سوات سانحو، مبينا الزام ۽ پوليس جو موقف

0
15
سوات سانحو، مبينا الزام ۽ پوليس جو موقف

 گذريل ڏينهن شام جو مدين (سوات) جي مقامي هوٽل ۾ رهندڙ هڪ سياح محمد سلمان تي هوٽل جي عملي طرفان قرآن مجيد جي توهين جي مبينا الزام کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال ۽ مڇريل شهرين طرفان مقامي پوليس اسٽيشن تي حملا، پوليس اسٽيشن کي ساڙڻ، توهين قرآن جي مبينا جوابدار کي ٿاڻي اندر گوليون هڻي قتل ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ کيس ساڙڻ جي افسوسناڪ واقعي تي ڊي پي او سوات جو چوڻ آهي ته مرندڙ شخص فيملي سميت نه پر اڪيلو مقامي هوٽل اسڪاءِ ويز ۾ رهندڙ هو. هوٽل جي عملي ان تي قرآن مجيد جا ورق ساڙڻ جو الزام هنيو. پوليس چُستيءَ کان ڪم وٺندي کيس هُجوم جي تحويل مان ٿاڻي ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. ڊي پي او جو اهو پڻ چوڻ آهي ته، مڇريل هجوم جي وڳوڙن ۽ فائرنگ سان 5 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته سڌ سماءَ جا ذريعا سوات ۾ 11 شهرين جي فائرنگ سان زخمي ٿيڻ جا اطلاع ڏئي رهيا آهن. ڊي پي او سوات جي بقول ته، هجوم جي فائرنگ، تشدد ۽ باهه ڏئي ساڙڻ سان مرندڙ شخص سيالڪوٽ جو رهواسي هو ۽ اهو پڻ ته ان جي خاندان (والده) کيس ناپسنديده سرگرمين جي ڪري ‘عاق’ ڪري ڇڏيو هو. ڊي پي او جي ان موقف سان بظاهر ان ڳالهه جي ترديد ٿي وڃي ٿي ته، مرندڙ شخص پنهنجي فيمليءَ سان هوٽل ۾ رهندڙ هو پر ان ترديد جي تائيد دستاويزي طور تي ضروري آهي ۽ ان ڳالهه جي تائيد لاءِ پڻ ثابتيون گهربل هونديون ته، مرندڙ شخص جي گهر واري ڪجهه سال اڳ طلاق وٺي ڌار ٿي وئي هئي. پنهنجي موقف ۾ ڊي پي او سوات، جنهن بنيادي نقطي کي نظرانداز ڪيو آهي، سو اهو آهي ته، هڪ شخص جيڪڏهن واقعي به اهو ڏوهه ڪيو آهي ته، پوءِ ان کي ان لاءِ سيالڪوٽ کان سوات وڃڻ جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ هوٽل عملي جي هڪ رڪن جو موقف آهي ته، مبينا الزام هيٺ ايندڙ شخص جي ڪمري ۾ قرآن مجيد ۽ ديوان غالب موجود هئا ۽ ڪُجهه ورق سڙيل هئا، جيڪي منهنجي خيال ۾ قرآني ورق هئا…. ان خيال جو بنياد ڇا آهي؟

ان سانحي جي شروعات جي حوالي سان جيڪي ترت اطلاع سامهون آيا، تنهن مان هڪ اطلاع اهو به هو ته، مرندڙ شخص جي هوٽل جي مالڪ يا مئنيجر جي وچ ۾ ڪنهن مسئلي تي هوٽل جي رسيپشن تي تلخ ڪلامي ٿي هئي، جتان ڳالهه اڳتي وڌي. اهڙي ريت پهريون الزام اهو سامهون آيو ته، ڄاڻايل شخص جي پرس مان قرآن مجيد جا شهيد ٿيل ورق برآمد ٿيا. جيڪڏهن ائين آهي ته اهو پرس اُن وٽان هوٽل جي عملي تائين آخر ڪيئن پهتو؟ ڊي پي او جي موقف سان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته، هوٽل ملازم ان شخص جي ڪمري ۾ قرآن مجيد جا سڙيل ورق ڏٺا. سوال اهو آهي ته، صرف هوٽل عملي جي هڪ رڪن جو الزام هڻڻ ئي ڪافي هو ته، معاملو ‘اِسٽريٽ جسٽس’ تي ختم ٿيو؟

منهنجي خيال ۾ اهو معاملو ايترو سڌو ۽ سادو هرگز ناهي. توهين قرآن جي مبينا ڳالهه ۾ تمام گهڻا جهول موجود آهن. اهڙا ئي جهول پوليس جي موقف ۾ پڻ آهن، جيڪو موقف ڊي پي او سڌ سماءَ جي نمائندن کي ڏنو آهي. مثال طور ڊي پي او چوي ٿو ته، پوليس قتل ٿيندڙ شخص کي ان وقت هوٽل جي ٻاهران پنهنجي تحويل ۾ ورتو، جڏهن مڇريل ماڻهو ان تي تشدد ڪري رهيا هئا. پر مقتول جي مقامي ٿاڻي ۾ ورتل جيڪا تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، ان مان اهو بلڪل نٿو لڳي ته، پوليس جي تحويل ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ان تي ڪنهن تشدد ڪيو هجي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته، ڊي پي او سوات ان تصوير جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کي ٿاڻي تي حملي ۽ وڳوڙن جو سبب ٻُڌائي ٿو. اهو چوڻ غلط نه هوندو ته، ان الزاماتي ڳالهه ۽ ڊي پي او جو موقف ٻئي تضادن سان ڀريل آهن. سچائي ڇا آهي، ان تي اڃان تائين پردو پيل آهي. ڇا اسان اُميد ڪريون ته هڪ اهڙي تحقيقاتي ٽيم جوڙي وڃي، جيڪا ان معاملي جي مختلف رُخن ۽ ابتدائي اطلاعن، ٻنهي کي سامهون رکي جاچ ڪري، سڄو سچ سامهون آڻي ۽ ‘اِسٽريٽ جسٽس’ جي شوقين ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، ڪيفر ڪردار تائين پهچائي؟