سوال/سروي … حڪومت هلندي يا نه؟ پ پ ن ليگ کان ڌار ٿي پي ٽي آءِ سان ملندي؟ نئين حڪومت ٺاهيندا؟ عوام جي راءِ ورهايل

0
15

ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڳالهيون ناڪام: بلاول سان نقوي ۽ اچڪزئي جون ملاقاتون: وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان وٽ پهچي ويو: ڇا حڪومت هلي سگھندي؟ موجوده سياسي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي عوام راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته هي حڪومت نه هلي سگهندي، پ پ ۽ ن ليگ جو اتحاد ختم ٿي ويندو، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جو اتحاد ٿيندو ۽ اهي نئين حڪومت ٺاهيندا، ڪجهه ماڻهن وري اهو به چيو ته حڪومت جاري رهندي، پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف ڊرامو آهي، وري ٺهي ويندا. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي جاويد احمد ڀرٽ لکيو ته اهو رسڻ پرچڻ پيو هلندو پ پ ڪڏهن به نوازليگ مان هٿ نه ڪڍندي صرف ٽوپي ڊرامو آهي پ پ کي پيٽ ۾ سور اهو آهي ته هنن کي پنجاب ۾ رسائي ڏني وڃي، بيوس اربيلو ڏاهاڻي لکيو ته سڀ هڪ سڪي جا 2 پاسا آهن مولانا فضل الرحمان شهباز شريف نه ته پوءِ عمران جو پاسو هوندو ڳالهيون مشڪل ڪامياب ٿين ڇو ته آصف زرداري صدر آهي پ پ وٽ ٻيا به عهدا آهن زرداري سڀني کي ختم نه ڪندو عوام کي ڪو به فائدو نه ڏيندا پنهنجو فائدو ڏسندا. محمد حسين لکيو ته اهو صرف عوام کي بيوقوف پياڪن ڪجهه هن بجيٽ عوام جون وڏيون اميديون هيون، پ پ پ هاڻي ڏسي پئي سنڌ  گهڻي بيروزگاري آهي هنن وٽ اهڙو ڪجهه ناهي، اليڪشن ۾ هنن وڏيون دعوائون ڪيون هيون هاڻي عوام روڊن تي اچي سگهي ٿو ان ڪري پنهنجي ساک بچائين پيا، جنيد علي جمالي لکيو ته ھتي حڪومتون ائين ئي ھلنديون آهن. لڏندي ڪڏندي ھلندي رھندي. ۽ ھڪ ٻئي کي بليڪ ميل ڪندا رھندا.سڀ ھڪ ٻيڙي جا سوار آهن، رياض سولنگي لکيو ته جنهن ريت هنن جو جهڙو هلي ٿو لڳي ٿو حڪومت آخري ساھه پئي کڻي ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿي. سجاد علي ڪانڌڙو لکيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ اختلاف کلي سامھون اچڻ بعد حڪومت ۾ اھم تبديلين جو چٽو امڪان نظر اچي رھيو آھي ٻئي پارٽيون ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار آهن تڏھن ته ن ليگ جو وزير اعظم شھباز شريف پنھنجي پراڻي حڪومتي پارٽنر پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان اچانڪ ڳالھيون ڪرڻ لاءِ سندس گھر پھچي ملاقات ڪئي آھي پر ان ھوندي به امڪاني طور تبديل ٿيڻ واري ايندڙ حڪومت گھڻو وقت ھلي نه سگھندي، نور محمد سومرو لکيو ته ن ليگ ۽ پ پ ۾ اختلافن جو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيندو، ڪجھه وقت ۾ ن ليگ ۽ پ پ ۾ اختلاف وڌي ويندا ۽ پيپلز پارٽي جو اتحاد ن ليگ سان ختم ٿي ويندو. پوءِ پيپلز پارٽي وري پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪري ٻئي پارٽيون گڏجي نئين حڪومت جوڙيندا. وقار احمد منڱريو لکيو ته حڪومت ۾ وڏيون تبديليون اچي سگھن ٿيون، بلاول اگر ن ليگ کان بجيٽ بابت احتجاج ڪال ڏئي، پ پ سرڪار