سوال/سروي … جيئن گرمي وڌي ٿي تيئن بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌائي وئي آهي، ڪنهن در ڏجي دانهن ؟ عوام

0
13

سنڌ ۾ سخت گرمي، بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ: عوام جي سار ڪير لھندو؟ ڇا ٿيڻ گھرجي؟ ذميوار ڪير؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن حڪمرانن ۽ واپڊا کي ذميوار قرار ڏيندي چيو ته گرمي جيئن وڌي وئي آهي تيئن ئي بجلي جي لوڊشيڊنگ به وڌائي وئي آهي، ڪير به عوام جي سار لهڻ وارو ناهي، بجلي نه هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جي به کوٽ ٿي رهي آهي، جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت آهي ٿر جي ڪوئلي مان نڪتل بجلي پنجاب کي ڏئي سنڌي قوم سان وڏو ويڌن ڪيو ويو آهي. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي مخدوم مينهل مڱريو لکيو ته سنڌ هنن لاءِ يتيم خانو آھي بجلي غائب آهي، قادر بخش زئور لکيو ته سنڌ جي بجلي وفاق کڻي وڃي ٿو موٽ ۾ سنڌ کي لوڊشنگ جو عذاب ڀوڳڻو پوي ٿو، سجاد علي ڪانڌڙو لکيو ته ڪنڌرا شھر ۾ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي ذميوار واپڊا ايس ڊي او ۽ سياسي ڪامورا آھن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿن، ساگر علي رضا لکيو ته تعلقي ۽ ضلعي سجاول جي شهر ٻيلو ۾ بجلي سڄو ڏينهن ڪونهي جڏهن ته هن شديد گرمي سبب عوام کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. جاويد جان ڪيريو لکيو ته سرهاڙي شهر ۾ هٿراڌو بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو هلندڙ آهي سخت گرمي ۾ بجلي جي فراهمي بند هجڻ سبب شهري ويتر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪريم بخش لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي ٿر جي ڪوئلي مان نڪتل بجلي پنجاب کي ڏئي سنڌي قوم سان وڏو ويڌن ڪيو ويو آهي، زوار ناظم علي لکيو ته ذميوار وفاق سنڌ حڪومت ۽ عوام به آھي .نقاش پيرزادو لکيو ته عوام جي سار الله سائين لھندو ٿيڻ کپي عوام درياهه تي وهنجڻ وڃي، علي قربان ميراڻي لکيو ته سنڌ حڪومت عوام لاءِ گرميءَ کان ڪي به اپاءُ نه ورتا عوام سخت گرميءَ جي لپيٽ ۾ آهي الله پاڪ شال رحم فرمائي، سڪندر علي گرگيج لکيو ته عوام جي رڳو کل ڇڏي اٿن، منور ناٿو لکيو ته ذميوار سنڌ حڪومت آهي ٿر جي ڪوئلي مان نڪتل بجلي پنجاب کي ڏئي سنڌي قوم سان وڏو ويڌن ڪيو ويو آهي، اياز کهاوڙ لکيو ته عوام هميشه جيان پنهنجي سار پاڻَ لهي نه ئي ڪنهن جي آسري تي رهي.ڇاڪاڻَ سدائين گرمي ايندي ته هٿرادو لوڊشيڊنگ وڌائي ويندي آهي، راشد ڀٽي لکيو ته سار ڪير لهندو ؟ هتي صفا ظلم لڳو پيو آهي قھر جي گرمي ۾ نه ڏينهن جو بجلي نه رات جو، واپدا وارن جي من مستي لڳي پئي آهي ڍورونارو ۾ 15 کان 18 ڪلاڪ بجلي جو بريڪ ڊائون ٿي وڃي ٿو هن قھر جي ساهه ڪڍندڙ گرمي ۾  چوڻ وارو ڪير ناهي ڪنهن در ڏجي دانهن. مبين اڄڻ لکيو ته ذميوار خود عوام آھي عوام جي طاقت بادشاھن جون بادشاھيون ختم ڪري ڇڏيون سنڌ جو عوام ھمت ڪري ته حڪومت جو ھر ادارو ۽ وڏن عھدن تي ويٺل عھديدار سڌري ويندا پر ھر ڪوئي ٻئي جي آسري ويٺو آهي، عوام پاڻ ۾ ٻڌي ڪري ته ڪابه زيادتي ٿي نه ٿي سگھي، بجلي جي لوڊشيدنگ جو مسئلو ھن حڪومت جو پيدا ٿيل ناھي بلڪه ھي مسئلو ٽيھن سالن کان ھلندو پيو اچي حڪومت جيڪڏهن سچائيءَ ڪري ته سڀ ڪجھه ٿي سگھي ٿو پر ھتي سنڌ ۾ گذريل پندرنهن سالن کان حڪومت نالي ڪا شيءِ ناھي رڳو ڪرپشن آهي، آصف علي ابڙو لکيو ته لاوارث شهر ڪولاب جيئل جي مالڪي ڪير ڪندو؟ هڪ سال کان مٿي عرصو ٿيو آهي بجلي غائب آهي نارٿ محلا مان ٽرانسفارمر چوري ٿي ويو، شهر جي معززن کي اپيل ٿا ڪيون خدارا پنهنجي شهر جي مالڪي ڪيو، قهر جي گرمي ۾ بجلي اڻلڀ آهي، اياز کوسو لکيو ته اسان جي ڳوٺ باھو کوسو ۾ 20سالن کان وٺي بجلي ناهي اسان جو الله واهي آهي، حاڪم علي لغاري لکيو ته نه بجلي آهي نه پاڻي آهي نه وري گيس نه وري برف آهي، ممتاز علي سميجو لکيو ته عوام جي سار لهڻ وارو ڪير به ناهي وفاق جو ڏاڍ ڏسجي يا سنڌ حڪومت جي بيوسي ڏسجي؟ گلبهار خان جي ايم چانڊيو لکيو ته ڳوٺ آندل تنيا لاوارث آهي سال کان وٺي بجلي ناهي، ڪير به مالڪي ڪرڻ وارو  ناهي، مير امتياز حسين بروهي لکيو ته نوابشاھه هٿرادو بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو هلندڙ آهي سخت گرمي بجلي جي فراهمي بند هجڻ سبب شهري ويتر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، موهن لال لکيو ته قهر جي گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ حڪومت جي نااهلي جو چٽو ثبوت آهي، هيٽ اسٽروڪ سبب عوام ڦٿڪي مري پيو پر رياست جي ڪن تي جونءَ به نٿي سري اهڙي ماحول ۾ عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ فري لوڊشيڊنگ لاءِ حڪومت کي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو. علي اصغر ميمڻ لکيو ته ڏوڪري شهر ۽ ڀرپاسي ۾ سيپڪو (واپڊا)عملدارن جي ملي ڀڳت سان پرائيويٽ ملازم غريب عوام سان ڪلور ڪيو ويٺا آهن، شهرين جي شڪايتن تي سيپڪو عملدار نالي ماتر پرائيويٽ ملازمن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي مڙئي خانا پوري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هن وقت شديد گرمي جي موسم هلي رهي آهي عوام کي بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تمام گهڻو پريشان ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب عوام ذهني طور تي مفلوج ٿي ويو آهي، ان لاءِ سيپڪو (واپڊا)جي اعلي اختيارين کي بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف عملي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ اداري ۾ پرائيويٽ ملازمن جي بيجا مداخلت ڪرڻ وارن کي سزا ملڻ گهرجي،نه ته جيئن پرائيويٽ سيپڪو ملازم اداري جي ملازمن جي مهربانين سان ڪم ڪري رهيا آهن ته پوءِ حڪومت جون اداري کي سڌي راهه تي هلڻ بجاءِ کنڊرات ۾ تبديل ٿيڻ کان ڪير به بچائي نه سگهندو. نوشاد خاصخيلي لکيو ته گرمي جي شدت انساني حواس خطا ڪري ڇڏيا آهن، مٿان بجلي جي لوڊشيڊنگ جو آزار عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، انهي صورتحال جي ذميوار حڪومت آهي، عوام جي ڪير به سار ڪو نه لهندو بس عوام کي وڌيڪ وڻ پوکڻ گهرجن ۽ سٺا ۽ نيڪي جا ڪم ڪرڻ گهرجن ته من قدرتي آفتن کان بچاءَ ٿي پوي، جگت ڏان چارڻ لکيو ته اسان جي ٿر ۾ 12 ڪلاڪ ته ڪنفرم لوڊشيڊنگ آهي ۽ انھي سان گڏوگڏ فني خرابي سبب 2 ڪلاڪ ٻيا ايڊ ڪن ٿا، باقي بجلي ايتري ڏيندا آهن جو ان تي پکو به مشڪل سان هلندو آهي، قهر جي گرمي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي ڪري پيئڻ جو پاڻ به ميسر ناهي رهيو، طارق خان راڄپر لکيو ته ماحول ۾ وڻن جي کوٽ سبب گرميءَ جو زور وڌي ويو آھي. جڏھن ته لوڊشيڊنگ پنھنجي پراڻي روايت برقرار رکندي اچي. لوڊشيڊنگ ۾ ڪجھه ڏينھن کان بھتري ضرور آھي. حڪمرانن کي گھرجي ته ھيٺئين طبقي کي سولر جي پليٽ، بئٽري ۽ پکو فراھم ڪيو وڃي. محمد حسين لکيو ته سرهاڙي ۾ هن قهر جهڙي گرمين به لوڊشڊنگ ته گهٽ نه ٿي پر رهندو وڌي وئي آهي سرهاڙي جا ڪجهه وارڊ اهڙا به آهن جتي ڪجهه ڏينهن اڳ طوفان جي ڪري ٿنڀا ڪِري پيا جيڪي اڄ تائين بحال ناهن ٿيا، هتان جي چونڊيل