ٺل (ن پ ا) خانپور ۾ فيضو لاڙي واري علائقي مان اغوا ٿيل ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جي ڀاڻيجي رميز سرڪي ۽ سندس دوست سهيل سرڪي کي بازياب ڪرائي نه سگهي.  خانپور پوليس ڪچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروايون ڪندي هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيا.  ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي جيڪب آباد جي ايس ايس پي ثمير نور چنو سان ملاقات ڪري ٻنهي نوجوانن جي اغوا بابت تفصيل ڏنا ۽ بازيابي لاءِ ڪوششون ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. زبير سرڪي ٻڌايو ته اسان خانپور ۽ جيڪب آباد پوليس سان مليا آهيون پر ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود ڀاءُ ۽ سندس دوست جي خبر ناهي ملي. هن گهر ڪئي ته نوجوان کي واپس ڪرايو وڃي.