ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته چونڊيل نمائندن کي 5 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن، اوهان جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ڪارڪردگي زيرو رهي، ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو، عوام کي ڪو به رليف نه ڏنو ويو، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته اسان پنهنجي چونڊيل نمائندن جا 5 سالن ۾ منهن به ناهن ڏٺا، وري اليڪشن ۾ نظر ايندا ۽ ڪوڙا ڏٽا ڏيندا ووٽ وٺي ويندا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شاهد ميراڻي لکيو ته ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ڪارڪردگي “پنهنجن” لاءِ بهتر کان بهتر رهي، باقي عوام کي ايندڙ دور جو آسرو ڏئي 12 آگسٽ تي ڪُرسيون ڇڏي وڃن پيا، گل حسن شر لکيو ته ڪو به ڪم نه ٿيو آهي صرف سرڪاري خرچ تي عياشيون ڪري اي سين ۾ سمهي ٽائيم گذاريو اٿن هن نظام کي ئي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ سُو سالن لاءِ انگريزن کي ٺيڪي تي ڏيڻ گهرجي پوءِ ڏسو ڪيئن ٿو ملڪ ترقي ڪري، محمد رحيم کوسو لکيو ته ننگرپارڪر جي ايم پي اي قاسم سومرو ننگر ۾ زبردست ڪرايا آهن ان ۾ ڪو شڪ ناهي باقي ايم اين اي کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کپي، مظفر شبير بوزدار لکيو ته بوزدار وڏا واحد يتيم شهر آهي جتي تڪ جا چونڊيل نمائندا ناهن ايندا ۽ وري اليڪشن کٽي به ويندا آهن اسان وٽ وڏي بيماري پيري مريدي ۽ وڏيرا شاهي آهي انهي ڪري ترقياتي ڪمن جي حوالي سان شهر بوزدار وڏا هر سال پوئتي وڃي ٿو جهڙا نمائندا مليل آهن اهي ئي رهيا ته اڳتي هلي هي بوزدار وڏا شھر کنڊر بڻجي ويندو، موهن لال لکيو ته اسان جي تڪ پي ايس 49 ۽ قومي تڪ تان چونڊيل نمائندا پنهنجي پر ۾ خوش آهن ترقياتي منصوبن ۾ نالي ماتر اسڪيمون ڏنيون آهن باقي تعلقو ڪوٽ غلام محمد کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، عرفان سيلرو لکيو ته اسان جي تڪ جي ايم پي اي مير نادر مگسي کي مسلسل ٽي ڀيرا ايم پي اي طور پندرهن سال مڪمل ٿيندا پر تڪ جي حالت انتهائي خراب آهي هن جو سڄو ڌيان صرف گاڏين ۽ ريس ۾ حصو وٺڻ تي آهي ڪارڪردگي زيرو اٿس، وقار خان بوزدار لکيو ته گهوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندن ڪڏھن به ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪڏھن به ڪٿي ٻڻڪ نه ڪڍي نه ئي ڪٿي ڪو ڪم ڪرايو. ائين پنهنجا پيٽ ڀري 5سال پورا ڪيون وڃي رهيا آھن، شوڪت خاصخيلي لکيو ته اسان پنھنجي تڪ جي ايم اين اي کي ڳوليندا ٿا وتون ھن سروي جي معرفت سان عرض ڪندس صرف ھڪ ڀيرو ميرپور ساڪرو جي تڪ ۾ پنهنجي ووٽرن کي وري ڪوڙا خواب ڏيکاري نوان وعدا ڪرڻ لاءِ ته نڪري اچو، فدا حسين خاصخيلي لکيو ته الله انهن کان پڇاڻو ڪندو، ديدار ڇٽو به سروي ۾ حصو ورتو، اسلم سومرو لکيو ته اسانجي تعلقي ٺري ميرواھه ۾ هميشه امپورٽيڊ اميدوار چونڊيا آھن جنهن ڪري هميشه جيان