سوال/سروي … عورتن ۽ ٻارن سان جنسي زيادتي واقعن ۾ واڌ: اهڙن ڪيسن لاءِ ڌار عدالتون ٺاهي جوابدارن کي موت جون سزائون ڏنيون وڃن: عوام

0
140

  دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته عورتون ۽ ٻار غير محفوظ:  6 مهينن دوران 2227 ٻارن کي حوس جو نشانو بڻايو ويو: اهڙا واقعا ڪيئن روڪي سگهجن ٿا ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ڏوهارين کي سزا نه ملڻ جي ڪري ڏوهه وڌي ويا آهن، اهڙن ڪيسن لاءِ ڌار عدالتون قائم ڪيون وڃن، تڪڙا ڪيس ٻڌي جوابدارن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن، زيادتي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏني وڇي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي رياض سولنگي لکيو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ الڳ عدالت قائم ڪئي وڃي جيڪا اهڙي وحشيت ڪندڙن جو ڪيس هلائڻ بنا ڏوهه ثابت ٿيڻ تي وحشين کي ڦاهي تي لٽڪائي اهڙو قانون اچڻ بعد اهڙي قسم جي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرائي سگهجي ٿو، عبدالرحمان چانگ لکيو ته اهڙن واقعن جي وڌڻ جو وڏو سبب ڏوهارين کي سزا نه ملڻ آھي ٻيو ته عدالتن کي گهرجي ته اهي سمجهوتي تحت ٿيل ٺاهه کي تسليم نه ڪن ڇو ته با اثرن برادري جي ماڻھن يا وري ڌمڪين جي خوف کان ماڻھو ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا، عبدالستار شر لکيو ته اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قانون سازي سان گڏ جديد ليبارٽريز ۽ ٽرينڊ پروسيڪيوشن جو ھجڻ لازمي آھي جيئن جوابدار کي سخت قانوني سزا اچي سگهي. تسليم احمد ڪوري لکيو ته جيستائين تڪڙو، ترت انصاف نه ٿيندو، تيستائين ڪو به انصاف جي اميد هن نظام مان نه رکي نه ئي سوچي، اسلم سومرو لکيو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قانون بڻايو وڃي ملوث جوابدارن کي چوڪن چوراهن ۾ سر عام ڦاسي تي لٽڪايو وڃي ته مجال آ جو وري ڪنهن کي اهڙن ڪمن جي جرئت ٿئي، جي ايم زرگر لکيو ته سزا ۽ جزا جو عمل نه هجڻ سبب اھڙن واقعن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.. پوري سنڌ ۾ ڪٿي به قانون جي رٽ ڪونهي… سمورا آفيسر پنهنجي آفيسن ۾ ويهي منٿليون وٺڻ ۾ پورا آهن… ڪو ڳوٺ، ڪو شھر توڙي ڪچا پڪا رستا محفوظ ڪونهن… ھٿيار بند سرعام ڦر لٽ ڪري فرار ٿي وڃن ٿا… انتظاميا انهن جو ڪو پيڇو نه ٿي ڪري…. ھر ضلعي ۾ سيشن ڪورٽ موجود آهي… اگر نوٽيس وٺي ته به ڪافي فرق پئجي سگهي ٿو. عرفان علي ملاح لکيو ته ڏوهارين کي سزائن جو نه اچڻ ۽ راڄوڻي ذريعي فيصلا ۽ دٻاءَ ذريعي بيان مٽرائڻ وڏا سبب آهن، موهن لال لکيو ته 6 مهينن اندر 2227 واقعا ظاهر ٿيڻ حيران ڪن آهي اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ رياست وٽ جامع پاليسي جو هجڻ لازمي آهي اسيمبلي مان قانون سازي ڪري زيادتي ڪندڙن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن. صدام بجير لکيو ته قانون کي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي اهڙن وحشي جوابدارن کي سخت سزا ملڻ گهرجي، لطف سنڌي لکيو ته جڏهن اسانجا ڪورٽون ادارا سياسي ٿي ويندا ته اهڙا واقعا مهينن ۾ رپورٽ ٿيندا، مورو مل لکيو ته اهڙا واقعا ڪندڙن کي چوڪ ۾ بيهاري ڦل فرائي ڪيو وڃي، نقاش پيرزادو لکيو ته قانون کي سڌي ريت ڪيو وڃي ڪورٽن ۾ جلدي انصاف ڏنو وڃي وڏيرا شاھي ختم ڪيو سزائون ملن وري اھڙا واقعا ڪونه ٿيندا، شاهد شر لکيو ته اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قانون سازي سان گڏ جديد ليبارٽريز ۽ ٽرينڊ پروسيڪيوشن جو ھجڻ لازمي آھي جيئن جوابدار کي سخت قانوني سزا اچي سگهي اڄ وري هڪ تازو واقعو پيش آيو آهي، نديم نياز ميمڻ لکيو ته سنڌ ۾ هٿرادو حرام پائي هجڻ ڪري اسان واري ملڪ جي قانون کي تالا هڻي لاڪپ ڪري بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي پاڻ به ڄاڻي واڻي سنڌ جي غريب عوام کي ڪمزور ڪرڻ جو عهد ڪري ويٺا آهن هڪ ٽولو جيڪو راشي ڪرپٽ هجڻ ڪري اسان جي سنڌ واري غريب عوام، عورتون ۽ ٻار محفوظ ناهن سنڌ جي عوام سان سچائي يا ڀلائي ڪرڻ واري پروگرام جوڙڻ جو فيصلو نه ڪندا ڇو ته سنڌ ۾ اهو نظريو پيش ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندا، ڏسو ته صرف 6 مهينن دوران 2227 ٻارن کي حوس جو نشانو بڻايو ويو، ڪيڏي نه افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي صرف قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪمزور لڳا پيا آهن ڏسو ته وڏو ظلم آهي سنڌ جي غريب مظلوم عوام لاءِ قانون ڏاڍو ۽ باقي اميرن لاءِ قانون ڪمزور آهي. بس افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اهڙا واقعا قانون سڀ ڪنهن لاءِ برابر هجي ۽ جهڙو ڏوهه تھڙي سزا ٻڌائي جي ته اهڙا واقعا روڪي سگهجن ٿا. ڪاشف علي لکيو ته سڀ کان پهرين اسان وٽ تعليم نه هجڻ جي ڪري شعور جي کوٽ يا جهالت جي انتها جي ڪري روزانو هڪ نئين واقعي کي منهن ڏيون ٿا جيتري تائين تعليم عام نٿي ٿئي اوتري تائين اهڙا واقعا نه روڪي سگهندا، مدهوش مير لکيو ته اھا پيڊوفيليا Pedophilia نفسياتي بيماري آھي، جنهن ۾ نابالغ ٻارن کي جنسي تسڪين لاءِ نشانو بنايو وڃي ٿو. يورپ اندر اھڙن مريضن کي سالن جا سال قيد ۾ رکي علاج ڪيو ويندو آھي، يا انھن کي زھر جي انجيڪشن سان ماريو ويندو آھي، اسان وٽ اھڙن مريضن جو علاج سزا آھي، جنھن سان ڇوٽڪارو ملي سگھي ٿو، دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ اھڙن مريضن جو علاج سزا آھي، مير شاهجهان کوسو لکيو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ صرف شريعت تي عمل ڪرڻ سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، قرآن جي قانون مطابق جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن ڪير به جرئت نه ڪري سگهندو باقي هڪ ٻه سال جيل ۾ رکڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا ، صرف هڪ جوابدار کي قرآن مطابق سزا ملي باقي هزارين ماڻهن لاءِ سبق هوندو، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس ته گرفتار ڪري ٿي پر سرڪار طرفان اهڙا واقعا پيش اچڻ تي اثرائتا قدم ناهن کنيا ويا جو انهي مان عبرت حاصل ڪري ٻيا به اھڙي قسم جي ڏوهه ڪرڻ کان پاسو ڪن. انهيءَ لاءِ سرڪار کي گهرجي ته هو جوڳا قدم کڻي ايندڙ وقت ۾ معصوم ٻچڙن کي بگهڙن کان محفوظ رکيو وڃي. مختيار مولائي لکيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي گھرجي نياڻين سان ظلم ۽ جبر خلاف سخت قانون جوڙيو