سوال/سروي … برسات ۽ ٻوڏ کي ڪاروبار نه بڻايو، متاثرن جون تڪليفون اڃا ختم ناهن ٿيون مٿان وري آفت اچي پئي، اڳواٽ انتظام ڪيا وڃن: عوام

0
10

 ڊيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ ۾ غير معمولي برساتن جو امڪان: ٻوڏ متاثرن جا اهنج گهٽ نه ٿيا: ڇا سنڌ سرڪار نئين آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته هيل تائين سنڌ سرڪار پاران ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا، پهرين ئي ٻوڏ متاثرن جا ڦٽ اڃا ناهن ڇٽا ته مٿان وري نئين آفت اچي پئي، ڪرپٽ ڪامورا ۽ حڪمران برسات ۽ ٻوڏ جي آڙ ۾ مال جي چڪر ۾ هوندا آهن، هنن برسات کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، سروي ۾ چيو ويو ته هن ڀيري وڏي ڪنهن تباهي کان بچائڻ لاءِ اڳواٽ قدم کڻڻ گهرجن،

                         هن وقت ايمرجنسي بنيادن تي سم نالين جي کاٽي ڪرائي،دريائن جا بند ٺهرائي ماڻهن کي متاثر ٿيڻ کان بچايو وڃي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ارشاد علي سومرو لکيو ته سنڌ سرڪار پنھنجي پر ۾ ڦل تياري ڪري ڇڏي آھي پر جڏهن برساتون وسنديون يا ٻوڏ ايندي ته بس رُڳو مسڪينن جا گھر لڙھندا غريب بي گھر ٿي در در جا ڌڪا کائيندا بکن تي ويلا ڪاٽيندا پنھنجا ٻچڙا بکن ۽ بيمارين ۾ اکين اڳيان مرندي ڏسندا حڪومت ڪجههه ڏينهن ديڳيون پچرائي رات ڏينهن چانور کارائي غريبن کي بيمار ڪري مٿن احسان ڪندي ته ٻوڏ متاثرن جي لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام بھتر آھي باقي ھينئر جتي اڳواٽ ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي اتي ڪوبه ڪم نه ٿو ڪيو وڃي جيڪڏھن ڪيو ٿو وڃي ته اھو صرف ڪاغذن ۾ ٿي ٿو وڃي باقي عوام مري بچي ان سان ڪنھن تي ڪو به فرق نه ٿو پوي، جيڪڏھن سنجيدگيءَ سان حڪومت ڪم ڪرڻ چاھي ته ھينئر اڃا به وقت آھي حڪومت وٽ مشنري سميت سڀ وسيلا موجود آھن سڀ ڪجهه ٿي سگھي ٿو آرام سان پاڻي نيڪال ٿي سگھي ٿو ۽ مسڪين ماڻھون پڻ لڏپلاڻ کان بچي سگھن ٿا پر حڪومت چاهي ته…

حنيف رضا بلوچ لکيو ته ايندڙ برساتن جي اڳڪٿي ٿيندي ئي سنڌ جا ماروئڙا پريشان ۽ ڪرپٽ ڪامورا خوش ٿي رهيا آهن ۽ اميد ڪري رهيا آهن ته سندن خلاف واويلا شروع ٿئي جيئن فنڊ نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي وڌيڪ فنڊ وٺي کڙڪائي سگهون ، هن وقت تائين برساتن جي اڳڪٿي باوجود ڪٿي به ڪا تياري نظر نه پئي اچي نه واهن شاخن ۽ نالن جي کاٽي ڪئي وئي آهي، ڪامورن برسات کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي اسين 2022ع جي قيامت خيز برساتن مان ڪجهه نه سکيو آهي، گل حسن خاصخيلي لکيو ته برساتون رحمتون آھن پر حڪمرانن جي ڪري ھي زحمتون بنجي وينديون آھن

مٽياري ضلعو انھي بابت ڪرپٽ ترين ضلعو آھي ماضي ۾ به ھنن ڪجهه نه ڪيو ھينئر به ڪجهه ناھي ڪيو تعلقي سعيدآباد جا پنڌرنھن ڳوٺ ريڊزون ۾آھن جيڪي گذريل برساتن ۾ ٻڏي ويا ۽ ھاڻ وري ٻڏندا ڇاڪاڻ ته سم نالو مڪمل ناڪاره بنجي ويو آھي جنھن جي مرمت لاءِ آيل پيسا به ھڙپ ڪيا ويا آھن، اسد زرداري لکيو ته سنڌ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي ايندڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جا اھنج اڃا وڌي ويندا سنڌ جا ماروئڙا سخت پريشان آھن سنڌ حڪومت گهر جيڪي ٺھرائي ڏنا آھن اڃا مڪمل ناھن ٿيا ھاڻ برساتن جي ڪيل اڳڪٿي کي منھن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي بھتر انتظام ڪرڻ گھرجن،

