جھول (شوبز نيوز)جھول جي اڀرندڙ نوجوان فنڪار مولائي علي گل جلالاڻي پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ٽيلنٽ جي ڪا ڪمي نه آهي پر ٽيلنٽ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ موقعا ميسر ناهن علي گل جا ڪجهه مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن علي گل موجب هڪ البم مارڪيٽ ۾ آڻڻ تي ب چگو خاصو خرچ اچي ٿو جيڪو عام ماڻهو ن ٿو ڪري سگهي هن چيو ته هزارين اهڙا فنڪار موجود آهن مگر هو غربت سبب پهنجي ٽيلنٽ کي عام نٿا ڪري سگهن حڪومت کي گهرجي ته نوجوانن کي اهڙا موقعا ڏي