سوال/سروي وزيراعظم جون وايون بتال ٿي ويون آهن، ٽينشن ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري: عوام

0
124
سوال/سروي وزيراعظم جون وايون بتال ٿي ويون آهن، ٽينشن ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ اپوزيشن جو سياسي موت ثابت ٿيندي، زنجيرون کلي ويون، هاڻ منهنجي بندوق جو رخ زرداري ڏانهن هوندو، وزيراعظم جي ان بيان کي اوهان ڪئين ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وزيراعظم عمران خان جون وايون بتال ٿي ويون آهن، گهٻرايل آهي، لڳي ٿو ته سندس وقت پورو ٿي ويو آهي، ٽينشن ۾ ان قسم جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، وزيراعظم اهڙي ڳالهين تي صفا نه وڻيو، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالله سومرو لکيو ته وزير اعظم پنھنجي ڪرسي لڏندي ڏسي پنھنجا ھوش حواس وڃائي ويٺو آھي، ايندڙ سيٽ اپ ڊگھو عرصو تائين ھلندو جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پ پ، پنجاب ۾ ن ليگ ۽ ڪي پي ڪي ۾ جي يو آءِ جي حڪومت ٺھندي نظر پيو اچي، گل حسن شر لکيو ته عمران خان جون وايون بتال ٿي ويون آهن ھاڻي شايد پويلين واپس ويندو انڪري ان قسم جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي،

عاشق حسين لکيو ته وزيراعظم ھارايل شخص جهڙيون ڳالهيون ڪري رھيو آھي پر اصل ان جون ڄنگهون ڏڪن ٿيون، ھاڻي صرف ڀڀڪيون لڳائي رھيو آھي وقت پورو ٿي ويو لڳي ٿو ، ھن دفعي اپوزيشن ۽ آصف علي زرداري پوري تياري سان عدم اعتماد جي تحريڪ جي تياري ڪئي آھي باقي وزيراعظم ٽن سالن ۾ آصف علي زرداري جو ڪجھه نه ڪيو ھاڻي ڇا ڪندو، جاويد هڪڙو لکيو ته وزيراعظم پنهنجو عزت ۽ اقتدار وارو وقت گذاري چڪو آهي هاڻي ان جي شرمساري جو وقت شروع ٿي ويو آهي هاڻي هارايل رانديگر وانگر ان جي راند تيزي سان شڪست ڏانهن وڌي رهي آهي، سنتوش ڪمار لکيو ته وزيراعظم ڊنل آهي، لفظ به ان جو ساٿ نه ڏئي رهيا آهن، هن لاءِ ڏکيائيون پيش اچي سگهن ٿيون، چور سڀ گڏ ٿيا آهن، ڪجهه نه ڪري سگهندا، عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. رياض امر ٻجورو لکيو ته وزيراعظم پاران ڏنل جواب جون اخلاقي حدون پار ٿي ويون، سياسي بيان بازي بدران ھاڻي ذاتي دشمني تي لَھي آيو آهي افسوس ئي ڪري ٿو سگھجي،

الياس سمون لکيو ته اپوزيشن ته هونئن به ناڪام آهي وزيراعظم جا ھلندڙ يورپ ۽ آمريڪا کي جواب جيڪي ملن پيا انھن بنيادن تي آمريڪا جي اشارن سان اپوزيشن هلي رهي آهي پر ناڪام ٿيندي، مولائي ياسر علي کٽياڻ لکيو ته عمران خان ان ڳالهه ۾ اسان کي نه وڻيو، مولائي اسد ماڇي لکيو ته سڀ ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن عوام کي بيوقوف پيا ڪن، مير سڪندر سولنگي لکيو ته اھو سياسي بيان آھي، حسين آدرش لکيو ته عمران خان هن مهل تائين اپوزيشن کي سياسي انداز ۾ جواب ئي نه ڏئي سگهيو آھي پر ان جي ابتڙ سندس رويو ۽ لهجو غلط آهي ڌمڪين وارو آهي، علي احمد لغاري لکيو ته چورن جو ٽولو اچي گڏ ٿيو آهي اپوزيشن فلاپ ويندي، اويس ملاح لکيو ته اپوزيشن اتحاد جي سموري پارٽي سربراهن سميت اڳواڻن تي ڪرپشن سميت مختلف ڪيس داخل آهن، انهي مان نٿو لڳي اهي ڪامياب ٿي سگهن، لياقت نهڙي لکيو ته بلڪل سچ ٿو چئي هاڻي زرداري تي هلڪو هٿ ڪونه رهندو عمران خان جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکاريندو آهي، حسين ٽانوري لکيو ته بس عوام پئي ٿي پيڙھجي ھنن کي ڪھڙو فڪر آهي ملڪ ۾ ڏسو ته مھانگائي ڪٿي پهتي آهي سياستدان ته بس پنھنجي ڪرسي جي ڪري اٽڪيا پيا آھن ھنن کي عوام جو فڪر ئي ناھي،

