سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري، شهيد اسحاق ۽ ايمن سعيد جو خون

0
190
سنڌ ۾ وڌندڙ ڌاري آبادڪاري، شهيد اسحاق ۽ ايمن سعيد جو خون

ھن ملڪ جو آئين ۽ قانون ڪاغذي لکت ۾ ته ھڪ آھي، پر صوبي سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ شايد قانون الڳ الڳ جوڙيل آھي، سنڌ جو ماڻهو جڏھن به پنهنجي حق جي ڳالھه ڪري ٿو ته غدار سڏيو وڃي ٿو، اھڙي طرح بلوچستان جي ماڻهو سان به ساڳيو ئي ورتاءُ آھي، تڏھن ئي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي ڀت سان لڳايو ٿو وڃي،

                 سنڌ دنيا جي گولي تي خوشحال خطو آھي جنهن تي ھر ھڪ دشمن جون نظرون کتل آھن، اسان دنيا جي ملڪن تي نظر وجهنداسين ته معلومات ملي ٿي ته انهن وٽ ھڪ شيءَ آھي ته ٻئي ناھي مثال جي طور تي کاڌ خوراڪ آھي ته پاڻي ناھي، پئٽرول آھي ته گئس ناھي، وغيرہ وغيرہ، پر سنڌ کي قدرت ھر شيءَ سان نوازيو آھي جنهن جي ڌرتيءَ جي سيني مان سال ۾ ٻه دفعا اناج نڪري ٿو، گرينائيٽ پٿر موجود آھي، جپسم، پئٽرول، گئس، ڪوئلو سميت سنڌو درياءُ پڻ موجود آھي پر انهن سمورين شين ھجڻ جي باوجود به ڌرتيءَ جا ڌڻي بُک وگهي مري رھيا آھن، سنڌ جو ماڻهو جيڪڏھن پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪري ٿو ته انهن جي زبانن کي ڪٽيو وڃي ٿو ۽ انهن جي سِسِين کي سِيروُن وڌيون وڃن ٿيون جيئن ھو پنهنجي حق لاءِ آواز بلند نه ڪري سگهن.

موجودہ صورتحال ۾ سنڌ کي چئن طرفن کان وڪوڙي گهيري ۾ ڪيو ويو آھي،

(1) دنيا جي مختلف ملڪن مان تڙيل ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،

(2)  مذھبي انتهاپسندي کي ھٿي ڏني پئي وڃي.

(3) مذھب جي آڙ ۾ سنڌين کي لُٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي.

(4) سنڌ جي وسيلن ۽ ڌرتيءَ تي ڌاريا ماڻهو قابض ٿي رھيا آھن جن جا ھٿ مضبوط ڪيا پيا وڃن.

(5) سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن.

(6) سنڌ جي دل ڪراچي ۾ ٻٽو رويو اختيار ڪري نفرت ڦهلائي سنڌين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. (7) ڪراچي ۾ ڌاريي ماڻهوءَ برمي، بنگالي، بهاري، نيپالي ۽ افغاني پٺاڻن لاءِ ڪو به قانون نظر نه اچي رھيو آھي.

(8) ڪراچي مان ڌارين جي لوڌ کي ڪڍڻ لاءِ نه حڪومت سنجيده نظر اچي رھي آھي ۽ نه ئي ادارا.

(9) برساتي پاڻيءَ سموري سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو آھي جنهن ۾ ھزارين سنڌ جا ماڻهو بي گهر لڳا پيا آھن انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو به ھن وقت تائين رليف ناھي ڏنو ويو.

