سوال/سروي … مهانگائي سبب خريداري ڪرڻ به جنگ فتح ڪرڻ کان گهٽ نه آهي: ڪير ڪٿي ۽ ڪيئن عيد ملهائيندو؟ عوام جي راءِ

0
19

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم  نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عيد الاضحيٰ اوهان ڪٿي ۽ ڪيئن ملھائيندا؟ اوهان عيد الاضحيٰ لاءِ ڪھڙيون تياريون ڪيون آهن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته مهانگائي جي ڪري خريداري ناهي ڪئي، خوشي گهٽ آهي، مهانگائي سبب خريداري ڪرڻ به جنگ فتح ڪرڻ کان گهٽ نه آهي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي راشد ڀٽي لکيو ته عيدالاضحيٰ جي تياري آهي گهر ۾ رکيل ڪات ۽ ڇري تکي ڪرائڻ لاءِ شهر کڻي آيا آهيون ۽ عيد پنهنجي گهر ۾ ملهائينداسين فجر نماز بعد والد مرحوم جي قبرستان ۾ حاضري ڀرڻ کان پوءِ عيد نماز پڙهي قرباني واري جانور جو گوشت پاڻ وڃي ڳوٺ ۾ گهر گهر ورهائي پوءِ اچي سمهي پونداسين، ساگر امير حيدر لکيو ته مسلسل ٽن عيدن دوران امڙ ڀاءُ ڀاڄائي ۽هن عيد تي پڦي جي وڇوڙي سبب عيد گهر ۾ گذاربي ۽سادگي سان رهبو ڇو جو پيارن جي وڇوڙن سبب وجود وکريل آهي، عرفان جروار لکيو ته پھرين قبرستان تي وڃبو پوءِ قرباني ڪبي ھن کانپوءِ پنھنجي صحافت جا فرائض سرانجام ڏبا پنھنجي علائقي ۾ عيد ملھائينداسين،  عبدالرحمان چانگ لکيو ته عيد نماز پڙھي عيد ڳوٺ ملهائينداسين . مهانگائي بيروزگاري سبب ڪا به خريداري نه ڪئي آهي،  راجا حيدر لکيو ته ڪا تياري ناھي ڪئي ھر سال جيان سادگي سان پنھنجي ڳوٺ منظور آباد ۾ سمھي ڏينھن گذارينداسين البته عيد جي شام زرعي زمين تي وڃي ڪڙھائي ٺاھي سنگت سان ڪچهريون ڪبيون، گلزار جاني لکيو ته عيد جي ڪا تياري ناهي غلام قومن جي ڪهڙي عيد ٿيندي خاص طور سهڻي سنڌ جا ماڻهو ماني ڳڀي کائڻ لاءِ پريشان آهن ڏهاڙيدار طبقو بيوس لاچار بڻيل آهي، دليپ آزاد لکيو ته ٻارن سان گڏ پورٽ گرانڊ ويندا سين، مظفر شبير بوزدار لکيو ته عيد سادگي سان پنهنجي ڳوٺ حبيب الله خان بوزدار لڳ لعل بخش ڪلهوڙو ۾ پڙهنداسين ۽ هي عيد ٻارن ٻچڙن فيملي وارن سان ملهائيندا آهيون، اعزاز علي رانجھاڻي لکيو ته ذميواريون ملڻ بعد پنهنجي خريداري وسري وئي آهي بس هاڻ گهروارن ۽ ٻچڙن جي پورت ۾ ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهيون مهانگائي سبب خريداري ڪرڻ به جنگ فتح ڪرڻ کان گهٽ نه آهي عيد نماز ادا ڪرڻ بعد وڏڙن جي مزارن تي حاضري ڀري مٽن مائٽن سان ملي پوءِ گهر ۾ آرام ڪنداسين. اسد زرداري لکيو ته عيد سادگي سان پنهنجي ڳوٺ ۾ پڙهنداسين ۽ هي عيد صرف پنھنجي ٻارن ٻچڙن فيملي وارن سان ۽ پنھنجي شھر جي دوستن سان ملهائيندا آهيون مھانگائي سبب ڪا خاص تياري ناھيون ڪري سگھيا، علي غلام بلوچ لکيو ته اسان رولي ماڻهون رلياسين ته ڇا هي شايد هي ٽي عيد اسان پرديس ۾ ڪئي پنهنجن کان دوري تمام سادگي سان عيد مالهائينداسون خوش پنهنجن سان هوندي آھن، مختيار مولائي لکيو ته عيد تمام سادي نموني پنھنجي شھر تنگواڻي ۾پرين پيارن سان گڏ ملھائبي، فقير ڪامران علي لکيو ته تياريون ناھن پر سادگيءَ سان عيد پنھنجي ڳوٺ صوڀو خان رند ۾ ملهائينداسين، ذوالفقار علي لکيو ته غريب ماڻهن جي ڪھڙي عيد ، خالي عيد نماز پڙهي ڪري گھر جو رخ ڪنداسين ۽ ٽي وي آن ڪري کٽڙي تي ويهي ڪا پراڻي فلم ڏسنداسين، گل حسن خاصخيلي لکيو ته سنت ابراھيمي جي ادائگي بعد پنھنجي والدين جي مزارن تي چار قل  پڙھڻ ۽ گل رکڻ کانپوءِ گوشت کڻي ڪباب پچائي کائينداسين، احسان علي چانڊيو لکيو ته عيد پنهنجي شھر خيرپورناٿن شاھ ۾ ملهائينداسين باقي تياريون اهڙيون خاص ناهن ڪيون، خميسو آريسر لکيو ته غريبن جي ڪهڙي عيد هوندي آهي بس عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ غريب گوشت جي لاءِ در تي بيهي گوشت وٺندا، جنيد جمالي لکيو ته عيد نماز کانپوءِ قرباني جي تياري ڪبي، شاهد بلوچ لکيو ته عيد نماز مان پنهنجي ڳوٺ محمد يوسف شر ۾ پڙهندس عيد گهر وارن سان ملهائينداسين مهانگائي هئي پر قرباني لازمي ڪرڻي آهي خريداري ڪئي غريبن ۾ گوشت ورهائبو، ابوصفيان لکيو ته پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجن ڀائرن ڀائٽن سان گڏ پڙهنداسين،مهانگائي سبب سادگي سان عيد ملهائبي، الله ڏنو شر لکيو ته پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجن ڀائرن ڀائٽن سان گڏ عيد نماز پڙهنداسين، نور محمد سومرو لکيو ته ذميواريون ملڻ بعد پنهنجي خريداري وسري وئي آهي بس هاڻ گهروارن ۽ ٻچڙن جي پورت ۾ ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهيون مهانگائي سبب خريداري ڪرڻ به جنگ فتح ڪرڻ کان گهٽ نه آهي، عبدالقدير پتافي لکيو ته نماز پڙهنداسين ٻيو ڪجهه نه، عادل الاهي بخش لکيو ته ڪا به تياري نه آهي عيد سادگي سان ملهائبي ۽ شهيد صحافت نصراالله گڏاڻي جي نانءُ ڪيان ٿو، محمد فياض وساڻ لکيو ته پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجن سان عيد ملهائينداسين، جاويد برفت لکيو ته مهانگائي سبب ڪا به تياري ناهي ڪئي بس سادگي سان عيد ملهائبي، مير مجيد شيخ لکيو ته عيد نماز پڙھي عيد ڳوٺ ملهائينداسين . مهانگائي بيروزگاري سبب ڪا به خريداري نه ڪئي آهي، الطاف حسين خاصخيلي لکيو ته سڄو شھر ويران ڪاٿي ڪا خريداري ناهي بلڪل اداسي آهي، جي آر چانڊيو لکيو ته ھر سال جيان ھن سال به عيد الاضحيٰ تمام سادگي سان پنهنجي ڳوٺ فقير مولا بخش چانڊيو لڳ منڍ جمڙائو ۾ ملهائينداسين، الهڏنو راهمون لکيو ته عيد پنهنجن ٻچڙن سان ملهائينداسين