رئوف عباسي لکيو ته سياسي اخلاقيات به ڪا شيءِ هوندي آهي، ڪنھن سياستدان بابت اھڙي ٻولي سونھين نٿي، ٻلونت سنگهه سوڍو لکيو ته چار سالن ۾ رڳو ڀڙڪيون ڏنيون آھن عوام سورن ۾ آهي، پر وزيراعظم صاحب رڳو اپوزيشن کي چور چور چوڻ ۾ پورو آهي، ثاقب علي ناريجو لکيو ته اسلام آباد وارو لانگ مارچ ڏسي عمران خان جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو آهي. هاڻي بندوق جون ڳالهيون ٿو ڪري، آسودومل لوهاڻو لکيو ته اڃان ته رڳو بي اعتمادي جي رٿ جمع ٿي آهي ان تي عمران خان بيوقوفن واريون ڳالھيون پيو ڪري ساڍن ٽن سالن ۾ زرداري کي ڪجھه ڪونه ڪري سگهيو هاڻي ڇا ڪندو اهي رڳو گدڙ جون ڀڀڪيون آهن، عبدالمجيد ٻٻر لکيو ته عمران خان ويچارو ٽينشن ۾ آهي، تڏهن اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري، آزاد اسدالله هنڱورجو لکيو ته وزيراعظم صحيح ٿو چوي، لياقت علي ڀنڊ لکيو ته عمران خان اڳ ۾ زرداري کي گھليو آھي جو ھاڻي زرداري کي نشاني تي ٿو آڻي، عمران خان حڪومت ۾ ايندي مخالفن سان جيڪو ڪيو آهي اھيو گھٽ آهي ڇا،

مطيع الرحمان لکيو ته عمران خان سدائين اهڙيون ئي ڳالهيون ڪيون آهن، هڪ پارٽي جو سربراهه جيڪو وزيراعظم به آهي، اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ٽينشن ۾ ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪندو آهي، منيش واسو لکيو ته عوام مھانگائي ۾ پيسجي رھيو آھي عمران جو وڃڻ لازمي ٿي ويو آھي اسين ته چاھيون ٿا ڪا اھڙي حڪومت اچي جيڪا عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري، غلام رضا راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته تبديلي سرڪار جي وزيراعظم کي اڃا تائين اسٽبلشمينٽ جي سپورٽ حاصل آهي تڏهن ته اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي، جڏهن به وڏي سرڪار هٿ ڍرا ڪيا ته سڃاڻپ ۾ به نه ايندو، قربان ميراڻي لکيو ته خوف ۾ مبتلا وزيراعظم چريو ٿي ويو آھي يقينن بي اعتمادي رٿ عمران لاءِ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي، مولابخش لغاري لکيو ته آصف زرداري کي هي ڪجهه به نٿو ڪري سگهي، اظهر مصطفيٰ لکيو ته اھا به ھڪ سياسي گيم آهي ۽ عوام صرف تماشو ڏسي. الهڏنو بلوچ لکيو ته مونکي نٿو لڳي ته اپوزيشن ڪامياب ٿيندي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ڪجهه نه ٿيندو عوام کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، رياض احمد لکيو ته وزيراعظم عمران خان برطانيا ڀڄي ويندو، ڊاڪٽر خليق زمان لکيو ته عمران خان گهٻرايل آهي.