سن (ن پ ا) سن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٿنڀا ڪرڻ سبب علائقن جي بجلي معطل ٿي وئي آهي، علائقي واسين ڪامريڊ انور مڱڻھار، امان الله شاھاڻي، تراب علي شاھ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته تعلقي مانجھند  ۾ 12 ڏينهن کان بجلي بند آهي،  بجلي بندش سبب پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، شڪايتن باوجود ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي بجلي بحال ڪئي وڃي…..