سوال/سروي سنڌ سرڪار ۽ اپوزيشن ۾ مفادن جو جهيڙو آهي، مڪاني نظام جو ترميمي بل سامهون آندو وڃي: عوام

0
203
سوال/سروي سنڌ سرڪار ۽ اپوزيشن ۾ مفادن جو جهيڙو آهي، مڪاني نظام جو ترميمي بل سامهون آندو وڃي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نئين مڪاني نظام تي سنڌ سرڪار ۽ مخالف ڌر آمهون سامهون، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته مڪاني ترميم بل تي سياست نه ڪريو، اپوزيشن ڳالهين کان انڪار ڪندي چيو آهي ته پهريان بل واپس وٺو، جڏهن ته  متحده پاران جيل ڀرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. ان صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ قبولڻ گهرجي، مڪاني نظام جو ترميمي بل سنڌ جي عوام آڏو چٽو ڪري پيش ڪيو وڃي ته جيئن شڪ ختم ٿي وڃن. باقي سنڌ سرڪار ۽ اپوزيشن ۾ جهيڙو ڊرامي بازي آهي، هر ڪو پنهنجي لاءِ ٿو سوچي، عوام کي رليف نٿو ڏنو وڃي.

سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ايم ڪيو ايم سدائين موقعي پرستي واري سياست ڪئي آهي، باقي بل تي سنڌ سرڪار ڳالھائڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ ڪهڙو  مسئلو آهي؟ خاموش خليل شر لکيو ته ايم ڪيو ايم وارا پاڻ ئي ڳوليا ڪونه ٿا لڀن رڳو عوام کي بيوقوف ڪري پنهنجا مفاد سڌا پيا ڪيا وڃن، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته هي سڄو ڊرامو آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته مخالف ڌر ڊرامو ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي پاڙون وڌيڪ عوام ۾ پختيون ڪري. ساگر سميجو به سروي ۾ حصو ورتو، موهن لال لکيو ته حڪومت پاران اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ قبولڻ گهرجي ۽ مڪاني نظام جو ترميمي بل سنڌ جي عوام آڏو چٽو ڪري پيش ڪيو وڃي ته جيئن شڪ ختم ٿي وڃن.

ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته خدارا سنڌ جي عوام جا جائز مسئلا حل ڪريو ڊراما بازي بند ڪريو سنڌ جي عوام توھان کي 3 ڀيرا ووٽ ڏنا آھن ان جي ڀيٽ ۾ اوھان سنڌ جي عوام کي سک نه پر سور ڏنا آھن ايس آر پي ٽيسٽ پاس ڪندڙ پوري سنڌ جي اميدوارن جا آفر ليٽر اشو ڪرايو، عبدالستار بلوچ لکيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي پي پي جو رسڻ ۽ پرچڻ ڪا نئين ڳالھه ناهي ڳالھه رهي، سنڌ سرڪار مڪاني نظام بابت چٽي ڳالهه ڪري، عبدالحئي ساوند لکيو ته پهرين ڳالهه ته سنڌ سرڪار مڪاني نظام بابت ڳالهه چٽي ڪري معاملو واضح ڪري. باقي ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جو رسڻ ۽ پرچڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي،جاويد احمد لکيو ته اندروني طور پاڻ ۾ مليل آهن، آسودومل لوهاڻو لکيو ته هنن جي رسڻ سان سنڌ حڪومت تي ڪو به فرق نه پوندو، مڪيش ڪمار جئپال لکيو ته هي سڄو ڊرامو آهي، منيش واسو لکيو ته متحده کي ميئر وارو سسٽم کپي، اهو سنڌ ۾ نه ٿيندو، منظور زرداري لکيو ته سنڌ سرڪار صرف پنهنجي مفاد لاءِ سوچي ٿي باقي عوام لاءِ نه، بدياتي اليڪشن ۾ عوام کي ڪو به رليف نه ٿو ملي،