پنھنجي حقن لاءِ وفاق کان ناراضگيون جاري رکي. پير جنيد احمد لکيو ته حڪومت مولانا فضل الرحمان کان بغير هلڻ مشڪل آهي ڇو جو مولانا واحد ماڻهو آهي جنهن ڏي وزيراعظم پاڻ ٿو هلي اچي باقي ڪم گهڻو آهي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته وفاقي حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي نظر نٿي اچي جنهن پنهنجي لاءِ اڳ ئي مسئلن جا انبار پيدا ڪري ڇڏيا آهن جنهن مان ثابت ٿيو آهي ته هو گهڻو ٽائيم هلي ڪو نه سگهندي، ڇاڪاڻ ته ن ليگ ۽ پ پ ظاهري طور تي گڏ نظر اچي رهيون آهن جڏهن ته ٻنهي وچ سخت اختلاف نظر اچي رهيا آهن. پيارو خان سنجراڻي لکيو ته هن وقت ن ليگ ۽ پ پ ۾ اختلاف نظر اچن پيا پر ٻئي ڌريون ڪنهن ٽئين ڌر ڏانهن نهارين پيون ان جو حاصل مقصد اهو ٿيندو ته ٻئي ڌريون ڊگهي رنجش جي موڊ ۾ ڪونه آهن ڇو ته ائين ڪرڻ سان اپوزيشن کي هٿي ملندي جيڪا پڻ هنن ٻنهي جي لاءِ نقصانڪار آهي مطلب ٽياڪڙي ذريعي ن ليگ ۽ پ پ پاڻ ۾ سرچاءَ ڪنديون في الحال ڪي به تبديليون نظر ڪونه ٿيون اچن، محمد رمضان لکيو ته اسين چئون ٿا ھي ڪوڙي حڪومت آھي ھنن کي عوام ووٽ نه ڪيو ھنن حڪومت خريد ڪئي آھي ھي ڪوڙا چور ڪرپٽ ڳنڍي ڇوڙ آهن، عبدالخالق لکيو ته ھي خيرات ۾ ورتل حڪومت گھڻو ٽائيم ھلي نه سگهندي پاڪستان ۾ ڪوبه سياسي ليڊر نه آهي، شوڪت علي لکيو ته مولانا وٽ عوامي پاور ضرور آھي باقي پ پ پ ۽ ن ليڳ جو ٽوپي ڊارمو آھي جيڪڏهن مولانا صاحب اسلام آباد ڏانھن پاور شو  ٿو ڪري ته حڪومت لاءِ وڏي مشڪلات ڪري سگهي ٿو پاور فل مولانا آھي تڏهن ته نقوي باربار ملاقات ٿو ڪري فضل الرحمان سان، فقراءَ عرفان سنڌي لکيو ته هن ملڪ کي هنن تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته پاڪستاني گورنمينٽ ٺهندي ئي جڳاڙ ذريعي آهي هنن جا هڪ ٻئي وٽ راز آهن جهيڙو مال تي هوندو آهي ڪلٽي ٿيندا پر هوندا ساڳيا جئين ماضي رهيو آهي، علي قربان ميراڻي لکيو ته پ پ ۽ ن ليگ حڪومت جو ھلڻ مشڪل پيو لڳي ھي ويچارا حڪومت ۾ اچي پڇتائن پيا !مسرور شر لکيو ته مشڪل ٿي لڳي مھيني ۾ ڪجھه به ٿي ٿو سگھي، ايم آچر ڪنڀر لکيو ته ڪندو خدا چند ڏينھن به ڪو نه ھلندي، شاهد بلوچ لکيو ته ن ليگ ۽ پ پ ۾ اختلافن جو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيندو، ڪجھه وقت ۾ ن ليگ ۽ پ پ ۾ اختلاف وڌي ويندا ۽ پيپلز پارٽي جو اتحاد ن ليگ سان ختم ٿي ويندو. پوءِ پيپلز پارٽي وري پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪري ٻئي پارٽيون گڏجي نئين حڪومت جوڙيندا. گل حسن شر لکيو ته اتحادي حڪومت جو سڀ کان وڏو ڏچو اھو ئي ھوندو آھي رسڻ پرچڻ باقي ان سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناھي اھو سڀ ڏي وٺ جو جھيڙو آھي جيڪو جلدي نبري ويندو ڇا جي ڪري ته ھي سيٽ اپ ٻنھي لاءِ ضروري آھي سيٽ اپ کي ڪس ڪسر کائي به ھلائيندا ڇا جي ڪري ته ھو نٿا چاھن ته ھنن جي ناراضگيءَ جو ڪو ٽيون مطلب عمران خان فائدو کڻي جيڪڏھن ٽيون فائدو کڻي ويو ته ھنن ٻنھي لاءِ ناقابل تلافي نقصان ٿيندو جيڪو ھي سياسي سوداگر ڪڏھن به نه چاھيندا، وحيد بلوچ لکيو ته هي سڀ ناٽڪ آهي، مبين مخدوم لکيو ته ڪوڙ جي مٿان ڪوڙ ٿا ڳالهائن.