سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 8 مريض فوت، 953 نوان ڪيس ظاهر

0
237

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس واري صورتحال بيان ڪندي چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 8 مريض فوت ٿيا جڏهن ته 953 نوان ڪيس سامھون آيا ۽ 441 ماڻهو صحتياب ٿيا آهن. وڏي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16218 نمونن جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن جي نتيجي ۾ 953 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن وڌيڪ چيو ته اڄ وڌيڪ 8 مريض فوت ٿيا، جنھن کانپوءِ فوتين جو انگ 5536 ٿي ويو آھي. وڏي وزير چيو آھي ته ھن وقت تائين 4596490 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آھي ۽ 342211 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. هن چيو ته اڄ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 441 مريض صحتياب ٿيا آھن ۽ ھن وقت تائين گڏيل طور تي 315378 مريض صحتياب ٿيا آھن. ھن چيو تھ ھن وقت 21297 مريض علاج ھيٺ آھن جن مان 20581 مريض گهرن اندر قرنطينا آھن، 656 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آھن ۽ 60 مريض آئيسوليشن سينٽرن ۾ منتقل ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ 601 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي جن مان 48 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آھي.