نمائندن کي ڪا به پرواهه ناهي، عمر فاروق لکيو ته ڳوٺ دوست محمد کوسو، چودڳي سانگهڙ ۾ اسان وٽ گذريل 15 ڏينھن اڳ برسات پئي تيز ھوا سبب 10کان مٿي بجلي جا پول ڪري پيا جنھن ڪري 15ڏينھن کان بجلي بند پيل آھي شاھ پور چاڪر گريڊ اسٽيشن تي نااھل واپڊا ملازمين مقرر آھن 15 ڏينھن گذرڻ باوجود بجلي بحال ڪونه ڪري سگھيا آهن اگر بجلي بحال ٿي وڃي ته ھتي عوام کي فائد ناھي ڇو ته ھتي لوڊشيڊنگ 16 کان 18ڪلاڪ آھي ھتي ڪير ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، سنڌ حڪومت کان مطالبو آھي ته ھر ڳوٺ توڙي ھر شھر ۾ بجلي بحالي لاءِ سخت کان سخت نوٽس وٺي ۽ چيئرمين واپڊا کي سخت ھدايت ڪري ته جيئن ھن سخت گرمي ۾ عوام جي بچاءَ لاءِ بجلي بحال ڪئي وڃي، ھن سخت گرمي ۽ شديد لوڊشيڊنگ ۾ سنڌ حڪومت پھنجو پورو ڪردار ادا ڪري، ھتي اسان وٽ گرمي جو آزار تمام گھڻو آھي ھڪ گرمي ۽ ٻيو پاڻي نه ھجڻ عوام جون پريشانيون ٻيڻيون ٿي ويون آهن، محمد اسماعيل لانگاهه لکيو ته هن.وقت جيئن برسات جي موسم شروع ٿي رهي آهي تيئن بجلي جي اکٻوٽ شروع ٿي وئي آهي ذميوار حڪومت ۽ بجلي کاتو آھي جيڪي غريب عوام سان ظلم ڪري رهيا آهن، صديق احمد سهندڙو لکيو ته لوڊ شيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي عملي ڪم ڪرڻ گهرجي، محمد فياض وساڻ لکيو ته حاجي شاھه اسٽاپ تي گرمي دوران بجلي غائب هجي ٿي حڪومت کي ڪي قدم کڻڻ گهرجن، خميسو آريسر لکيو ته ملڪ آهي يا مشڪري، جنهن وقت گرمي وڌيڪ هجي ٿي ان وقت بجلي به وڌيڪ بند هجي ٿي، نعمت الله راهمون لکيو ته عوام جو الله وارث، اڪبر رحمان لکيو ته جاتي ۾ شديد گرمي لهر ۽ حيسڪو پاران 16 کان 20 ڪلاڪ بجلي جي لوڊ شيڊنگ رهواسين کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي بجلي نه هجڻ سبب شهرين کي پيئڻ جي پاڻي جي سپلاءِ معطل هجڻ ڪري رهواسي پيئڻ جو پاڻي پئسا ڏئي وٺڻ تي مجبور ٿي ويا آهن باقي رهي ڳال سار ڪير لهندو جيڪي خود مفت واري بجلي پئٽرول ۽ اي سي وارين گاڏين بنگلن ۾ رهندا پيا اچن اهي عوام لاءِ ڇو سوچيندا افسوس سان چوڻو ٿو پوي جن کي اسان ووٽ به نٿا ڏيون پر پوءِ چونڊجيو اچن اسان جا اهي سور ساڳيا ته ٿافيل حڪمران به ساڳيا آهن ڪنهن در ڏجي دانهن؟ هنن شديد گرمي ۾ ساحلي پٽي تي آباد سوين ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آهن انهن کان حڪومت جي چونڊيل نمائندن نه پڇيو آهي، اسد زرداري لکيو ته سرھاڙي شهر ۽ ڀرپاسي ۾ حيسڪو شاھپورچاڪر سرھاڙي فيڊر تي واپڊا عملي جي ملي ڀڳت سان شھر ۾ 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ آھي عوام سان ظلم آھي، گھٽ وولٽيج سبب شھر جي مختلف وارڊن ۾ بجلي جا ٽرانسفارمر سڙي ويا آھن، محبتي مڪيش ڪمار لکيو ته لوڊ شيڊنگ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجي، زاهد کوسو لکيو ته حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ان  مسئلن جي ذميوار حڪومت آهي، غلام علي گل ٻجورو لکيو ته سار لھڻ وارا ٿڌن ڪمرن ۾ آرام ڪندا ھئا، کين عوام جو تر جيترو به احساس ھجي ھا ته ماڻھو قھر جي گرمين ۾ ائين ڪونه تڙپن ھا، مرتضيٰ خاصخيلي لکيو ته تعلقي سنڌڙي جي شهر ڦلهڏيون ۾ 16 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ آهي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته بوزدار وڏا ٽالپر وڏا ۽ ڀرپاسي وارن علائقن بگودڙو نور بوزدار سميت چويھه ڪلاڪن مان 3 کان 4 ڪلاڪ ايندي آهي باقي بجلي غائب رهندي آهي، ولي محمد لکيو ته حڪومت نااهل آهي، سميت ڪمار لکيو ته پهريان بجلي چوري تي ڪنٽرول ٿيڻ گهرجي، ان سان سسٽم ۾ بجلي وڌيڪ ايندي.