سوال/سروي … بلوچستان کانپوءِ سنڌ ۾ سياسي اڳواڻن جي نواز ليگ ڏانهن اڏام ٿيندي: عوام جي راءِ ورهايل

0
132

 دي ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته نواز شريف جو بلوچستان کانپوءِ سنڌ مشن…. ڇا سنڌ ۾ به پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، ايم ڪيو ايم  ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ نواز ليگ ۾ شامل ٿيندا ؟ جنهن تي عوام جي راءِ ورهايل رهي، ڪجهه ماڻهن چيو ته نواز ليگ ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي اڳواڻ پارٽيون ڇڏي شامل ٿيندا، ڪجهه ماڻهن وري اهو چيو ته پيپلزپارٽي کي ڪو به فرق نه پوندو، ايندڙ سنڌ حڪومت به پيپلزپارٽي کي ملندي، اهو به چيو ويو ته سنڌ ۾ پ پ جو متبادل ناهي، ڪيترائي اڳواڻ مايوس آهن جنهن ڪري نواز ليگ ۾ وڃي سگهن ٿا، بلوچستان کانپوءِ سنڌ ۾ نواز ليگ  ۾ شموليت ٿيندي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ڪالھه به يوسي صدرٽ ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھو نواز ليگ ۾ شامل ٿيا آھن پ پ کي ھميشه اھائي پڪ ھوندي آھي ته سندس ڪو به متبادل ناھي پر نواز ليگ ھن دفعي پ پ سان ڪمي واري چال کيڏي آھي انشاءَالله ھاڻي سنڌ ۾ڪڏھن به پ پ جي حڪومت نه ايندي عوام بيزار ٿي چڪو آھي پ پ مان ڪم صرف ڀوتارن جا ٿيا عام ماڻھن جو ٽڪي جو ڪم نه ٿيو آھي خدا ڪندو ھاڻي ھي طلسم ٽٽندو ۽ روايتي فرسوده نظام مان جند ڇٽندي، محسن ملاح  لکيو ته ڀلي ٻين پارٽين جا اڳواڻ ن ليگ ۾ شامل ٿين پر پ پ پ تي پوءِ به ڪو فرق نه پوندو، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان کٽي سنڌ ۾ حڪومت قائم ڪندي گڏوگڏ وفاق ۾ به ن ليگ سان اتحاد ڪري وفاقي حڪومت ۾ حصيدار ٿي سگهي ٿي، ذوالفقارعلي صديقاڻي لکيو ته اليڪشن ٿئي ته رايا به ڏجن پر هتي هميشه سليڪشن ٿيندي آهي ۽ سليڪشن انهي جي ٿيندي جيڪا پارٽي سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري انهي کي سنڌ حڪومت جو ٺيڪو ڏنو ويندو، غلام انور رند لکيو ته سنڌ پي پي کي مليل آھي ھتي اليڪشن نٿا ٿين ھتي سلڪشن آھي، مصطفيٰ ميمڻ لکيو ته سنڌ ۾ نواز ليگ جو ڪو به مستقبل ناهي هتي نواز ليگ ۾ ڪا به شموليت نه ٿيندي، ڪامريڊ عاشق رند لکيو ته جئين ته ڏٺو وڃي ته نواز شريف جو پلڙو ڀاري آهي ۽ ڪامياب جلسا پيو ڪري هر جڳھ تي پاور شو به سٺو پيو ٿئيس عوام سٺي موٽ پئي ڏيس انهي حساب سان بلڪل ن ليگ ۾ شامل ٿيندا پ پ توڙي ايم ڪيو ايم وارا باقي جي ڊي وارا ته آهن ئي ن ليگ جا باقي ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جا حلالي پٽ به اتحاد ڪري ن ليگ ۾ شامل نه ٿين، پيار علي چانڊيو لکيو ته نواز شريف سنڌ ۾ اھڙا ئي حمايتي ڳولھيندو جيڪي پ پ جا مخالف ھُجن ڇو ته جيڪي پيپلز پارٽي جو حصو آھن اُھي ته نٿا اچي سگھن بشرط کي وڏيون آفرون ٿين پوءِ به مشڪل آھي ھن وقت سنڌ ۾ جيئن لياقت جتوئي ارباب رحيم شفقت انڙ امير بخش ڀٽو سميت ڪيترا پراڻا سياستدان آھن اگر ميان انھن کي وفاق ۾ ڪو آسرو ڏئي ته اُھو ممڪن ٿي سگھي ٿو پر وري به سوال اُھو ٿو پيدا ٿي ميان انھن کي تڏھن وفاق ۾ لفٽ ڪرائيندو جڏھن ھُو پنھنجو سيٽون کٽي اچن ۽ ڄاڻايل سياستدان گذريل ڪيترن ڏھاڪن کان ھارائيندا پيا اچن بهرحال بلوچستان جيترو آسرو ميان شريف کي سنڌ ۾ نه ملندو، اسد زرداري لکيو ته نواز ليگ پنھجي اقتدار ۾ ٻين صوبن کي ته اھميت ڏني پر اقتدار ۾ جيترا دفعا آئي سنڌ لاءِ ڪجھه به نه ڪيو ن ليگ کي سنڌ ۾ ڪا خاص موٽ نه ملندي ڏسجي ته سنڌ ۾ پ پ کانسواءِ ٻي ڪا خاص متبادل پارٽي ناھي ان ڪري سنڌ ۾ مختلف پارٽين جا اڳواڻ ٻين پارٽين ۾ ته شامل ٿيندا رھندا پر ن ليڳ کي اھميت نه ڏيندا. آصف علي ميمڻ لکيو ته نواز شريف هميشه سنڌ کي نظرانداز ڪيو، ماضي ۾ به اسماعيل راهو، لياقت جتوئي سميت ٻيا وڏا ليڊر نواز ليگ ۾ شامل ٿيا، پر انهن کي نواز شريف نو لفٽ ڏني جنهن جي ڪري اهي مايوسي جو شڪار ٿي ويا، سنڌ اندر پيپلز پارٽي مضبوط نظر اچي پئي. وڌيڪ خبر 8 فيبروي تي پوندي ته سنڌ جو عوام ڪنهن کي سپورٽ ڪري ٿو. خالد لغاري لکيو ته ڏسو پ پ سنڌ مان ختم ٿي چڪي آهي پ پ وٽ وڏيرا آهن سڀ لازمي وڏيرن کي ٽڪيٽون نه ملنديون ته اھي ڀڄندا ٻي پارٽي ۾ سنڌ اندر پ پ جيڪا 15 سالن ۾ ڪرپشن لٽ مار ڪئي آهي مونکي نٿو لڳي ته پ پ کي ڪو ايندڙ اقتدار ملي، قربان علي ميراڻي لکيو ته جنهن انداز سان نواز ليگ قيادت ميدان ۾ نڪري پئي آهي لڳي ٿو ته بلوچستان کان پوءِ سنڌ مان به ڪافي پ پ جي ڪارڪردگي کان مايوس چڱا مڙس نوازليگ ۾ شامل ٿيندا، نثار احمد لنڊ لکيو ته نواز ليگ جيترا دفعا اقتدار مين آئي آهي سنڌ لاءِ ڪجھه به نه ڪيائين سنڌ ۾ ان کي ڪا به موٽ نه ملندي، سنڌ ۾ پ پ جو ڪو به خاص متبادل ناهي ان ڪري سنڌ ۾ ظاهري طور پ پ کي سرسي حاصل آهي، جي اڪبر ڄامڙو لکيو ته ڀليڪار چئون ٿا، ڄام فقير رند لکيو ته ڪجهه فرق پوندو پهريان وانگر پيپلزپارٽي وارا خوش نه ٿين، ماڻهن جو اندر سڙيل آهي، پنهنجا نوازي جي ڪري ماڻهو تنگ آهن، گدا حسين لکيو ته سنڌ پيپلزپارٽي کي مليل آهي، هتي اليڪشن نه پر سليڪشن ٿيندي آهي، اقرار خان جتوئي به سروي ۾ حصو ورتو.