وڃي، محمد شريف لکيو ته جنسي ڏاڍائين جو شڪار ٿيلن کي بااثر ماڻهو حراسان ڪندا آهن موتمار ڌمڪيون ڏيئي ڊيڄاريندا آهن ۽ قانون ۽ عدالتن مان تڪڙو انصاف نه ملڻ ڪري زيادتي جو شڪار متاثر خاموشي اختيار ڪن ٿا جنسي ڏاڍاين کي روڪڻ جو ھڪ ئي حل آهي ھڪ بل منظور ڪيو وڃي جنهن ۾ پاڪستان جي ننڍي وڏي ڪورٽ ۾ جنسي ڏاڍائي جي مجرم کي بروقت ڦاسي جي سزا ٻڌائي عملدرآمد ڪرايو وڃي، صاحب خان راهڙ لکيو ته جيستائين ظالمن کي سزا نه ملندي ظلم گهٽ نه ٿيندا، سجاد علي ڀٽي لکيو ته هڪ دفعو رڳو هڪ جوابدار کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي پوءِ ڏسو ته ڪيئن ڏوهن تي ضابطو اچي ٿو وڃي، احسان علي چانڊيو لکيو ته جيڪي ماڻھون اھڙو  ڪم ڪن ٿا انھن کي سرعام ڦاھي ڏني وڃي، عبدالحڪيم لکيو ته  اهڙي درندي کي گولي هڻي ڇڏجي، سعيد مراد لکيو ته اهڙن واقعن جو سبب صرف ۽ صرف لاقانونيت سنڌ ۾ ڪيترائن نياڻن سان جنسي زيادتي ڪئي پئي وڃي ڇا اڄ تائين هڪ بي زيادتي ڪندڙ کي ڦاهي ته لٽڪايو ويو آھي ته جنهن ٻيو ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ کان پهرين هزار دفعا سوچي سڀني مسئلن جو حل قانون جي بالادستي آهي، قدير جوڳي لکيو ته مورڙي ميربحر وري سبق کي ورجائجي انھن مانگرمڇ کي لوھي ڄار ۾ ڦاسائي انھن جي لاشن کي دنياوارن لاءِ ھڪ عبرتناج سبق بڻايو وڃي پوءِ ڏسون ڪھڙو فرعون اھا حرڪت ٿو ڪري ۽رياست جي عملدارن کي مورڙي ميربحر وارو ڪردار اداڪرڻو پوندو، عبدالحئي مير لکيو ته اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سڄاڳي پيدا ڪرڻ گهرجي اهڙن واقعن ۾ ملوث ڪردارن کي نشان عبرت بڻايو وڃي، نظير خان ٿهيم لکيو ته اهڙي واقعن کي روڪڻ لاءِ قانون کي حرڪت ۾ اچڻو پوندو ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، فقير ڪامران علي لکيو ته پوليس ڪوشش ڪندي ته واقعا پاڻ ئي گھٽ ٿي ويندا، خواجه نياز محمد لکيو ته بنا لالچ ۽ خوف جي ڪوئي اثر وٺڻ بنا عبرتناڪ سزا ڏيارڻ سان ئي واقعن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي، پير مير سردار وڏيرا ڀوتار اھڙن معاملن ۾ ڌر بڻجي گناھ گار کي بچائي وٺنندا آهن، شنڪر لال لکيو ته حڪومت کي گھرجي ته ھن لاءِ سخت کان سخت قانون ٺاھيا وڃن  ۽ فوري طور ايڪشن وٺڻ گھرجي..صدام بلوچ لکيو ته سعودي عرب وارو قانون هتي رائج ڪيو، اهڙا واقعا رڪجي ويندا، عبدالرشيد ٻپڙ لکيو ته اهڙي درندي کي گولي هڻي ڇڏجي، حافظ راڄپر لکيو ته جيڪي ماڻھو اھڙو ڪم ڪن ٿا انھن کي سرعام ڦاھي ڏني وڃي، قمر الدين سومرو لکيو ته اهڙو ڪم ڪندڙن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي، ضمير جمالي لکيو ته اسلام جي مقرر ڪيل نظام تحت سزائن ڏيڻ سان ڏوھ گھٽجي نه پر ختم ٿي ويندا، سهانه ارباب لکيو ته ملڪ ۾ قانون جي رٽ ناهي ماڻهن مان خوف ختم ٿي ويو آهي، نعمت الله راهمون لکيو ته شرعي سزا ڏني وڃي، ڄام فقير رند لکيو ته جوابدار کي هاف فراءِ ڪيو وڃي، فيضان احمد لکيو ته چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ٺاهي وڃي، اظهار رضا کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، ممتاز علي مهر لکيو ته سزاءِ موت جو قانون پاس ڪري پوليس کي ھر صورت ۾ جوابدارن جي گرفتاري جو پابند بڻايو وڃي.