عيد نماز پڙھي زندگيءَ مان وڇڙي ويل مٽن مائٽن دوستن جي قبرن تي دعا لاءِ وينداسين قرباني ڪري رکي سمھي رھنداسين ڇو ته ڇتي گرمي آھي لائيٽ جي لوڊشيڊنگ آهي، خاموش خليل شر لکيو ته ڪرونڊي شھر ڊکڻ محلي عيدنماز پڙھي قرباني لاءِ ابا ڻي ڳوٺ استاد خان محمد شر ۾ ماءُ پي ڀائرن دوستن سان ملي عيد مبارڪون ڏئي وٺي عيد قرباني ڪبي، منظور ڪنڀر لکيو ته هتي خوشيون صرف سرمائيدار طبقي لاءِ آهن، عام مسڪين پورهيت طبقي جا ماڻهو خوشين ڀرين ڏهاڙن ۾ پنهنجي هجڻ جو احساس ارپي جيئڻ جو جتن ڪندا آهن، اقتداري ڌريون سنڌ جا وسيلا لُٽي پنهنجون زندگيون آرامده گذاري رهيا آهن…عبدالهادي سومرو لکيو ته شھيدنصرالله گڏاڻي جي وارثن سان اسان عيدنماز کان پوءِ ڏک ۾ برابر جا شريڪ ٿينداسين، رجب بوزدار لکيو ته عيد پنهنجي شهر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي نگري تي ملهائي ويندي ۽ عيد نماز درگاھ تي ادا ڪنداسين، مهانگائي سبب تياري گهٽ ٿي آهي فقط ڪپڙن جي خريداري ڪري سگهياسين، باقي عيد جو ڏهاڙو مٽن مائٽن دوستن ۽ شهرين سان ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ تياريون ڪيون آهن، اعجاز خان گشڪوري لکيو ته پنهنجي ننڍڙي شهر ٽالهي ۾ نماز ادا ڪندا سين، رهي ڳالهه تيارين جي ته ڪپڙو جتي ڪا شئي ڪونهي ورتي ٻار به ضد ڪر ماٺ ٿي ويا آهن ڇو جو غريبن جي خوشي ته هنن سياسي ڪرپٽ حڪمرانن کسي ڇڏي آهي هن مهانگائي ۾ پيٽ گذر مشڪل آهي، سجاد الرحمان سمون لکيو ته اسان پنهنجي خطي ٿرپارڪر جي ڳوٺ آڏي جو تڙ ۾ دوستن سان گڏ جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسون. عيد لئه قرباني جي جانورن جي تياري ڪري ڇڏي آهي، لال محمد رند لکيو ته اسان پنهجي ڳوٺ سمون رند ٿرپارڪر ۾عيد ملهائينداسين تمام تياريون مڪمل آهن قرباني جا جانور به خريد ڇڏيا آهن ڳوٺ ۾ عيد نماز جو مزوئي پنهجو آهي ٻهراڙي جي ماڻهن جو پيار ۽ محبت عيد ملڻ ڏاڍو مزو ايندو آهي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته عيد جون تياريون مڪمل ڪيون آهن اسين هر سال جيان هن سال به پنهنجي شهر لاڙڪاڻي ۾ عيد ملهائينداسين. قاسم خاصخيلي لکيو ته عيد ڪراچي ۾ روايتي طور ملهائينداسين باقي ھڪ غريب جو ڪھڙيون تياريون هونديون ؟ قادر بخش زئور لکيو ته ڳوٺ احمد خان زئور ۾ سنڌ جا وسيلا سنڌ جو روزگار سنڌين جي حوالي ٿيندو تڏھن سنڌين جي عيد ٿيندي باقي رسم خاطر پراڻن ڪپڙن ۾ عيد نماز پڙھي وري به زندگي جي ڪم ڪار ۾، جاويد احمد لاشاري لکيو ته اسان هي عيد شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ناحق قتل تي سادگي سان ملهائينداسين، عرفان جروار لکيو ته پھرين قبرستان تي وڃبو پوءِ قرباني ڪبي، ساگر علي رضا لکيو ته حيدرآباد ۾ عيد ملهائينداسين، سائين بخش پنهور به لکيو ته حيدرآباد ۾ عيد ڪنداسين، زاهد حسين لکيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جي شهادت سبب عيد سادگي سان ڪبي، محمد موسيٰ لغاري به ساڳئي ڳالهه ڪئي، سلمان ابڙو لکيو ته درگاھ شريف پير جو ڳوٺ ۾ نماز ادا ڪري پنھنجي مرشد جي ديدار سان عيد ڪنداسين، امداد علي قادري لکيو ته عيد سادگي سان ڪنداسين، نياز محمد لنڊ لکيو ته پنھنجي ئي ڳوٺ پيارو خان لُنڊ ۾ ھر سال جيان ھي عيد به انشاءَ الله سادگي سان ملهائيندس. يوسف ابراهيم سومرو لکيو ته اسان ھن عيد تي دوست گڏ ٿي سنڌ جي قديمي ماڳ گورک جبل تي وينداسين، ايم اسلم ڪنڀر لکيو ته مان پنهنجي شهر عمرڪوٽ ۾ عيد ملهائيندس، سرمد گاڏهي لکيو ته ڪي اين شاهه ۾ عيد ڪنداسين، ياسين جوڻيجو لکيو ته عيد جا ڏينهن جڏهن به قريب ڏٺم پريشان گهڻا ڏٺم، جمشيد علي لکيو ته ڳوٺ حاجي محمد حسن مشوري ۾ عيد ڪنداسين، جاويد سومرو لکيو ته عيد ٿرپارڪر ۾ ملھائينداسين، عبدالستار انڙ، ڪريم بخش، طارق باجڪاڻي، سڪندر علي گرگيج، ميانداد مري، مراد علي، پرويز جمالي، حافظ محمد راشد مهيسر، نظر لاکاڻي ڪنڀر، عامر ڀرڳڙي، سجاد علي مگسي، رضا راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو، سمير احمد لکيو ته واهي پانڌي ۾ مهانگائي سبب عيد سادگي سان ملهائي پئي وڃي. فاروق گشڪوري، جميل احمد به سروي ۾ حصو ورتو، ڪريم داد لنجو لکيو ته اتي ڪھڙيون عيدون ٿينديون جتي اڄ به رھواسي ڪڪر جي آسري ۾ آهن ھن جديد دور ۾ اھي ڪھڙيون عيدون ڪندا ٻه ويلا ماني لاءِ پريشان آهن، عظيم جلباڻي لکيو ته ھر سال جيان ھن سال به عيد الاضحيٰ تمام سادگي سان پنهنجي ڳوٺ خان محمد جلباڻي ۾ ملهائينداسين، عرفان سيلرو لکيو ته شهدادڪوٽ ۾ ڳوٺ سيلرا ۾ انتهائي سادگي سان  عيد ملهائيندس شديد گرمي سبب تقريبن 200 گهرن ۾ برف جو 20 ڪلو ورهائيندس، عبدالحئي مري لکيو ته عيد الاضحي پنهنجي گهر سرحد گهوٽڪي ۾ ملهائينداسين، مهانگائي ايترو ته پريشان ڪري ڇڏيو آھي جو هيلوڪي سال قرباني به نه ڪري سگهيا آھيون. اشفاق علي پنهور به سروي ۾ حصو ورتو، محمد جميل الرحمان، عبدالمجيد شر، ذوالفقار علي، احسان عيسيٰ، حر سريام مهر، شريف ڪنڀر، صاحب الدين خاصخيلي، نادر ابڙو، جميل کوسو، محمد بچل شر، نقاش پيرزادو، مير ذوالفقار چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو، اياز ستار پنهور،سڪندر لطفي، عثمان گائنچو، خادم حسين، نعمت الله راهمون، ابراهيم خليل، صدام ڪلهوڙو، شاهين سومار، بيوس اربيلو ڏاهاڻي، خليق ڏاهاڻي، مسرور عالم، عصمت الله حسن، ناز نور احمد، عبدالخالق ٻجورو، عطاءُالله سنڌي، شڪران علي چانڊيو ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.