ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  ڪراچي، دادو ۽ ڀانن ۾ گرمي وگهي وڌيڪ 13 فوت، ان ڏس ۾    ڪراچي ۾ هيٽ ويو سبب  سول ۽ جناح اسپتالن ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 172 مريض داخل ڪيا ويا، سول اسپتال ۾ هيٽ ويو سبب 8 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي،  جڏهن ته اسپتال ۾ 2 لاش آندا ويا. جناح اسپتال ۾ 24 ڪلاڪن اندر 22 مريض آندا ويا جن مان هڪ مريض جي هيٽ ويو سبب فوتگي جي تصديق ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان سول اسپتال ڪراچي جي اختيارين موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 150 مريض آندا ويا، جن مان 8 مريض هيٽ ويو سبب فوت ٿيا، جڏهن ته  اسپتال ۾ 2 لاش آندا ويا. جن بابت في الحال اهو نهٿو چئي سگھجي ته اهي ڪهڙي بيماري سبب فوت ٿيا آهن؟ اهڙي طرح جناح اسپتال جي اختيارين موجب ته 24 ڪلاڪن اندر جناح اسپتال جي ايمرجنسي ۾ 22 مريض آندا ويا، جن مان هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي. اهڙي طرح رڳو ٻنهي اسپتالن ۾ 24 ڪلاڪن اندر مجموعي طور تي 11 فوتگين جي تصديق ڪئي وئي. واضح رهي ته ٽن ڏينهن اندر شهر ۾ گرمي جي لهر سبب 300 کان وڌيڪ فوتگين جا اطلاع آهن ، هوڏانهن دادو جي باگڙي ڪالوني ۾ رازو گلاب پنڙ ڦٽي تان هيٺ ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  جتي ڊيوٽي ڊاڪٽر سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتي 3 ٻارن جو پيءُ هو. گرمي لڳڻ سبب مٿي ۾ چڪر اچڻ ڪري هيٺ ڪري فوت ٿي ويو. جڏهن ته ڀان سيدآباد ۾ باءِ پاس وٽ ڳوٺ ٽنڊي رحيم جو رهواسي پيرسن هاشم لاشاري فوت ٿي ويو، ايمبولنس نه هجڻ ڪري سندس لاش 5 ڪلاڪن تائين هوٽل جي ٽيبل تي پيل رهيو. ٻئي طرف فوتي جي وارثن  ايمبولنس نه ملڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته انتظاميا کي بار بار منٿون ڪرڻ باوجود اسان کي لاش کڻڻ لاءِ  ايمبولنس نه ملي، رات دير سان  وارث پيرسن جو لاش ڊاٽسن ۾ کڻائي ويا. ٻئي طرف گهرو وزير ضياء الحسن لنجار چيو آهي ته ڪراچي ۾ گرمي وگهي فوتگين وارن واقعن جي انڪوائري ڪرائي پئي وڃي ته آخرڪار سندن موت جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ انڪوائري ۾ ٿيو ته مرڻ جو ڪارڻ لوڊشيڊنگ آهي ته پوءِ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا ۽ ذميوارن تي قتل ڪيس داخل ڪيا ويندا. ٻئي طرف ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ جانور گرمي سبب کاڌو گهٽائي ويا آهن ۽ ٿر ۽ ڪراس بريڊ جون 150 ڳئون مري ويون آهن.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) موسميات کاتي اڄ  26 جون کان پهرين جولاءِ تائين ملڪ ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، اڄ کان عربي سمنڊ ۽ بنگال واري نار مان چوماسي جون هوائون ملڪ جي اوڀرين علائقن ۾ داخل ٿينديون، جنهن سبب 26 جون کان پهرين جولاءِ دوران ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، سجاول، ٺٽي، حيدرآباد ۽ ڪراچي  ۾ برساتن جو امڪان آهي. جڏهن ته 27 جون کان پهرين جولاءِ دوران اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ ٻين شهرن  جڏهن ته 26 کان 30 جون دوران بهاولپور، ملتان، خانيوال، راجن پور ۽ رحيم يار خان ۾ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 28 جون کان پهرين جولاءِ دوران ڪي پي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ برساتون ٿينديون، جڏهن ته 26 کان 28 جون دوران لسٻيلا، خضدار، آواران، بارکان ۽ نصيرآباد ۾ برسات جو امڪان آهي.