سنڌ ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا  پيئارڻ جي مهم شروع

0
176

ڪراچي: سنڌ ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا  پيئارڻ جي مهم شروع ٿي وئي، 13 کان 19 ڊسمبر تائين جاري مهم ۾ 90 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙ پيئاريا ويندا، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ٻارڙي کي پوليو جا ڦڙا پيئاري مهم جو افتتاح ڪيو

 وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سال 2020ع کانپوءِ هر ڏيڍ مهيني کانپوءِ پوليو جي مهم هلائي رهيا آهيون، اُڻ جي نتيجي ۾ جولاءِ 2020ع کانپوءِ سنڌ ۾ هڪ به ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، گٽر جي پاڻي ۾ پوليو جي موجودگي گهٽجي وئي آهي، پوليو مهم دوران مخصوص ضلعن ۾ 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي ٻارن کي ڪورونا ويڪسين به ڏني ويندي، عوام کي سهڪار جي اپيل ڪئي وئي آھي