سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران مختلف تڪن تي وڏا اپ سيٽ

0
315
سنڌ ۾ مڪاني چونڊن

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران مختلف تڪن تي وڏا اپ سيٽ ٿيا آهن

خيرپور جي وارڊ نمبر هڪ تي گڏهه گاڏو هلائيندڙ مسڪين پورهيت جي نياڻي آزاد اُميدوار پروين شيخ 430 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي، سندس مقابلي ۾ بيٺل پ پ اُميدوار منٺار شيخ هارائي ويو

ڪنڊيارو ۾ پورهيت ايم اين اي ۽ ايم پي اي جي حمايت مليل اُميدوار کي هارائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ اُميدوار غفار قريشي 314 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو،  سندس مقابلي ۾ بيٺل پ پ اُميدوار شوڪت قريشي 269 ووٽ کنيا

قاضي احمد ۾ برياني وڪرو ڪندڙ پورهيت جنرل ڪائونسل جي سيٽ کٽي ويو، وارڊ نمبر 2 تي ايس يو پي اُميدوار عمران لطيفي  558 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو