سوال/سروي وزيراعظم جو بيان رد: حڪومتي ڪارڪردگي زيرو قرار:سرڪار مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو: عوام

0
410

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اڍائي سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي تي فخر آهي، ڪرپشن مان فائدو کڻندڙ هر شخص منهنجي خلاف بيٺل آهي، اوهان وزيراعظم جي ان بيان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ ڇا اوهان حڪومتي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومتي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي بيان کي رد ڪيو، حڪومت ۽ وزيراعظم مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي، عوام چيو ته حڪومت مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو، اڍائي سالن ۾ حڪومتي ڪارڪردگي زيرو رهي آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ڪامريڊ منان چانڊيو لکيو ته عمران کي سياستدان ئي نٿا سمجهون، سندس هر بيان، موقف يا دعويٰ مون کي مذاق لڳندي آھي. سندس دورِ حڪومت ۾ ھر شعبي ۾ ابتري ڏسڻ ۾ اچي پئي. مهانگائي جي شرح چوٽان چوٽ آهي. موسيٰ ڪاظم لکيو ته عمران خان جي اڍائي سالن جي حڪومت غريب ۾ عوام کي 5 سال پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. گل حسن شر لکيو ته عمران اها سروي عوام کان ڪري، پرويز علي خاصخيلي لکيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ حڪومت ناڪام وئي آهي، فيصل وزير مري لکيو ته پي ٽي آءِ کي حڪومت ملڻ کان اڳ ئي خزانو خالي هو، نواز ليگ ۽ پ پ جي ڪري مهانگائي ٿي آهي، حمادالله ڪنڀر لکيو ته وزيراعظم کي شرم اچڻ گهرجي، حسين بگٽي لکيو ته سڄو ملڪ تباهي ڪناري پهتل آهي پر هي پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي تي فخر ڪري رهيو آهي، نماڻو نوناري لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي زيرو آهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته اڍائي سالن ۾ مهانگائي وڌڻ سبب غريب ماڻهو ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي حڪومتي ڪارڪردگي زيرو آهي، مختيار حمالي لکيو ته وزيراعظم جي ان بيان مان ڪير به مطمئن ناهي، مھانگائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه عوام کان ناهي مليو، طارق باجڪاڻي لکيو ته عمران جي وزيراعظم ٿيڻ بعد مهانگائي ۽ ڪرپشن وڌي وئي آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته مهانگائي گذريل حڪومتن جي ڪري آهي، سڪندر مهر لکيو ته عمران سرڪار غريبن کي ڪو به رليف ناهي ڏئي سگهي، رڪارڊ مهانگائي غريبن کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آهي، اڍائي سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي مان بلڪل مطمئن ناهيون، عاشق حسين لکيو ته اڍائي سال صرف ڊرامو ڏٺو آھي ، شنڪر باغي لکيو ته عمران خان جو به ڏوهه ڪونهي هن هو پاڻ ٻاهر نڪري ڪونه ٿو باقي هن جا وزير مشير سڀ چوندا هوندا ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آھي، غريب ماڻهو حڪومت کي بدعائون ڏين ٿا، بشير ميراڻي لکيو ته اڍائي سالن ۾ مهانگائي ۽ ڪرپشن وڌي آهي، عرفان سيلرو ۽ ايوب احمد کوسو لکيو ته وزيراعظم جي بيان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، ذوالقرنين لنڊ لکيو ته سنڌ جي احساس ڪفالت سينٽرن مان مستحقن جي امدادي رقم مان ٿيندڙ ڪٽوتي جي دانهن طرف به توجهه ڏيڻ گهرجي. عبدالجبار بلوچ لکيو ته حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، علي عباس شر لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي زيرو آهي، علي مراد لاشاري لکيو ته وزيراعظم جي بقول سندس پگهار مان گذارو نٿو ٿئي، باقي هن ملڪ ۾ کير جون نديون وهائي ڇڏيون آهن، مير سردار چنڙ لکيو ته حڪومت ملڪي تباهي ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، عوام ڪارڪردگي مان مايوس آهي. صوفي منصور پڻ سروي ۾ حصو ورتو، غفار احمد لاشاري لکيو ته مهانگائي جي ڪري غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، گلاب خاصخيلي لکيو ته اڍائي سالن ۾ عمران حڪومت ڪرپٽ ماڻهن کي ته سوڙهو ڪيو آهي پر مهانگائي جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي، نورالدين مسرور لکيو ته وزيراعظم جي ڳالهين تي کل ايندي آهي، اعجاز راڄڙ لکيو ته ملڪ ۾ مهنگائي ۽ بيروزگاري گهر ڪري وئي آهي، ضمير بلوچ لکيو ته مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي، حسين آزاد لکيو ته وزير اعظم جي جي ڪارڪردگي نه هئڻ جي برابر آھي، ارمان الهداد ڪنڀر لکيو ته عمران خان رڳو دعوائون ڪري رهيو آهي، جاويد اختر ٽالپر لکيو ته ظالم حڪمران آهن، سيف سومرو لکيو ته اڍائي سالن ۾ حڪومت ڇا ڪيو آهي؟ پرويز علي لکيو ته حڪومتي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون، فريد جعفر لغاري پڻ سروي ۾ حصو ورتو، سليم اختر لکيو ته مهانگائي جو هر دور ۾ مسئلو رهيو آهي، منيش واسو لکيو ته وزيراعظم ڪوڙ ٿو ڳالهائي، معذورن لاءِ 2 هزارن جو اعلان ڪيو هو ان تي عمل ناهي ڪيو، ادريس ڪلهوڙو لکيو ته بيوقوف آهي، بابر ستار هاليپوٽو لکيو ته اسان هن حڪومت جي ڪنهن به ڪارگردگي مان مطمئن ناهيون، محمد وارث رند لکيو ته وزيراعظم پاڻ سڄي ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو، سعيد حمد ڪٻر لکيو ته ناراض نه ٿجو، وزيراعظم ڀلجي ويو هن کي چوڻ جو مطلب هو ته مونکي شرم نٿو اچي، صدرالدين جوڻيجو لکيو ته وزيراعظم ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي ۽ چوي ٿو ته فخر آهي، سندس بيان تي کل ٿي اچي، بادل سگراماڻي لکيو ته وزيراعظم جو بيان غلط آهي، نادر مري لکيو ته اڍائي سال صرف حڪومتي ڊرامو ڏٺو آهي، معشوق بلوچ، عبدالله ميراڻي، عيدل ڪنڀر، جاويد ڪيريو، سينگار علي، اظهر وهاب، اسلم سومرو، صدر ميراڻي، فرمان چانڊيو، ايم موسيٰ لغاري به حڪومتي ڪارڪردگي تي عدم اعتماد جو اظهار ڪندي وزيراعظم ۽ حڪومت مٿان تنقيد ڪئي.