سوال/سروي … نيٺ ٿيندو ڇا ؟ … پيٽرول اگهن ۾ واڌ رد: وزيراعظم استعيفا ڏئي: عوام

0
202
سوال/سروي ... نيٺ ٿيندو ڇا ؟ ... پيٽرول اگهن ۾ واڌ رد: وزيراعظم استعيفا ڏئي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت جو رات جي اونداهي ۾ عوام تي وار، پيٽرول ۽ ڊيزل 8-8 رپيا ۽ گاسليٽ سوا 6 رپيا لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو حڪومت جي ان قدم کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمنيٽ ڪندي محسن ملاح لکيو ته عمراني سرڪار ملڪ اندر مهانگائي جو سيلاب آڻي ملڪ ۾ رهندڙ غريب عوام جو ساھ ڪڍي ڇڏيو آهي فضل لکيو ته آفيس لاءِ گهر کان نڪتس ته موٽرسائيڪل اسٽارٽ ئي نه پئي ٿئي، ڪاوڙ ۾ اچي موٽرسائيڪل کي ڏاڍيون گاريون ڏنيون، اونڌو ڪرڻ بعد ڌڪا ڏئي نيٺ پئٽرول پمپ تي پهتس، ڪاٽن جو وڳو پهريل هو، داٻي سان پيٽرول کي واري چيو ته 100 رپين جو پيٽرول وجهيس، پمپ واري ٽانڪي کي نوزل سنگهائي واپس ڪڍي ڇڏيو، مون کي لڳو ٺڳي ڪئي اٿئين، رستي ۾ ئي وري موٽرسائيڪل بند ٿي وئي، پمپ واري کي گاريون ڏنيون،

ڌڪو ڏئي ٻئي پمپ تان 50 رپين جو پيٽرول ڀرايم، خيرن سان آفيس پهتس ته خبر پئي پيٽرول رات 9 رپيا مهانگو ٿي ويو آهي، هاڻي ڇا ڪجي، هر شيءِ جا اگهه وڌي ويا آهن، جبار لغاري به سروي ۾ حصو ورتو، بابر وساڻ لکيو ته مهانگائي جو طوفان کڙو ڪري عوام کان جيئن جو حق کسيو پيو وڃي ٿو، وحيد ڄامڙو لکيو ته موجوده حڪومت عوام دشمن ثابت ٿي آھي حڪومت جي غلت پاليسين سبب ملڪ ملڪ اندر مھانگائي وڌي رھي آھي ، غلام مصطفيٰ زرداري لکيوته بس دعا ڪيو ت مولانا فضل رحمان اچي. ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڪنهن کي معيار ڏجي.

غلام علي ٻجورو لکيو ته حڪومت عوام کان ماني جو گرهه کسي ورتو، الطاف کوڙ لکيو ته ھنن حڪمرانن مهانگائي ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ناھي ڇڏي، شنڪر باغي لکيو ته آخر ويچارا پاڻ ڪٿان کائيندا، محمد خالد ميمڻ لکيو ته مهانگائي اڳ ئي اسان عوام جو جيئڻ ڏکيو ڪري ڇڏيو آھي هن عمراني حڪومت مان هاڻي ته اسان صفا بيزار ٿي پيا آھيون، خدا ڪري هي حڪومت ختم ٿئي، آصف علي ميمڻ لکيو ته وفاقي حڪومت ملڪ جي عوام کي ريليف ڏيڻ بدران ڏينهنون ڏينهن مهانگائي ڪرڻ ۾ پوري آهي، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سان هر شي مهانگي ٿيندي، 500 ڏهاڙي ڪمائيندڙ مزدور طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي.مدثر کهاوڙ لکيو ته پئٽرول مهانگو هجڻ ڪري غريب عوام ڏچي ۾ اچي ويو آهي،

طارق باجڪاڻي لکيو ته ملڪ کي ڪڏهن سٺو حڪمران ئي ناهي مليو، عبدالجبار لوڊو لکيو ته عمران سرڪار جو رليف پيڪيج صرف مهنگائي تان ڌيان ھٽائڻ آھي، عرفان سيلرو لکيو ته حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، سڪندر مهر لکيو ته ٻڏي مرڻ کپي حڪمرانن کي، تبديلي سرڪار مهنگائي جا سڀ ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. مڪيش ڀوراڻي لکيو ته حڪومت عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، سردار ايم لنجو لکيو ته عوام کي خودڪشي تي مجبور ڪيو ويو آهي،

مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته هر مهيني حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائي رهي آهي، انتظار حسين، آفتاب سليمان، محمد پريل گهوٽو، رضا راڄپر، سمير احمد، فاروق کوسو، ممتاز علي سميجو به سروي ۾ حصو ورتو، حاڪم ڪٽوهر، علي گل شيخ، عبدالقادر گبول، شبير حسين ڀوت، حمادالله ڪنڀر، عبدالقدير جوڻيجو، فرمان چانڊيو، عبدالمجيد شيخ، عرفان جروار، علي رضا، منصور مڱريو، عبدالرحمان چانگ، حميد گل راڄپر، ڪاشف علي، ايم عيسيٰ لنڊ، نماڻو نوناري، جي ايم بلالاڻي، نورمحمد سومرو، ظهير ٻٻر، ضمير حسين، آدم پتافي، زمان چانڊيو، تنوير سنجا، جمال الدين چنا، مجاهد رند، عابد ڀٽي، مڪيش ڀوراڻي، خاموش خليل شر، عبدالستار بلوچ ۽ ٻين پڻ راءِ جو اظهار ڪيو ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي وزيراعظم کان استعيفا جو مطالبو ڪيو عوام پاران چيو ويو ته حڪمرانن پاران رات جي انڌيري ۾ پيٽرول بم ڪيرايو ويو، ايئن لڳو دشمن حملو ڪري ڇڏيو آهي.