سوال/سروي … عوام صحت کاتي جي ڪارڪردگي مان ناخوش: اسپتالون ريفر سينٽر بڻيل، ڊاڪٽر ڊيوٽي چور، دوائون لڀن نٿيون، حڪومت صحت کاتي تي خاص ڌيان ڏئي: عوام جي راءِ

0
180

 سنڌ جي عوام 2022ع جي ڪارڪردگي جي حوالي سان صحت کاتي تي مڪمل طور بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو. عوام جي راءِ هئي ته صوبي ۾ صحت جون ڪي به سهولتون مليل نه آهن نجي شعبي ۽ اين جي اوز جي حوالي ڪيل اسپتالن جي ڪارڪردگي ۾ به ڪا بهتري نه آئي آهي. سرڪاري اسپتالن ۾ مقرر ڊاڪٽر به پنهنجي ڊيوٽي نجي ڪلينڪن ۾ ايمانداري سان ڏين ٿا. سرڪاري اسپتالن ۾ ٻيو ته ٺهيو پر پيناڊول جي گوري به نه ٿي ملي. پنهنجي اخبار جي سوشل ميڊيا پيج جي سلسلي سوال سروي ۾ عوام کان سوال ڪيو ويو ته سال 2022ع ۾ اوهان جي علائقي ۾ صحت کاتي جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ اسپتال ۾ علاج جون سهولتون مليون؟ ذميوار ڪير ؟ ڇا هن سال صحت جون سهولتون ملي سگهنديون ؟ ان جي جواب ۾ گل حسن شر لکيو ته سول اسپتال سانگھڙ ريفر سينٽر وانگر ڪم ڪندي آھي. ڊاڪٽر پرائيويٽ ڪلينڪ کي وڌيڪ ٽائيم ڏين ٿا جيڪو مريض سول اسپتال ۾ لاعلاج ھوندو آھي اھو پرائيويٽ ڪلينڪ تي نوبنو ٿي پوندو آھي ڪروڙين رپيا بجيٽ ھوندي به ھي اسپتال بي لاڀ بڻيل آھي. اسد بلوچ لکيو ته ھيلٿ کاتي جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جھڙي ناهي. تقريبن اسپتالن ۾ بخار جي دوا ئي موجود ناهي ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر لاپتا نظر ايندا آهن. دوائن، اسٽاف جي کوٽ، گورنمينٽ کي گھرجي ته ھليٿ ڊپارٽمينٽ تي خاص نظر رکي دوائن، اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي. اسپتالن کي وڌيڪ بھتر ڪري ڏنو وڃي. نجيب مرگهر لکيو ته ٺٽي جون اسپتالون مرف اين جي اوز جي حوالي آھن، جتي نه ڊاڪٽر آھن نه دوائون، تقريبن ڊاڪٽر پنھنجي پرائيويٽ اسپتال ھلائين ٿا ڊرگ مافيا وٽ سندن حصو پتي رکيل آهي. شنڪر لعل لکيو ته اسان جي صحت کاتي جي ڪارڪردگي بلڪل زيرو آھي نه ان ۾ ڪي سھولتون آھن ۽ نه ئي دوائون ۽ ان جي ذميوار حڪومت آهي. الياس سمون لکيو ته اسان وٽ ڪيٽي بندر تعلقي ۾ ھيلٿ سينٽر سنڌ سرڪار نجي اين جي اوز مرف کي ٺيڪي تي ڏنا جنهن سبب دوائون مڪمل طور نه مليون آهن ڪنهن به قسم جون سھولتون نه مليون آهن. مرادعلي جمالي سيري کان لکيو ته پي پي ايچ آءِ طرفان قائم ٿيل صحت مرڪز سيري ۾ به خاص سھولتون نه مليون آهن صرف ڊليوري جي به اڻپوري سھولت موجود آهي، اھي به گهڻو ڪري مريضن کي حيدرآباد ريفر ڪند آهن. احسان علي لغاري لکيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ غريبن لاءِ ته ڪابه سھولت نه آھي باقي سفارشي ڪم گھڻو ٿو ھلي، سرڪاري اسپتالن ۾ ڪو غريب دوا لاءِ ويندو آھي ته ھن کي ھڪ سيرپ ڪجھه 5 کن گوريون ڏئي موٽائي ڇڏيندا آھن. مظفر بهاول لغاري لکيو ته ضلعي بدين جي ڪنهن پرائيويٽ ليبارٽري جي مالڪ جي بقول ته يورين ڪٽ جو سڄو کيپ جعلي ناڪاره آهي جيڪو پي پي پي ايچ آءِ طرفان سرڪاري اسپتالن کي مليل آهي ۽ جعلي ۽ مدي خارج دوائن جون اڳئي به خبرون ٻڌون پيا، ايڊوڪيٽ دائود لغاري گلاب لغاري کان لکيو ته صحت کاتي جي ڪارگردگي اسان جي علائقي گلاب لغاري ۾ خراب رهي عوام جي لاءِ ڪا سهولت ناهي اسپتال ۾، نارائڻ داس لاکاڻي لکيو ته ھيلٿ کاتي ۾ ڪرپشن آھي وڏو افسوس ھي آھي ته انسانن جي صحت سان کيڏيو ويندو آھي ايندڙ سال ۾ ڀلائي جي اميد آھي. ايم اسماعيل بلوچ لکيو ته ھيلٿ کاتي جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جھڙي ناهي. تقريبن اسپتالن ۾ بخار جي دوا ئي موجود ناهي. ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر لاپتا نظر ايندا آهن دوائن اسٽاف جي کوٽ، گورنمينٽ کي گھرجي ته ھليٿ ڊپارٽمينٽ تي خاص نظر رکي دوائن اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي اسپتالن کي وڌيڪ بھتر ڪري ڏنو وڃي. جونيئر چانڊيو لکيو ته اسا وٽ سانگھڙ تعلقي ۾ ارڙي بيماري ڪيترا ئي ٻار ماري ڇڏيا پر صحت کاتو ڪٿي به نظر ڪونه آيو. ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته ھيلٿ کاتي جي ڪارڪردگي ٻڌائڻ جھڙي ناهي تقريبن اسپتالن ۾ بخار جي دوا ئي موجود ناهي ايمرجنسي ۾ ڊاڪٽر لاپتا نظر ايندا آهن دوائن اسٽاف جي کوٽ، گورنمينٽ کي گھرجي ته ھليٿ ڊپارٽمينٽ تي خاص نظر رکي دوائن ۽ اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي اسپتالن کي وڌيڪ بھتر ڪري ڏنو وڃي. ذوالفقار علي راهمون لکيو ته ٿرپارڪر ۾ سرڪاري ۽ پي پي ايچ آءِ جي حوالي ڪيل اسپتالن ۾ اڪثر عملو هروقت حاضر پر دوائون غائب هونديون آھن. صحت کاتي جا اعليٰ آفيسر واڳون بڻجي سڀئي فنڊ هڙپ پيا ڪن. امتياز علي گلاب لغاري کان لکيو ته اسپتالن ۾ رڳو ڪرپشن گهڻي ٿئي ٿي باقي ٻيو ڪل خير، ڊاڪٽر واڪ آئوٽ تي ھئا. علي اصغر قيصراڻي لکيو ته اسان جي علائقي گھگھر ۾ عطائي ۽ پرائيويٽ ڊاڪٽرن گھڻو پئسو ڪمايو باقي سرڪاري اسپتال نالي ماتر کليل ھئي، عرض محمد پيرزادو ٺاروشاهه کان لکيو ته سخي داد واھي بنيادي صحت مرڪز کي بلڊنگ ۽ اسٽاف جي سخت ضرورت آهي ان لا صحت کاتي جي اعليٰ اختيارن ۽ چونڊيل نمائندن کي گذارش آهي ته مين روڊ تي واقع صحت مرڪز کي اپگريڊ (Mother and child Health Center) ڪري علائقي واسين کي صحت جون بنيادي سھولتون مھيا ڪيون وڃن. شبير حسين ڀوت لکيو ته تمام بري ڪارڪردگي رھي سمورين اسپتالن جي. شبير کوکر لکيو ته زيرو ڪارڪردگي رهي آهي. جمالي امتياز لکيو ته ڪتي جي چڪ جي ويڪسين به نه ملي آهي. سيلرو عرفان لکيو ته شهدادڪوٽ سول اسپتال ۾ ته سرڪار طرفان عوام کي پيناڊول به ڪونه ٿي ڏني وڃي انهن جو مڪمل علاج ته پري جي ڳالهه آهي، شوڪت علي شنباڻي لکيو ته سنڌ جا سارا کاتا پيپلزپارٽي ڪرپشن ۾ ويڙهي ڇڏيا آھن. هنن جي حڪومت تيرنهن سالن کان وٺي هلي پئي. ڪهڙي سنڌ ۾ جدت آئي آھي دعا آهي ته شال زرداري کان رب جان ڇڏائي. گلزار ملاح لکيو ته مانجهند جي سرڪاري تعلقه اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ رهي، هڪ ايمبولينس ڀان سيدآباد جي هيلٿ سينٽر وارا کڻي ويا، هڪ ايمبولينس بچي ان ۾ غريب مريضن کان حيدرآباد تائين تيل جي مد ۾ چار کان ساڍا چار هزار رپيا ڪرايو ورتو ويو، روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 22 ڄڻن کي طبي امداد نه ملڻ جو نوٽيس وزير اعليٰ سنڌ ورتو، فقط ايم ايس بدلي ٿيو، باقي اسپتال کي ڪا به سهولت نه ملي سگهي. مجاهد رند لکيو ته ڪارڪردگي زيرو سيڪڙو رهي.