سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 523 نوان ڪيس ظاهر، 11 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

0
197
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 523 نوان ڪيس ظاهر، 11 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 523 نوان ڪيس ظاهر، 11 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 352 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي وريت آهي.

ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 21900 مريض علاج هيٺ آهن، 21338 مريض گھرن ۾، 35 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 527 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. 474 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 40 مريض وينٽيليٽر تي آهن.

24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 173 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. مٽياري ۾ 36، نوشهروفيروز ۾ 29، شهيد بينظير آباد ۾ 28، ٺٽي ۾ 27، ٽنڊوالهيار ۾ 26، دادو ۾ 21، بدين ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ 18_18، شڪارپور ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ 16_16، ڄامشوري ۾ 15، ٽنڊومحمد خان ضلعي ۾ 14، سکر ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ 13_13، جيڪب آباد ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 11_11، گھوٽڪي، لاڙڪاڻي ۽ سجاول ضلعن ۾ 9_9 ۽ حيدرآباد ۾ 4 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.