ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب قانونن ۾ ترميم جو اثر، نيب ڪراچي جي 2 سينيئر پراسيڪيوٽرز رياض عالم ۽ شهباز سهوترا استعيفائون  ڏئي ڇڏيون. ٻنهي عملدارن پنهنجون استعيفائون نيب هيڊ ڪوارٽر موڪلي ڇڏيون  اختيارين پراسيڪيوٽر رياض عالم جي استعيفا منظور ڪري ورتي، ڄاڻايل ٻئي پراسيڪيوٽر احتساب عدالتن ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين، شرجيل انعام ميمڻ، آغا سراج دراني سميت انتهائي هاءِ پروفائيل ڪيسن جي پيروي ڪري رهيا هئا. ڄاڻايل پراسيڪيوٽرز گذريل 4 سالن کان نيب ۾ فرض انجام ڏئي رهيا هئا ٻنهي عملدارن استعيفائن جي تصديق ڪئي آهي.