عوام جي جان و مال جي حفاظت رياست جي بنيادي ذميواري ھوندي آھي ته جيئن ھر شهري پنهنجي آئيني حدن ۾ رھندي پنهنجي زندگي سولائي سان گذاري سگهي پر افسوس ان ڳالھه جو آھي ھتي ان جي بلڪل ابتڙ آھي، ڪراچي جيڪا سنڌ جي دل آھي اُتي ارغونن، ترخانن ۽ بنگالين ظالماڻي انداز ۾ ٻن معصوم سنڌين کي قتل ڪري ڇڏيو آھي اھو قتل ٻن فردن جو ناھي بلڪه اھو سموري سنڌي قوم جو قتل آھي. 28 آڪٽوبر 2022ع جمعي جي ڏينهن ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ انسانيت جي تذليل ڪئي وئي آھي جنهن ۾ ٻن نوجوانن اسحاق پنهور جنهن جو تعلق ضلعي نوشهروفيروز سان ۽ ٻيو ايمن سعيد جنهن جو تعلق ٺٽو سان ٻڌايو پيو وڃي. ٻئي نوجوان ڪنهن موبائل ڪمپني ۾ روزگار سان لڳل ھئا عوامي شڪايتن تي ايريا ۾ سگنل جو اشو ھجڻ ڪري ھو اُھو ڏسڻ لاءِ ڪالوني پهتا ته اچانڪ ڪالونيءَ جي دھشتگردن، غنڊن سندن گاڏيءَ کي ڌڪ ھڻي ٻنهي نوجوانن مٿان سِروٽن ۽ پٿرن جو وسڪارو کين تي سخت تشدد ڪري  کين تڙپائي تڙپائي شهيد ڪري ڇڏيو. ٻنهي نوجوان جو ڏوھه ڪهڙو ھو؟  وڏي ۾ وڏو ڏوھه سنڌي ھجڻ سان گڏوگڏ پڙھيل لکيل ھجڻ ھو، ھِنن خلاف اتان جي ڪن شرارتي فردن منفي پروپيگنڊا ھلائي ڇڏي ھئي ته ٻارن کي اغوا ڪندڙ گروھه اچي رھيو آھي انهن کي ناھي ڇڏڻو،

سنڌ جا مالڪ به اسحاق ۽ ايمن سعيد ۽ شهر ڪراچي جا به مالڪ پر ڌاريو ماڻهو ايترو ته مضبوط ٿي چڪو آھي جو ھو وچ روڊ ۽ رستي تي پنهنجي عدالت قائم ڪري سزا ۽ جزا جو جائز توڙي ناجائز فيصلو ڏئي ٿو ڇڏي، ۽ ڌاريي ماڻهوءَ اڳيان بي وس بڻيل قانون صرف ڏسندو ئي رھجي ٿو وڃي ۽ بعد ۾ بس ڊيڊ باڊيون کڻائي مالڪن حوالي ڪرڻ جو ڪم ڪري رھيو آھي.

ھيءُ ڪو پهريون واقعو ناھي جو ڌاريي ماڻهن ھٿان ڌرتي ڌڻي شهيد ٿيا ھجن ان کان پهريان شهيد ارشاد رانجهاڻي، کان ويندي بلال ڪاڪا تائين ڌاريي ماڻهوءَ بيگناھه سنڌ جي پٽن جو رت وھايو آھي، سبب ڪهڙو آھي جو ڌاريو ماڻهو بيگناھه رت وھائڻ کان مُڙي ئي نه ٿو. چند پئسن جي لالچ ۾ قاتل کي ڪجھه مهينن بعد آزاد ڪيو ٿو وڃي يا ته انهيءَ جو ڪيس اھڙي پراسيس تحت ھلايو ٿو وڃي جو قاتل قاتل ئي نه ٿو رھي جنهن جا مثال ڪجھه وقت پهريان سوشل ميڊيا جي  ذريعي نظر اچي رھيو ھو ته سنڌ پوليس جا جوان شهيد ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاھه پٺاڻ کي ھوٽل تي اھڙي نموني سان وٺي وڃي ماني کارائي رھيا ھئا جيئن رحيم شاھه پٺاڻ انهن پوليس جي جوانن جو ڪو ايس ايس پي ھجي اِھو صرف ۽ صرف پئسي جو ڪمال ھو.

“حيران ٿي پڇيم ھاري کان

ھيءُ کيت ڪنهن اجاڙيا آھن

چيائين ڏوھه ناھي بگهڙن جو

پنهنجي گهر جا ڪتا ڀاڙيا آھن”

سنڌ جي پُٽن ايمن سعيد ۽ اسحاق جي قتل جا ذميوار ملڪ جا حڪمران آهن. دهشتگرد ٽولن کي سرعام دهشتگردي ڪرڻ جي ڇوٽ مليل آھي.

پر جڏھن ڪراچي ۾ ڪنهن به پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪندي آواز بلند ڪيو آھي ته انهن تي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ھميشه لٺيون وسايون آھن پوءِ ان ۾ شاگرد ھجن، استاد ھجن، ھيلٿ جا ملازم ھجن يا کڻي ڪنهن تنظيم جا اڳواڻ يا ڪارڪن ڇو نه ھجن،

پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم معاهدي کانپوءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌين جو تيزي سان قتل عام ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي ڪرسي خاطر دهشتگردن کي کلي ڇوٽ ڏئي سنڌي قوم جو سودو ڪيو آهي. سنڌين جي نسل ڪشي ڪندڙ قوتون سنڌ دشمن آهن، ڌاريي ماڻهوءَ کي ووٽ جي لالچ ۾ سنڌ حڪومت مٿي تي ھٿ رکي ھتي آباد ڪري رھي آھي جيئن انهن جي يوسي چيئرمين، ضلعي چيئرمين، ٽائون چيئرمين، ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي سيٽ بچي وڃي ڪير ٻيو کٽي نه سگهي باقي جيڪو سنڌ ۽ ماڻهن جو نقصان ٿئي ته اھو وڃي ٿئي.

ھر آئي ڏينهن ڌاريي ماڻهوءَ جي ڌرتيءَ جي ڌڻيءَ مٿان يلغار آھي جنهن جو رَدِ عمل صرف سوشل ميڊيا تي ھڪ کان ٻه ڏينهن تائين جاري رھي ٿو جنهن کان پوءِ انڌي منڊي ايف آءِ آر داخل ڪئي ٿي وڃي پوءِ ايئن خاموشي ٿي وڃي ٿي ڄڻ ته ڪو واقعو ٿيو ئي نه ھجي. سنڌ جي ماڻهن کي بنا پارٽي فرق جي سنڌيت جي نالي تي گڏ ٿي ڪري منظم ۽ متحد جدوجهد ڪري پنهنجي ماڻهن جي نه صرف مالڪي ڪرڻي پوندي پر ڌرتي ۽ شهر به بچائڻا پوندا نه ته ٻي صورت ۾ ايئن ئي سنڌ جو ماڻهو اڪيلو اڪيلو ٿي ڪري مري ويندو.

اي سنڌ جا نوجوانو اچو ته مڙي مُٺ ٿي ڪري سخت جدوجهد ڪري اسحاق ۽ ايمن سعيد جي قاتلن کي ڦاھي جي ڦندن تائين پهچائي شهيدن جي بيگناھه ٿيل خونن سان انصاف ڪريون ۽ ان جيجل ماءُ ۽ پيءُ سان به جنهن جو ڪونڌر پُٽُ ڪٺو ويو آھي ان ڀيڻ سان به جنهن جو جگر جو ٽڪرو ڀاءُ جدا ڪيو ويو آھي ۽ ان ونيءَ ۽ سندس  ٻارن سان به جنهن جو ھو سهارو ھو نه ته ٻي صورت ۾ اسان سمورن شهيدن ۽ تاريخ جا وڏا معياري ٿي پونداسين ۽ پوءِ سڀاڻي وري ارشاد رانجهاڻي، بلال ڪاڪا، اسحاق پنهور ۽ ايمن سعيد وانگر توھان ۽ اسان به ايئن ئي لاوارث بڻجي قتل ڪيا وينداسين.

[email protected]