سوال/سروي ملهه ٿيڻ گهرجي، وڏو ٽراڄو ٿيندو پاڻ مزو وٺنداسين: دلچسپ تبصرا عمران جو مارچ جمهوري حق سان گڏ فتنو به قرار: حالتون خراب ٿينديون: عوام

0
250
سوال/سروي ملهه ٿيڻ گهرجي، وڏو ٽراڄو ٿيندو پاڻ مزو وٺنداسين: دلچسپ تبصرا عمران جو مارچ جمهوري حق سان گڏ فتنو به قرار: حالتون خراب ٿينديون: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته حڪومت پاران پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، عمران خان چيو آهي ته عوام جو سمنڊ ڪير روڪي نٿو سگهي، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ٽڪراءَ واري صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام مارچ جي حمايت سان گڏ مخالفت ۾ به راءِ جو اظهار ڪيو، عمران خان جي مارچ کي جمهوري حق قرار ڏنو ويو ته وري فتنو ۽ فساد به قرار ڏنو ويو، اهو به چيو ويو ته مارچ روڪڻ يا نه روڪڻ ٻنهي سان حالتون خراب ٿينديون، دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا ته ملهه ٿيڻ گهرجي، وڏا ٽراڄو ٿيندو، پاڻ مزو وٺنداسين، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سعيد احمد لکيو ته ملڪ ۽ عوام سان ڪير به سچو ناهي، اشفاق چانڊيو لکيو ته اها بدمعاشي آهي، محمد الهيار لکيو ته جمھوريت ۾ اظھار جي آزادي ھر ھڪ کي ھئڻ گھرجي حڪومت جي اھڙن قدمن سان عمران جي عوام ۾ مقبوليت وڌندي، عزيزالله شر لکيو ته مزو لڳو پيو آھي، نادر ابڙو لکيو ته عمران خان ڪجھه ملڪ تي رحم ڪري ملڪ جون مالي حالتون بهتر نه آهن، جنهن ڪري سياسي ڌرين کي اليڪشن جو انتظار ڪرڻ کپي، عابد حسين لغاري لکيو ته الله سائين عمراني فتني کان بچائي،

ليلا رام لکيو ته احتجاج ڪرڻ ھر ڪنهن جو جمهوري حق آھي، پر لانگ مارچ اسلام آباد ڏانھن وڃي پيو، ضرور ڪو کڙ تيل نڪرندو. علي دوست لکيو ته تمام خطرناڪ صورتحال آهي ڪٿان به ڪامثبت خبر نه پئي ملي، ڪرم ضمير شر لکيو ته آزادي کسي نٿي سگهجي، ممتاز علي سميجو لکيو ته 25 تاريخ اهم آهي جيڪڏهن آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪامياب ٿين ٿيون ته عمران جو لانگ مارچ ناڪام ويندو پر جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام وڃن ٿيون ته لانگ مارچ جي آڙ ۾ اسيمبليون ٽوڙيون وينديون حڪومت شديد معائشي بحران جو شڪار آهي، گل حسن شر لکيو ته خدا پاڪستان کي عمران جي فتني کان بچائي، ھو پاڪستان سان مخلص ھجي ھا ته ھن وقت لانگ مارچ نه ڪري ھا، ھو صرف اقتدار جو بکيو آھي، عبدالغفور سروهي لکيو ته ملڪ سان هڪ منظم سازش تحت مذاق ڪئي پئي وڃي، ملڪي بااثر طاقتون به غيرملڪي طاقتن اڳيان بي وس نظر اچي رهيون آهن، خدا مٺڙي ملڪ پاڪستان جو خير ڪري، عابد ڀٽي لکيو ته حڪومت ھر ڪوشش ڪندي لانگ مارچ کي روڪڻ جي نيٺ گهڻو دٻاءَ پوڻ سبب لانگ مارچ جو رخ اسلام آباد ڏي ڪندا ملڪ کي وڏو خطرو آھي،

