گوٽيني (انٽرسٽنگ نيوز) سوئيڊن ۾ چانهه جي قيمت تي پلاٽ وڪڻ جو اعلان سامهون آيو آهي. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب سوئيڊن جي علائقي گوٽيني ۾ 30 پلاٽ وڪري لاءِ پيش ڪيا ويا آهن، جن جي قيمت في اسڪوائر ميٽر هڪ ڪرونا (27 رپين جي لڳ ڀڳ) کان شروع ٿيندي. انهن پلاٽن کي خريد ڪندڙ خوش نصيب ماڻهو اتي پنهنجي خوابن جو گھر اڏي اتي رهي سگهندا ۽ موڪلون اتي گذارڻ لاءِ وڇي سگھندا. سويڊن جي ان ڳوٺ جي موسم ڪافي ٿڌي آهي ته گرمي جي ستايل ماڻهن لاءِ اها آڇ بهترين سمجهي پئي وڃي. هي سوئيڊن جو هڪ ٻهراڙي وارو علائقو آهي، جتي 13 هزار ماڻهو رهندا آهن ۽ اتي سوئيڊش ثقافت نظر ايندي رهي ٿي. ڳوٺ جي ميئر جوهان مينسن موجب اقتصادي مشڪلاتن ۽ ڳوٺاڻي آبادي ۾ گھٽتائي جي ڪري هن پروگرام کي متعارف ڪرايو ويو آهي. هن ٻڌايو ته اسان جي خطي ۾ هائوسنگ مارڪيٽ ڪافي سست ٿي رهي آهي ۽ اسين ان کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته هتي ڄم جي شرهه به گهٽجي وئي آهي جڏهن ته پوڙهن ماڻهن جو تعداد وڌي رهيو آهي ته ان ڪري اسان ڪجهه اهڙو ڪرڻ چاهيون ٿا جنهن سان وڌيڪ ماڻهو هتي اچن. اهو ئي سبب آهي جو اسان هڪ چانهه جي ڪوپ جي قيمت تي 30 پلاٽ وڪڻڻ جي آڇ ڪئي آهي.