سوال/سروي … جي يو آءِ ۽ پي ٽي آءِ اتحاد ٿيندو، عمران ٻاهر ايندو، شهباز حڪومت ختم ٿيندي؟ عوام جي راءِ ورهايل

0
19

دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ۾ ويجهڙائي: حڪومت خلاف گڏيل تحريڪ تي غور: ڇا ڳالهين ذريعي عمران ٻاهر ايندو يا وڌيڪ ڪيسن ۾ ڦاسندو؟ حڪومت هلي سگهندي يا نه ؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته شهباز حڪومت 3 سال هلندي، پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ گڏجي تحريڪ هلائي ته عمران آزاد ٿيندو ۽ حڪومت جو خاتمو ٿيندو، ڪجهه ماڻهن وري اهو چيو ته عمران آزاد نه ٿيندو ۽ حڪومت به پنهنجو مدو پورو ڪندي،

                         سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي اياز کهاوڙ لکيو ته عمران ڪڏھن ڪونه واپس ايندو ۽ نه ئي ان جون ڪنهن سان ڳالهيون ڪامياب ٿينديون. ڇا ڪاڻ جو ان جو ٽڪراءَ ادارن سان آهي. جڏھن ادارن سان هن جو ٺاھه نه ٿيندو تيستائين عمران ٻاهر نٿو اچي سگهي،

                         قادر بخش زئور لکيو ته حڪومت پنھجو مدو پورو ڪندي، صدام سومرو لکيو ته ماضي جا سياسي مخالف حال ۾ سياسي دوست ٿي سگھن ٿا گڏجي سگهن ٿا ممڪن آهي پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي گڏيل جدوجهد جي نتيجي ۾ عمران خان ٻاھر اچي، سمير احمد لکيو ته حڪومتي کي گهرجي پيٽرول ڊيزل کاڌ خوراڪ جون شيون سستي ڪري، شاهد بلوچ لکيو ته عمران ڪڏهن واپس ڪونه ايندو ۽ شهباز شريف حڪومت مدو پورو ڪندي،

غلام مرتضيٰ لکيو ته انشاءَ الله تعالي جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ملي ڪري حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندا ته عمران خان به ٻاهر ايندو ۽ حڪومت لاءِ به ڪافي مشڪلاتون پيدا ڪري سگهن ٿا، نظر محمد انڙو لکيو ته ھي حڪومت 3 سال ھلندي پوءِ عمران ايندو، علي قربان ميراڻي لکيو ته جيڪڏهن ٻنھي پارٽين راءِ اتفاق سان گڏجي تحريڪ ھلائي ته موجوده حڪومت گھر ڀيڙو ٿيندي ۽ عمران خان به جيل کان آزادي حاصل ڪندو،

ولي محمد لکيو ته عمران خان ٻاهر ايندو عوام جي طاقت سان،

 سيد علي رضا شاهه لکيو ته عمران خان هاڻي ٻاهر ايندو، ٿي سگهي ٿو ته شهباز شريف لاءِ خطرو وڌي وڃي.

گل حسن شر لکيو ته مس وڃي ڪجھه استحڪام آيو آھي جڏھن ملڪ صحيح ٽريڪ تي آھي ته پوءِ ڇا جي تحريڪ ۽ ڇا لاءِ ھي صرف اقتدار جا بکيا آھن، عبدالستار ملڪ لکيو ته حڪومت کي هلائڻ وارا ٻيا آهن عمران کي جيل ۾ به انهن وجهرايو آهي

جڏهن چاهيندا ته عمران ٻاهر نڪرندو باقي مولانا فضل الرحمان سياست جو بي تاج باشاهه آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته تحريڪ ناڪام ويندي حُڪومت مدو پورو ڪندي، حاجي هاشم لکيو ته انشاءَ الله عمران خان جلد آزاد ٿيندو ۽ حڪومت جو خاتمو ٿيندو ۽ پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي اتحاد سان حڪومت ٺھندي.