سليم اختر لکيو ته صورتحال خراب ٿيندي نظر اچي پئي، الياس سمون لکيو ته حڪومت جي ذميواري آهي ھل ھنگامو روڪڻ پر حڪومت ناڪام ويندي عمران خان لانگ مارچ ڪندو، نياز ڪلوئي لکيو ته عمران جي ڪوشش ھوندي ته ٽڪراءُ ٿئي ۽ حڪومت بچڻ جي ڪوشش ۾ آهي پر عمران کي سوچڻ گھرجي ته ٽڪراءَ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو ۽ حڪومت کي به ٽڪراءَ کان پري رھڻ م ئي فائدو آهي، فيض احمد لکيو ته عوام سورن ۾ اڳ ئي آهي جيڪو ٿيندو منظور خدا هوندو، خالد نوتڪاڻي لکيو ته سڀ ڪو ڪرسي چاهي ٿو، علي رضا وڻجارو لکيو ته ڪمزور اپوزيشن آھي، بشير ميراڻي لکيو ته سائين جي ايم سيد واري ڳالھ سئو سيڪڙو سچ ثابت ٿي رهي آهي. خاموش خليل شر لکيو ته صورتحال ڳنڀير ٿيندي پئي وڃي، ملڪي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي، مير خان جنجهي لکيو ته سٺي ڳالھه آھي ملھه ٿيڻ گھرجي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڪوئي به ملڪ سان سچو ناهي رڳو پنهنجا مفاد کڻي ايندا آهن، عبداللطيف نهڙيو لکيو ته احتجاج ڪرڻ جمھوري حق آھي ڪنھن کي به روڪي نٿو سگھجي، اسامه سنڌي لکيو ته صرف پنهنجي مارچ لاءِ لڳا پيا آھيو غريبن لاءِ ته ڪجه ڪيو، عبدالخالق لکيو ته ڌرڻي سان ڪجهه نه ٿيندو،

ممتاز ڪنڀر لکيو ته اتحادي حڪومت ٽڪراءَکان بچڻ جي لاءِ پي ٽي آئي کي مشروط اجازت ڏئي سگهي ٿي. سمير احمد لکيو ته جمهوريت ۾ هر ڪنهن جو حق آهي احتجاج ڪرڻ. سنتوش ڪمار لکيو ته پي ٽي آءِ کي اجازت ملڻ گهرجي، وسيم اڪرم مهر لکيو ته وڏو ٽراڄو ٿيندو پاڻ مزو وٺنداسين، ڪيلاش ڪمار لکيو ته الله ڀلائي ڪندو، وقاص علي ملاح لکيو ته عوام جو سمنڊر ته ڪونه ايندو باقي حڪومت پاران لانگ مارچ روڪڻ جو فيصلو صحيح آھي، مير سڪندر سولنگي لکيو ته عمران جي جلسي ۾ رڪاوٽ وجھڻ وڏي غلطي آھي ڇو جو ھنن جي لانگ مارچ ۾ عمران ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ھئي، امتياز جمالي لکيو ته مارچ ڪرڻ هر هڪ پارٽي جو حق، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته حڪومت پاران لانگ مارچ روڪڻ جو فيصلو غلط آھي عوامي طاقت کي روڪي نه سگهندا، صدام سنڌي لکيو ته احتجاج هر پارٽي جو حق آهي، مجن سومرو لکيو ته پرامن احتجاج هر پاڪستاني جو جمهوري حق آهي جنهن کي روڪڻ گهرو ويڙهه ڏانهن ڌڪڻ هوندو،

