ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ گهُـٽ، ٻوسٽ ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمي بعد برسات، وڄ ڪرڻ ۽ ٻين واقعن ۾  هڪ عورت ۽ ٻن نينگرن سميت 6ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيتريون ٻڪريون ۽ رڍون مري ويو، 10 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، تفصيل موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، ملير، قائد آباد، صدر، گلشن اقبال، ڪلفٽن، ناظم آباد، اورنگي، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪارو ٿيو، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ ڀرپاسي مٽيءَ جي طوفان سان گڏ هلڪي برسات بعد موسم خوشگوار بڻجي وئي، ميرپورخاص توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ شديد گرميءَ بعد گجگوڙ سان تيز برسات جو وسڪارو ٿيو، شهر ۾ برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن جو عملو غير حاضر رهيو، بدين شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جي وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، ٻن ڪلاڪن جي برسات بعد شھر جي روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو، ٻئي پاسي حيسڪو عملدارن چئن فيڊرن سيراڻي روڊ فيڊر، غريب آباد فيڊر، شھباز روڊ فيڊر ۽ قائدي اعظم روڊ فيڊر جي بجلي بند ڪري ڇڏي جنهن سبب رهواسين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، سجاول ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز هوا سان برسات جي وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي، ٺٽي ۾ به ڪڪر وسي پيا، وسڪاري بعد موسم خوشخوار ٿي وئي، ٺٽو، مڪلي، جھمپير، جنگشاھي، درگاھ ستيون، گجو، گھارو، ساڪرو سميت ڪوھستاني توڙي سامونڊي پٽي ۾ تيز ھوا سان گڏ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو، ٻئي طرف برسات شروع ٿيندي ئي ٺٽو، مڪلي، درگاھ ستيون سميت آسپاس جي علائقن ۾ بجلي فراهمي بند ٿي وئي، عمرڪوٽ جي ڳوٺ منڌار ٿر ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ سخي سميجو جون ست ٻڪريون مري ويون، ٽنڊوالهيار ۾ مٽي جي طوفان سان بعد برسات جو وسڪارو ٿيو، ڏيپلي شهر کي برسات ٻوڙي ڇڏيو، تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات بعد شهر جا ھيٺاھين وارا علائقا، بدين اسٽاپ، مڱڻهار محلو، معصومه امام بارگاهه، ﷲ والا چوڪ، تعلقه اسپتال پاڻي ھيٺ اچي ويا، عملدار مطابق 48ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ڇاڇرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ هڪ ڄڻو فوت، هڪ شخص زخمي ٿي پيو ۽ 3 ٻڪريون سڙي مري ويون، ڳوٺ آسو ڀيل جي ڍاڻي ۾ ٻني ۾ ڪم ڪندڙ چاندو پٽ لڇو ڀيل تي وڄ ڪرڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو، ڳوٺ رڻڇاڻي ۾ ٻن گهرن تي وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ سريش ڪمار پٽ سومار ميگھواڙ زخمي ٿي پيو ۽ ٻه ٻڪريون سڙي مري ويون، ڳوٺ ڍاڪلو ۾ گهر تي وڄ ڪرڻ سبب گهر ڀاتي معجزاني طور محفوط رهيا، ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ ۾ ساوڻي جي برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي، ڏڪار سٽيل ماروئڙن جي مرجهايل چهرن تي مرڪون وکري آيون، نيوڇور ۽ ڀرپاسي جي علائقن سڻوھي، شھمير جي ڍاڻي، فقير امين منڱريو،  پرچي جي ويري ۽ ڏوڏاھار ۾ برسات بعد علائقي واسين جا گرمي سبب مرجهائجي ويل چهرا ٻهڪي پيا، جاتي شهر  ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۽ گجگوڙ سان برسات جي وسڪاري بعد گرمي جا ستايل رهواسي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، گھوڙاٻاري، ور شھر، غلام الله، 103 موري، پير پٺو،  بگھاڙ موري ۽ ڳاڙھو سميت ٻين علائقن ۾  تيز ھوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، ڪيٽي بندر، سيراڻي ۽ ٻگھاڻ سميت سامونڊي پٽيءَ ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات بعد گرمي جو  زور ٽٽي ويو، ڍوري ناري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جي وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، ٻيلو شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾  تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، ٽنڊي باگي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سخت گرمي کانپوءِ برسات جي وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، صوفي فقير، راجارستي،  ٿرواھه،  ولھيٽ،  ڪرنا، ڳموري، عالم پلي سميت ٻين علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات  جي وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ ماڻھن جي چهري تي مرڪون موٽي آيون، ڪنري ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي پيو، سنڌڙي، ڦلھڏيون، ھنڱورنو، سامارو موري ۽ گرھوڙ شريف ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪاري بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، ڄام صاحب ۽ آسپاس جي علائقن راهواري، ملنگ موري، منصور آباد، وزيرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ مٽي جي تيز هوا سان برسات پئي، شاهپورچاڪر ۾ تيز هوا سان گڏ طوفاني برسات پئي، دوڙ ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، ڀٽ شاھه ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ طوفاني هوائن سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو، مسڻ ويجھو ڳوٺ بيگن جروار ۾ برسات ۾ ماڙي جي ڀت ڪرڻ سبب عورت 60ورھين جي خطو زال محمد صالع جروار فوت ٿي ئي، جڏھن ھڪ عورت زخمي ٿي پئي، نوري آباد ويجھو  ڳوٺ شوڪت پالاري ۾  برسات سبب 10 ڪچا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا، بجلي جو پول ڪرڻ سبب معصوم ٻارڙو ڪبير ولد عطا محمد پالاري فوت ٿي ويو، جڏھن ته سندس ڀيڻ ڪبيرہ ۽ ڀاءُ قدير پالاري سخت زخمي ٿي پيا، جوکيا  موڙ وٽ وڄ ڪرڻ ڪري سلمان عرف سلو ولد محمد سليم جوکيو سڙي فوت ٿي ويو، ڳوٺ شوڪت پالاري ۾ حسين بخش پالاري جون 20 کان وڌيڪ  ٻڪريون ۽ رڍون ڀت ڪرڻ سبب مري ويون، نيوسعيدآباد شھر جي ريلوي پاڙي ۾ ڀت ڪرڻ سبب 10 ورهين جو  نينگر عبدالحميد پٽ ڪارو ملاح دٻجي فوت ٿي ويو، عثمان شاھ ھڙي ۾ به برسات پئي، مسڻ ويجھو کنوڻ ڪرڻ  35ورهين جو چندر پٽ منو ڪولهي سڙي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو،  موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جو سلسلو ٽن ڏينهن تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو.