سوال/سروي حڪومتي قدم ڊرامو قرار: مهانگائي گهٽايو، وزيرن ۽ ڪامورن جون سهولتون مڪمل ختم ڪريو، مارڪيٽون جلد بند نه ڪيون وڃن: عوام

0
112
سوال/سروي حڪومتي قدم ڊرامو قرار: مهانگائي گهٽايو، وزيرن ۽ ڪامورن جون سهولتون مڪمل ختم ڪريو، مارڪيٽون جلد بند نه ڪيون وڃن: عوام

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تان عوام کان سوال ڪيو ويو ته لوڊشيڊنگ ۽ معاشي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ نئين ڀرتين، وزيرن ۽ ڪامورن جي پرڏيهي دورن ۽ ٻاهران علاج تي پابندي لڳائڻ سوڌو پيٽرول ڪوٽا ۾ 40 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ۽ ڇنڇر جي موڪل بحال ڪئي وئي آهي، مارڪيٽون جلد بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، وفاقي حڪومت جي ان قدم کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪومت جي اهڙي قدم کي ڊرامو قرار ڏيندي چيو ته مهانگائي گهٽ ڪئي وڃي، عوام کي رليف ڏيڻ  لاءِ پيٽرول جون قيمتون گهٽايون وڃن، بجلي جي لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي، مارڪيٽون جلد بند نه ڪيون وڃن، وزيرن ۽ ڪامورن جون مڪمل طور سرڪاري سهولتون ختم ڪيون وڃن، شاهاڻه خرچ گهٽايا وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته وفاقي حڪومت کان ڪجهه نه ٿيندو بس قوم کي مونجھائين پيا. علي عباس جمالي لکيو ته مهانگائي ماڻهن جا لاھه ڪڍي ڇڏيا آهن پنهنجا ڪرتوت لڪائڻ لاءِ سڀ ڪجھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، گل حسن شر لکيو ته سدائين عوام کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويندو آهي پنھنجا خرچ گھٽائڻ کان ٻرو ٿو اچين، پرويز خاصخيلي لکيو ته سڀ جو سڀ لکت لاءِ آهن اهي ڳالهيون،

محمد ايوب لکيو ته سڀ فارمولا ۽ تجويزون پنھنجي جڳھه تي ٺيڪ آھن پر مهانگائي ختم ڪريو مارچ جيڪو ڪراچي کان پشاور تائين ڪيو ويو هو ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، جيڪو عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ جو سبب بڻيو ڇاواقعي اھو لانگ مارچ مھانگائي جي خلاف ھو ۽ عوام کي عام واھپي جي شين ۾ سستو رليف ڏيڻ ھو اگر پي ڊي ايم کي ايتري عوام سان ھمدردي ھئي ته پوءِ موجوده صورتحال اوھان سڀني جي سامھون آھي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ هر شهر ۽ علائقن ۾ وڌي وئي آهي حڪومت کي گهرجي ته لوڊشيڊنگ گهٽائي وڃي حڪومت جا ڪجهه قدم بلڪل صحيح آهن، مارڪيٽون بند نه ڪيون وڃن، ماڻهون اڳ ئي پريشان آهن، ڊاڪٽر سريش هوتچنداڻي لکيو ته اھو سڄو سرڪاري ڊرامو آهي. مھانگائيءَ کي گھٽايو وڃي، وزيرن جو خرچ گهٽايو وڃي، پنھنجن شاھاڻن خرچن کي گھٽايو وڃي، عوام جو پئسو عوام تي خرچ ڪرڻ گھرجي. مير شاهه بلوچ لکيو ته لوڊشيڊنگ جو خاتمو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي اهو اعلان ورهين کان عوام ٻڌندو اچي ٿو، هر ڀيري چونڊجي اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل ذميوار خالي اعلان ڪري پنهنجو مدو پورو ڪري وڃن ٿا، عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون رڳو دعوائون ئي رهجي وينديون آهي هاڻي به ساڳيا ئي اعلان آهن،

منيش واسو لکيو ته رڳو اعلان آهي عمل نه ٿيندو، مختيار ميمڻ لکيو ته انهي عمل سان عوام تي ڪو به فرق نه پوندو، وزيرن  ۽ڪامورن جا سمورا شاهي خرچ ختم ڪيا وڃن، بشير ميمڻ لکيو ته وفاقي حڪومت به تبديلي سرڪار جي پوئيواري ڪري رهي آهي، ملڪ هنن کان به نه هليو، ھي حڪمران جماعت به آءِ ايم ايف جي نوڪر ثابت ٿي وئي آهي، موهن لال لکيو ته لوڊشيڊنگ ۽ معاشي بحران مان نڪرڻ لاءِ حڪومت پاران فيصلا بهتر آهن جيڪڏهن عمل ٿئي ته تقريبن ملڪ پٽڙي تي چڙهي ويندو، ثناءُالله چنا لکيو ته ڀرتين تي پابندي نه هڻن باقي وزيرن مشيرن جون پگهارون به بند ڪن ۽ انهن جا فضول خرچ بند ڪن تڏهن ئي ملڪ بحران مان نڪري سگهندو، خبرون ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، عمران حڪومت ۾ هو ته ان وقت ته همراهه تنقيد ڪري نه ٿڪبا هئا، عابد ڀٽي لکيو ته حڪومت سٺو قدم کنيو آهي، محمد خالد ميمڻ لکيو ته رڳو سدائين وانگر عوام کي بيوقوف بڻائڻ وارا بيان آھن عوام جي اصل تڪليفن دردن کي مهانگائي چوٽ تي آڻي وڌائين پيا، ظهور خاصخيلي لکيو ته انهيءَ عمل سان عوام جو ڪوبه فائدو ناهي هن وقت حڪومت کي گهرجي ته وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪري، مارڪيٽون بند ڪرڻ سان ڪجهه ڪونه ٿيندو،

نازش جمالي لکيو ته حقيقت اھا آھي ته عوام جي لاپرواهي جي ڪري ئي حڪومت ان سان ظلم ڪري رهي آهي، ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته مهانگائي تي ردعمل کان بچڻ لاءِ ڊرامو رچايو پيو وڃي، وزيرن ۽ ڪامورن کان ڪابه سھولت واپس نه ورتي ويندي، نادر ابڙو لکيو ته وفاقي سرڪار جيڪي به هن وقت تائين قدم کنيا آھن ان ۾ غريب طبقو پريشان ٿي ويو آھي وفاقي سرڪارکي کپي ته پيٽروليم شين سان گڏ عام واهپي جون شيون سستيون ڪري عوام کي رليف ڏئي بک بدحالي کان بچايو وڃي، آصف چانڊيو لکيو ته سچائي سان عمل ڪيو وڃي، منظور علي زرداري لکيو ته رڳو عوام کي بيوقوف ڪرڻو آهي ڪجهه به ڪونه ٿيندو، نه وري لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ٿيندو، مير سڪندر سولنگي لکيو ته سکڻا اعلان آهن، مظفر شبير بوزدار لکيو ته حڪمرانن جي لاءِ اعلان ٿيندا آهن انهن تي عمل ناهي ٿيندو هي سڀ ڪجھه عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي پئي وڃي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته نئين حڪومت عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اياز علي راهوجو لکيو ته بھترين قدم آھي، سليم اختر لکيو ته ھنن جيڪي ڊاڙون ھڻي عوامي ھمدردي حاصل ڪري اقتدار جي ڪرسي تي قبضو ڪيو ان ۾ ھنن کي عوام جو ڪو فڪر ڪونهي،

فضل سبزوئي لکيو ته بجلي جي اکٻوٽ جو سلسلو جاري آهي ڊگھي لوڊشيڊنگ عوام جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي پيٽرول ڊيزل جي چاليھه فيصد ڪٽوتي وارو معاملو ھڪ ڊرامو آهي وزيرن ۽ ڪامورن جو مفت وارو پيٽرول بند نه ٿيندو عوام وڌيڪ مھانگائي لاءِ تيار رھي. سنتوش ڪمار لکيو ته سٺو قدم آهي، جنيد جمالي لکيو ته سچ وڏو ڏوھاري آهي، نماڻو نوناري لکيو ته حڪمران ناڪام ٿي چڪا آهن، علي گل شيخ لکيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ هر شهر ۽ علائقن ۾ وڌي وئي آهي حڪومت کي گهرجي ته لوڊشيڊنگ گهٽائي، ماڻهو اڳ ئي پريشان آهن مارڪيٽون بند نه ڪيون وڃن، ميانداد مري لکيو ته اهي ڳالهيون صرف لکت جون آهن، عثمان علي جتوئي لکيو ته اھي حڪمران ڪنھن ڪم جا ناھن، تيرٿ ڀيل لکيو ته مهانگائي تي عوام کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش آهي، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سڄي سنڌ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ايس آر پي 2019ع جي ڀرتي ۾ پي ٽي ايس پاس 40 کان 54 مارڪن وارن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، اهو مسئلو حل ڪيو وڃي، محمد اقبال سومرو لکيو ته ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اسماعيل خان خلجي، وحيد مستوئي، رئوف عباسي، خالد ڀرڳڙي، طارق علي باجڪاڻي، اويس احمد، الياس راهمون، عرض محمد پيرزادو، وقار حسين ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.