن ڪالھوڪي سينيٽ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ به شامل هيو پر جڏهن قرارداد جو متن بهرامند تنگي منظوري لاءِ پيش ڪيو ته ان دوران هن فوج تي تنقيد ڪندڙن کي  ڏهن سالن لاءِ نااهل ڪرڻ وارو مامرو ڪٽي ڇڏيو، ان جي جاءِ تي اهڙن ماڻهن خلاف قانون مطابق سخت ڪاروائي ڪرڻ جا لفظ شامل ڪيا ويا.  قرارداد جي منظوري کان اڳ بهرامند تنگي ڳالهائيندي چيو ته منظور پشتين فوج لاءِ جيڪا زبان استعمال ڪئي ان جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آھي، جيڪو فوج خلاف ڪڙي زبان استعمال ڪري ان زبان کي ڪٽڻ گهرجي، سوشل ميڊيا تي فوج خلاف ڳالهائڻ کي روڪيو وڃي، سينيٽ ۾ ثمينه ممتاز زهري جي به قرارداد منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته  يونيورسٽين جي ڪيمپسز جي شاگردن ۾ هيروئن،ڪوڪين، نشي جو گوريون ۽ نشي جون دوائون استعمال ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آھي، نشي جي روڪٿام واري پاليسي تي تعليمي ادارن ۾ عملدرآمد ڪيو وڃي جڏهن ته ايوان ۾ مختلف سينيٽرن مختلف قانونن ۾ ترميم جا 23 بل به پيش ڪيا جيڪي لاڳاپيل ڪاميٽين  کي وڌيڪ غور لاءِ اماڻيا ويا. سينيٽ ۾ جي يو آءِ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته ملڪ ۾ امن ناهي، اُن باوجود ادارا ۽ عدليه چونڊون ڪرائڻ جي ضد تي آهن، عام چونڊن لاءِ امن امان لازمي آهي، مولانا عبدالغفور چيو ته مولانا فضل الرحمان تي حملو ٿيو، مون کي به مونکي به ٿريٽ آهن، بلٽ پروف گاڏي گهري ته چيو ويو ته پاڻ وٺو، آئون ڏهه ڪروڙ جي گاڏي ڪٿان وٺان، مونکي دهشتگردن جي حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسان کي چونڊن کان پري رکڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، مهم ڪيئن هلايون؟ اهڙن واقعن ۾ اليڪشن ڪيئن ٿيندي، اي اين پي جي هدايت الله چيو ته 2013 جي چونڊ ۾ باقي ملڪ لاءِ فخر الدين جي ابراهيم ۽ اسلام لاءِ بيت الله محسود چيف اليڪشن ڪمشنر هيو، هن چونڊ ۾ به اسان سان ائين ٿيو ته نتيجا خطرناڪ نڪرندا، جڏهن ته لاپتا ماڻهن بابت  اسلام آباد ۾ بلوچ  عورتن جي  ڌرڻي جو مامرو  به سينيٽ ۾ پهتو، سينيٽر محمد اڪرم چيو ته سمورن شراڪت دارن، سيڪيورٽي ۽ عدليه سميت ھڪ بااختيار ڪاميٽي جوڙي ڳالھيون ٿيڻ گھرجن. سينيٽر اڪرم چيو ته بلوچ عورتن سان پوليس جو رويو انتھائي نامناسب ھيو، بلوچستان سان گڏ سنڌ، ڪي پي ڪي جي ماڻھن کي به کنڀيو ويندو آھي. جن ماڻھن کي کنيو ويندو آھي انھن کي دھشتگرد نٿو چئي سگھجي، سينيٽر مشاق چيو ته ھي رياستي دھشتگردي آھي. حڪومت بلوچ مظاھرين کان معافي گھري. چيف جسٽس ان جو نوٽيس وٺي. بلوچستان مان ڊيٿ اسڪواڊ ختم ڪيا وڃن. سيڪيورٽي جي آڙ ۾ ماڻھن کي چونڊ مھم کان روڪڻ، تجويز تائيد ڪندڙن کي کنڀڻ، نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ اھڙي اليڪشن کي اليڪشن پر سليڪشن چئبو.  سينيٽر طاھر بزنجو چيو ته لاپتا ماڻھن جو مسئلو ھاڻي ملڪ گير بڻجي چڪو آھي، بلوچستان مان لاپتا ماڻھو ھڪ حقيقت آھن، ھي ڪو افسانو ناھي. جوابي بيانو ٺاھڻ بجاءِ ذميوار ان مسئلي کي ھميشه جي لاءِ حل ڪن. ثمينا ممتاز چيو ته بلوچستان جي عورتن کي ھتي موڪلڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي، ھِتي اچي سيڪيورٽي فورسز خلاف ڳالھائين ٿيون. ھر ڪو اسلام اچي ويھي رھي ٿو، ھتي سموري ڳالھه اليڪشن جي آھي ڪا مسنگ پرسن جي ناھي. ھي سڀ بليڪ ميلنگ جي ڳالھه آھي. ھي سڀ اليڪشن کان اڳ ڇو آيا آھن.