عبدالحئي ساوند لکيو ته لڳي ٿو ملڪ خانه جنگي طرف وڃي رهيو آھي عمران خان مارچ تي بضد آهي ۽ حڪومت مارچ کي روڪڻ لاءِ سندرا ٻڌي بيٺل آھي. حاڪم ڪٽوهر لکيو ته پي ڊي ايم پاڻ لانگ مارچ ڪيا هئا ته اهي صحيح هئا هاڻ عمران جو لانگ مارچ غلط ؟ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته لانگ مارچ کي روڪڻ غير قانوني ھوندو، حڪومت کي اليڪشن ڪرآڻڻ گھرجي، اعجاز خان گشڪوري لکيو ته عوام هن وقت ڪهڙي وقت مان گذري پئي هن جو ڪنهن به ڪو خيال ڪونهي، شيراز چانگ لکيو ته ملڪ ۾ ڪجھه به بھتر نه ٿي رھيو آھي..! ضمير حسين لکيو ته عمران ڪوڙو آهي، جبار آزاد منگي لکيو ته حڪومت ۾ ويٺل چوندا آهن ته احتجاج نه ڪرڻ گهرجي، حڪومت کي موقعو ڏيڻ گهرجيه وري جڏهن حڪومت ڪندڙ فارغ ٿيندا يا ڪيا ويندا آهن ته چوندا آهن ته احتجاج ڪرڻ اسان جو جمهوري حق آهي. بس عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ئي آهي.

آسودومل لوهاڻو لکيو ته عمران خان ملڪ ۾ انتشار ڦهلائي رهيو آھي ملڪ جي صورتحال اڳ ئي ڳنڀير آھي، قربان علي ميراڻي لکيو ته اصل ۾ عمران خان ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ ھاڻي به انتشار ڦھلائي موجوده حڪومت جي لاءِ رڪاوٽون وجھي مشڪلاتون پيدا ڪري پيو، ابوبڪر سريوال لکيو ته عمران فتو پيو پکيڙي، اسلم سمون لکيو ته جھڙي طرح عمران خان ٻين مارچن کي ھينڊل ڪـندو ھو حڪومت کي گهرجي ته ايئن ھنن کي به سختي سان منهن ڏنو وڃي، ڪليم الله ڦل لکيو ته پي ٽي آئي جي پلاننگ مارچ جي آڙ ۾ فتنه انگيزي آھي. ثناءُالله چنا لکيو ته پي ٽي آ وارا ملڪ ۾ انتشار ڦهلائي آهن، رضا هالو لکيو ته لڳي ٿو ته ڪٿي حالتون سريلنڪا جهڙيون نه پيدا ٿين حڪومت کي گهرجي ته لانگ مارچ کي نه روڪين روڪڻ سان انتشار پيدا ٿيندو ۽ حالتون ڪٿي ڪنٽرول کان نڪري نه وڃن،

مخدوم نيهل مڱريو لکيو ته احتجاج عمران جو آئيني جمهوري قانوني حق آهي جيڪڏهن حڪومت طاقت سان روڪڻ جي ڪوشش ڪندي اها حڪومت جي سڀ کا وڏي غلطي هوندي، جنيد جمالي، عثمان علي جتوئي، راجا مهر، غلام رضا راڄپر، محمد رمضان رند به سروي ۾ حصو ورتو، ضمير حسين وڌو لکيو ته جيڪڏھن ھن کي اڃا ڊگھو رسو ڏنو ويو ته ھي ملڪ کي بنگلاديش بنائي ڇڏيندو، منظور احمد کوسو، مير اظهار، فضل انڍڙ، فضل سبزوئي، سڌارٿ ساگر به سروي ۾ حصو ورتو، قادر بخش زئور لکيو ته عمران خان جون وايون بتال ٿي ويون آهن، اسد انڍڙ لکيو ته حڪومت روڪي ڇو ٿي پرامن احتجاج جلسا جلوس سڀن جو حق آهي جيئن عمران سرڪار ۾ جي يو آءِ،پ پ نواز وارن لانگ مارچ ڪيا ڪڏهن ڪٿي به رڪاوٽ نه پئي.