سوال/سروي فوج ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائيندي، هتي ڪورونا وائرس کي مذاق سمجهن ٿا: عوام

0
414

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته وزيراعظم ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج طلب ڪري ورتي، ڇا اوهان جي شهرن ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ٿي رهيو آهي، ماسڪ جو استعمال ٿي رهيو آهي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڪٿي به ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ماڻهو ڪورونا وائرس کي مذاق سمجهي رهيا آهن، فوج طلب ڪرڻ وارو فيصلو سٺو آهي، ان سان ايس او پيز تي عمل ٿيندو، اسان کي پاڻ کي به احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي فاصلو رکيو وڃي، ماسڪ جو استعمال ڪيو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي منير گائنچو لکيو ته وارهه ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي فوج اچي ته پوءِ متان هتان جا ماڻهو ماسڪ جو استعمال ڪن، شاهنواز چاوڙو لکيو ته سيراڻي ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي نه وري ماسڪ جو استعمال ڪيو ٿو وڃي، عرفان کوسو لکيو ته ٿرپارڪر ۾ ماڻهو ڪورونا کي مذاق سمجهن ٿا، سڄو ڏينهن بازارن ۾ رش آهي، غلام فريد هاليپوٽو لکيو ته اڪري چودڳي شهر ۾ ايس او پيز تي ڪهڙي به قسم جو عمل نه آهي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته ٿرپارڪر ۾ ڪورونا احتياطي اپائن تي عمل نٿو ڪيو وڃي سماجي فاصلو نٿو رکيو وڃي، غلام حسين لکيو ته ھنڱورجا شھر ۾ايس او پيز تي ڪنھن به قسم جو عمل نه ٿو ٿئي، وزيراعظم فوج کي طلب ڪري سٺو قدم کنيو آهي، ثاقب بلوچ لکيو ته ٺري ميرواھه ڪجهه ماڻھو نظر اچن ٿا جن کي ماسڪ پاتل هجي ٿو، باقي ايس او پيز تي عمل نٿو ٿئي، اختر حسين لکيو ته نئين ديري ۾ ڪير به ماسڪ نٿو پائي، عبدالهادي لکيو ته جنگ جي ميدان ۾ فوج، ٻوڏ مهل فوج، ڌرڻي کي هٽائڻ لاءِ فوج، اليڪشن ۾ فوج وري ڪورونا جي ايس او پيز تي عمل لاءِ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي، سارنگ هليو لکيو ته لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل نٿو ٿئي، غلام حسين ڀٽي لکيو ته ٽرانسپورٽ، بازارن، ڪمپنين ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، نور نويد لکيو ته ٻڍو ٽالپر ۾ ته ماسڪ جو استعمال بلڪل نه ٿي رهيو آهي، آفتاب لغاري لکيو ته چمبڙ ۾ احساس ڪفالت مرڪزن تي ماڻهن جي رش آهي، وحيد ڄامڙو لکيو ته راڻيپور شھر ۾ به ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪرايو وڃي احساس ڪفالت سينٽرن تي مستحق عورتن جي رش متل آھي، يوسف لغاري لکيو ته هتي عوام اها ڳالهه تسليم ڪرڻ لاءِتيار ناهي ته ڪورونا بيماري آهي ماسڪ پائڻ پسند نٿا ڪن، سائين بخش لغاري لکيو ته کپرو شهر ۾ ڪي به احتياطي اپاءَ ناهن، ايم عشرت بروهي لکيو ته مال جون وڏيون پڙيون لڳن ٿيون ايس او پيز نالي ڪا شيءِ ناهي، نورالله خان لکيو ته شهدادڪوٽ ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، امتياز احمد لکيو ته فوج طلب ڪرڻ بهتر عمل آهي ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ مدد ملندي، محمد ايوب چانڊيو لکيو ته نصيرآباد شهر ۾ ايس او پيز تي ڪهڙي به قسم جو عمل نه آهي، عرفان جروار لکيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي، حافظ خدا بخش انڍڙ لکيو ته وزيراعظم جو اعلان صرف اعلان ئي هوندو آهي، رياض سولنگي لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ ڪورونا وائرس ايس او پيز تي ڪوبه عمل ٿي نه سگهيو آهي، ساگر امير حيدر لکيو ته هتي ڪورونا جي ڳالهه ڪر ته ماڻهو چڙي ٿا پون، سعيد احمد پڻ راءِ جو اظهار ڪيو، اساما خان لکيو ته ماسڪ عوام کي مفت ڏنو وڃي، لالا خليق الزمان لکيو ته ايس او پيز کي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي، حبيب راڄپر، گل حسن شر لکيو ته حڪومت اهو آخري آپشن استعمال ڪيو آهي، پرويز خاصخيلي، مظفر سهتو، عصمت الله حسن، اسد رضا، ثناءُالله چنا، مشتاق ميراڻي، زاهد علي منگي، سيد احمد شاهه، شمشاد گرگيج، اقبال انصاري، اي ڊي لغاري، فيض علي زرداري، مختيار ميمڻ، علي مراد جوکيو، عمران شر، نويد احمد ڪلهوڙو، صفدر سنڌي، فهد ٻرڙو، ايم موسيٰ لغاري، سڪيش ڪمار، ساحل ڪيريو، زوار علي رضا کوکر، سرفراز ساريو، محمد وارث رند، نور احمد ٻگهيو ۽ ٻين چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي پر اسان جي عوام ۾ شعور ناهي ماڻهو ڪورونا کي مذاق سمجهن ٿا ماسڪ نٿا پائن، سماجي فاصلو به نٿو رکيو وڃي، هڪ ٻئي سان هٿ ملائن ٿا ڀاڪر پائي ملن ٿا، گاڏين ۾ گڏ سفر ڪن ٿا، ڪورونا باقي ڇا رڳو اسڪولن ۾ آهي، بازارن ۾ ناهي، ماسڪ جو استعمال صرف سرڪاري آفيسن ۽ آفيسرن توڙي عملي تائين محدود آهي، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي، مقامي انتظاميا به ڪورونا ايس او پيز تي عمل لاءِ ڪوششون ورتيون پر عمل نه ٿي سگهيو.