هاڻي به ترقياتي ڪم زيرو رهيا، نصير بلوچ لکيو ته اسان جي ضلعي گھوٽڪي جي چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين ايز جي ڪارڪردگي زيرو رھي چونڊيل نمائندن تڪ جي عوام لاءِ ڪجھه به نه ڪيو ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿي سگھيا، بشير احمد لکيو ته اسان ٺٽي وارن 5 سال ڪڏهن به ايم اين اي کي ناهي ڏٺو،. انور علي چاچڙ به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالحئي مير لکيو ته اسانجي تڪ گهوٽڪي جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي ڪارڪردگي اها آھي جو اسان هنن جو اليڪشن کان پوءِ ڪڏهن مُنهن به ناهي ڏٺو ته الائي ڪهڙي حال ۾ آهن، محمد حسين لکيو ته تعلقو شهدادپور جي تڪ تي ايم ايي ايم اپي ته رڳو الشڪين م ڏسندا آهيون باقي خير آهي، مخدوم مينهل لکيو ته اسان جي ضلعي عمرڪوٽ جي تڪ ايم اين اي ۽ ايم پي ايز ڪارڪردگي زيرو آهي، ڪاشف قدير شر لکيو ته اسان ته پنهنجي ٺري ميرواهه جي تڪ جي نمائندن جو ديدار ئي ناهي ڪيو ڪارڪردگي جي خبر ڪيئن پوي،حاجن جمالي لکيو ته دادو پئرس ٿي ويو آهي، شاهد شر لکيو ته اسانجي تڪ نارا توڙي خيرپور جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي ڪارڪردگي اها آھي جو اسان هنن جو اليڪشن کان پوءِ ڪڏهن مُنهن به ناهي ڏٺو ته الائي ڪهڙي حال ۾ آهن، هن ڀيري ائين ووٽ نه ڏبو، سرمد شاهه لکيو ته هنن جي بهترين ڪارڪردگي آهي جام پئسو ڪمايو اٿن، ثناءُالله چنا لکيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪم زيرو آهي هميشه اليڪشن وقت نظر ايندا آهن، باقي تعلقو ٺري ميرواهه لاوارث ۽ ننڌڻڪو تعلقو آهي ترقياتي ڪمن ۾ پوئتي پيل تعلقو آهي، شنڪر لال لکيو ته اسان جي ايم اين اي جي ڪارڪردگي ته پري جي ڳالهه آهي پر ھن وقت تائين ڏسڻ ۾ به ڪونه آيو آھي.. حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيري تعلقي ۾ چونڊيل نمائندن جي زيرو ڪارڪردگي آھي، اشفاق چانڊيو لکيو ته ايم پي اي ايم اين اي پئسا ڏين ٿا اهي انهن جي ماتحت ماڻهو کائي وڃن ٿا، اسان جا چونڊيل ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز مهانگائي تي خاموش آهن، ۽ سنڌ جا ذخيره کپائن ٿا الله پاڪ انهن کي سمجهه ڏيندو، سڀ جو سڀ ڪرپشن جي پٺيان آهن، الياس سمون لکيو ته اسان جي ايم پي اي صرف اخبارن ۾ ترقياتي ڪمن جا ٽينڊر جاري ڪرايا ۽ ايم اين اي ويچاري ڪڏهن به نظر نه آئي، ايم حسن کوسو لکيو ته اسان جي ٺل جو ايم پي اي ڊاڪٽر سھراب سرڪي آھي جنھن کي ٽي ڀيرا عوام ووٽ ڏيئي اقتدار تائين پھچايو آھي پر ٺل ڀرسان ۾ تعليم جي حوالي سان ڳالھه ڪجي ته اسڪول مڪمل بند پيل آھن استادن کي رعايت آھي روڊن رستن جي ڳالھه ڪجي ته کنڊر کامن ۾ تبديل ٿيل نظرايندا ھوندا ڪي روڊن جا ٺيڪا منظور ته اھي ڪاغذي ڪاروائي ۾ مڪمل ڏيکاري پئسا ھڙپ ڪيا ويا، ايريگيشن نظام تباھه آهي شاخن ۾ ڀوتارن جي من پسندن ماڻھو پائپ پوري پاڻي چوري ڪرڻ وارو ڪم به تيزي سان جاري آھن، صحت