سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 914 ڪيس ظاهر، 19 مريض فوت

0
267

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 914 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 19 مريض فوت ٿيا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ وڌي 5،039 ٿي ويو آهي. اڄ 684 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ
287728 کي پهچي چڪو آهي. هن وقت تائين 4109557 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آهي، جنهن مان 318562 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. هن وقت 25795 مريض علاج هيٺ آهن؛ جن مان 967 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته
73 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.