سنڌ ۾ ن ليگ جون سرگرميون تيز، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت

0
195

ڪراچي: سنڌ ۾ ن ليگ جون سرگرميون تيز، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت، مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ سياسي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون، بشير ميمڻ طرفان انٽر فيملي کي ن ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏني وئي

 ذريعن موجب ن ليگ جون سنڌ ۾ سرگرميون تيز ٿي ويون، صوبائي قيادت طرفان ٻين جماعتن جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري، ملاقاتن ۾ اڳواڻن کي ن ليگ ۾ شموليت جون دعوتون به جاري آهن

 ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جي  ڪراچي ۾ انڙ هائوس آمد، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار غلام رسول انڙ ۽ پي ٽِ آءِ نواب شاهه جي صدر امام علي انڙ سان ملاقات،ذريعن موجب ملاقات ۾سنڌ ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي

ن ليگ اڳواڻن انڙ فيملي کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت به ڏني، ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ ٻڌايو ته انڙ فيملي اسان کي ملاقات ۾ مثبت جواب ڏنو آهي