جي حوالي سان به ٺل سنڌ جي سڀني ضلعن کان پوئتي پيل آھي سرڪاري اسپتالن ۾ نه علاج نه دوائون آھن سڀ دوائون پرائيويٽ ڪلينڪن تي وڪرو ڪيون وينديون آهن نوڪريون ميرٽ تي ڏيڻ بدران سڀ رشوت عيوض ڏنيون ويون غريب سڀ بيروزگار بڻيل آھن مٺي پاڻي جي اسڪيم سالن کان منظور آھي پر ڪم زيرو بڻيل آھي ان ۾ به ڪرپشن سالن کان اسڪيم رولڙي جوشڪار آھي گذريل سال برسات متاثرن لاءِ جيڪو سامان آيو اهو کائي ويا پر غريبن کي ڪجھه نه مليو، نوڪريون به پئسن تي وڪامجي ويون، ايم پي اي ٺل جو ڪارڪردگي زيرو تي آھي، اياز کهاوڙ لکيو ته اسان جي گهوٽڪي ضلعي جي چونڊيل نمائندن جي پوزيشن اها رهي. جئين عيد جو چَنڊ!! هاڻَ به صرف اليڪشن ۾ نصيب ٿيندا انهن جا چھرا. باقي ته 5سالن اندر صرف انهن کي وڏن شھرن ۾ صرف ٻڌو ته پنهنجو فلاڻو ايم اين اي يا ايم پي اي رهي پيو. ترقياتي ڪم زيرو رهيو. نثار احمد پيرزادو لکيو ته پي ايس 17 نصيرآباد وارهه تي ڪم زيرو رهيو، ضمير احمد سولنگي لکيو ته اسان جي ضلعي قمبرشهدادڪوٽ جي تعلقي وارهه PS 17 جي ايم پي اي برهان چانڊيو ۽ ايم اين اي عامر مگسي جي ڪارڪردگي زيرو رهي ڪي به ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا، عوام جي ڀلائي جا ڪم نه ڪيا ويا، باقي ڪرپشن ٿي، راجا حيدر لکيو ته اسان جي ضلعو ڄامشورو وزيراعليٰ جو چونڊ تڪ پڻ آھي پر سيوھڻ کان ڄامشوري تائين سڀ اچن ۽ ترقياتي ڪم ڏسن فيصلو ڪن عوامي ڀلائي جو ھڪ به ڪم ناھي ٿيو، مراد علي لکيو ته حڪومت جا ڏينهن به پورا ٿيا پر ڪو به ترقياتي ڪم ڪونه ٿيو اسانجي تڪ جو ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ ۽ ايم اين اي طارق شاهه ڄاموٽ آهن مون اڳ به لکيو ھو ته اسانجي ٻنهي ڳوٺن حاجي الله ڏتو جمالي ۽ غلام محمد جمالي گاجاموري ۾ 100 فوٽ سرن جي فرشبندي کان علاوه ڪو به ترقياتي ڪم ڪونه ٿيو، ڳالھين ڪندي پنج سال پورا ٿيا. اياز بلوچ لکيو ته اسان جي تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڪجھه به نه ڪيو، بس هر سال جيان هن سال به ووٽ وٺي ويندا، ڏيندا ڇا تڪ جي عوام کي، زاهد حسين شيخ ۽ آصف علي به سروي ۾ حصو ورتو، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته چار سال کان سنڌ سرڪار جي چونڊيل نمائندن سميت سنڌ جي چيف ايگزيڪيوٽو مراد علي شاهه کي اپيلون ڪندا رھياسين پنھنجي حقن جي حاصلات لاءِ پر ڪنھن به واھر نه ڪئي چار سال جي عرصي ۾ وڏا وڏا احتجاج ۽ مظاھرا به ڪياسين پر اسان جي دانھن ڪنھن به نه ورنائي 2019ع ۾ سنڌ پوليس ايس آر پي يونٽ ۾ ڪانسٽيبل جون سڀ ٽيسٽون ميرٽ تي پاس ڪرڻ ۽ ميرٽ جي ميار تي پورو لھڻ جي باوجود به آفر آرڊر جاري ناھن ٿي سگھيا مان پنھنجي تڪ جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي  کي حقيقت کان آگاھه به ڪيو پر مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪنھن به زحمت ئي نه ڪئي اسان کي پنھنجا جائز حق نه مليا ته اسان چونداسين ته ڪنھن کي به سنڌ ۾ ڪجھه نه مليو.