ياسين جوڻيجو لکيو ته سنڌ سرڪار انهي آسري ۾ آهي ته برسات جام پوي پاڻي وڌي سنڌ کي ٻوڙي مال ڪمايون باقي ڪي به اپاءَ ناهي ورتا هيستائين، محمد حسين لکيو ته سرهاڙي ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه تياري نه ڪئي وئي برسات اڄ کان شروع ٿي وئي آهي تياري جي پت وائکي ٿي وئي آهي،

محبتي مڪيش جيپال لکيو ته سنڌ سرڪار کي ٻوڏ جو ڪو به ڏک ناهي انن کي رڳو مال ملي بس عوام وڃي ٻڏي مري سنڌ حڪومت اڳي ڇا ڪيو آھي جيڪو هاڻي ڪندي، عبدالستار شر لکيو ته حڪومت بلڪل تيار آھي، امداد لاءِ، ڪرپشن لاءِ ۽ مخالف ٻوڙڻ لاءِ. سميت ڪمار لکيو ته واهن جي صفائي ڪئي وڃي درياهه کي دڳ ڏنو وڃي نه ته وڏو نقصان ٿيندو،مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته سنڌ سرڪار رڳو پنهنجي اقتدار جي ڪرسي بچائڻ لاءِ عوام کي خواب ڏيکاري ووٽ حاصل ڪري ٻيهر اقتدار حاصل ڪيو آهي جڏهن ته امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳ ئي برساتن جو پاڻي نيڪال لاءِ عملي ڪم ناهي ڪري سگهي ته هاڻ به ساڳيو ئي حال آهي .رهي ڳالھه اپاءَ وٺڻ جي ته گورنمينٽ صرف غور ڪري عمل ڪرائڻ تي اچي ته اهو عملي ڪم ادارن ۾ هڪ منٽ ۾ ٿي ويندو آهي. حسين علي کوسو به سروي ۾ حصو ورتو، شفيق الرحمان شر لکيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هن وقت ايمرجنسي بنيادن تي سم نالين جي کاٽي ڪرائي،دريائن جا بند ٺهرائي، برسات جي ٻوڏ يا درياهه جي ٻوڏ کان پھريان پنهنجا انتظام سنڀالي، پر هتي ان ڳالھه جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي سنڌ جي عوام ٻڏي سنڌ سرڪار کي امداد کپي،موهن لال لکيو ته سنڌ سرڪار صرف فوٽو سيشن تائين محدود آهي ،جڏهن طوفائي برسات وسندي تڏهن انهي کي آفت سٽيل قرار ڏئي عوام کي امداد تي لڳائي ڇڏڻ ايجنڊا ۾ شامل آهي انهي روش کي ختم ڪري عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سم نالن پراڻ ۽ شهرن ۾ ڊرينج سسٽم کي مڪمل فعال بڻايو وڃي، ساگر علي رضا لکيو ته سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هن وقت ايمرجنسي بنيادن تي سم نالين جي کاٽي ڪرائي،دريائن جا بند ٺهرائي، برسات جي ٻوڏ يا درياهه جي ٻوڏ کان پھريان پنهنجا انتظام سنڀالي، پر هتي ان ڳالھه جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي. جابر علي مهيسر لکيو ته سجاول جوڻيجو تعلقي ۾ 2022 واري برساتي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي هئي 80 سيڪڙو ماڻھن جا گھر ڊهي پٽ پئجي ويا هئا سنڌ سرڪار پاران گھرن جي تعمير لاءِ مختلف ادارن کان گھرن جي سروي ڪرائي هئي پر 2 سال مڪمل ٿيڻا آهن هن وقت تائين ڪنھن ھڪ جو گھر سرڪار طرفان ناهي ٺھي سگھيو برسات متاثر هن وقت تائين بي يارو مددگار بڻيل آهي ڪيترائي ماڻھو خيمن توڙي ڪکائن گھرن ۾ سخت تپش واري گرميءَ ۾ ويٺل آهن پر سرڪاري اعلان مڪمل ناهن ٿيا، علي قربان ميراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار دعائون پئي گھرائي ته مولا زياده مينهن وساءِ ته سنڌ جا ماڻھون ھڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ ۾ لڙھن ته اسان ٻاھرين دنيا کان امداد وٺي مزا ڪريون، حسن بخش به سروي ۾ حصو ورتو.