عبدالقادر گبول لکيو ته ھن وقت سنڌ ۾ پپلز پارٽي اڪثريت ۾ آھي، سو جيڪو اھو چاھيندي سو ئي ٿيندو، حفيظ بٽ لکيو ته حڪمران جماعت پيپلز پارٽي کي جيڪو وڻي سو ڪري، سميع الرحمان لکيو ته عوام کي بيوقوف پيا بڻائن، ڪاشف ڪنڀر لکيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ جو گهريلو جهيڙو آهي جيڪو هر روز ٿيندو ۽ هر روز ٺاھ ٿيندو آهي،  مسرور شر لکيو ته رڳو عوام کي بيوقوف ٿا ڪن، نادر علي اڄڻ لکيو ته سنڌ حڪومت مڪاني نظام بابت ڳالھه چٽي ڪري باقي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي چڪر ۾ پنھنجا مفاد سڌا ڪيا پيا وڃن، جاويد زرداري لکيو ته هن ڀيري سڄي سنڌ مان حڪومتي ڌر کي شڪست ملندي، يعقوب کوسو لکيو ته اليڪشن بلدياتي اچڻ واري آهي اهڙا سائرن وڄندا، اياز راهوجو لکيو ته ھي ٽوپي ڊرامو آهي باقي ھڪ سڪي جا ٻه پاسا آھن، ثقلين حيدر لکيو ته رڳو ڊرامي بازي آھي ھي سڄو جيهڙو پنهنجي لاءِ پيا ڪن ايترا ڀلا ناھن جو عوام لاءِ ڪجهه ڪندا،

سجاد رند لکيو ته سڄو ڊرامو آھي ۽ ٻي ڳالھه متحدا کان ھاڻي انھن جا پنھنجا ماڻھو تنگ آھن اهي جيل وري ڪٿان ڀريندا، ممتاز لاکو لکيو ته اھا پ پ پ وارن جي پراڻي رسم آھيم اين اي بلوچ لکيو ته هرڪو پنهنجي لاءِ پيو ڪري، حسين ٽانوري لکيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وارا ھڪ سڪي جا ٻ پاسا آھن اھي ھڪٻئي کان ڪڏھن ب پري ن ويندا انھن کي رڳو عوام کي بيوقوف ڪرڻو آھي، سنتوش ڪمار لکيو ته سڄو مال تي جهيڙو آهي، عرفان سيلرو لکيو ته ٻئي پارٽيون پنهنجي پنهنجي ماڻهن کي خوش پيون ڪن، رسول بخش لکيو ته متحده ۽ جيل ۔ سڀ حوال آهن، ابراهيم کوڙ لکيو ته متحده ھميشه ماڻھون مار سياست ڪئي آھي ۽ ھو ھاڻي ڪا نئين ڊرامابازي سوچي رھي آھي، محمد حنيف لکيو ته ڊرامي بازي آهي، واحد بخش لکيو ته حڪومت کي ناڪام پاليسين تي عمل ڪرڻ گهرجي پر عوام کي بيوس ڪرڻ لاءِ گيم ڪرائي وڃي ٿي،

آفاق علي جمالي لکيو ته ايم ڪيو ايم وارن کي سنڌ کان نيڪالي ڏني وڃي ھر ڀيري سنڌ تي وار ٿا ڪن، راشد الطاف لکيو ته ايم ڪيو ايم کي نائين زيرو ياد هئڻ گهرجي، باقي موجودا جيڪو ڪم سنڌ ڪابينا ڪري پئي اوهو عوامي مفادن ۾ آھي اپوزيشن کي گڏ بيهڻ کپي، حاجي خان پنهور لکيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي بادشاهي قائم رکڻ چاهي ٿي، مير جاسم بلوچ لکيو ته هي ڊرامي بازي آهي، جمال الدين چنا لکيو ته پنهنجي مفادن لاءِ وڙهي رهيا آهن، ساگر سميجو لکيو ته انهن سدائين اهو ئي ڪيو آهي، عابد فراز به سروي ۾ حصو ورتو، وزير علي پنهور لکيو ته اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ قبولڻ گهرجي، عيدل ڪنڀر لکيو ته متحده ڪا نئين ڊرامي بازي جو سوچي رهي آهي.