ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر ۽ اطلاعات واري وزير  احمد شاهه ڪراچي جي مختلف پولنگن تي پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيا، ان موقعي تي وڏي وزير  چيو ته سنڌ ۾ مجموعي طور تي صورتحال بهتر رهي، انتظامي قدمن سبب ڪو وڏو واقعو پيش نه آيو، شهرين بنا خوف جي پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪيا، هن چيو ته دهشتگردي جي خدشن سبب موبائل فون ۽ انٽر نيٽ  کي ٿوري دير لاءِ بند ڪرايو هو، جنهن سبب  ڪو اڻوڻندڙ واقعو  پيش نه آيو.   هوڏانهن ڪلفٽن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وزير محمد احمد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت موبائل سروس بند ڪرڻ جي سفارش نه ڪئي، اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ به اهڙي ڳالهه نه ٿي هئي. هن چيو ته يقينن ٿريٽس هوندا. ان ڪري موبائيل سروس بند ڪئي وئي، بلوچستان ۾ تازو دهشتگردي جا واقعا ٿيا. هن چيو ته موبائيل سروس بند ڪرڻ وفاقي سرڪار جي اختيار ۾آهي.ٻئي طرف نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز ڪلفٽن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رات جو ٿريٽس هئا، ان بعد وفاقي حڪومت موبائيل سروس بند ڪئي، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سروس بند ڪئي وئي. هن چيو ته اسان چوندا رهياسين ته سروس بند نه ٿيندي پر رات جو ٿريٽس هئا. انهن کي نظر ۾ رکي موبائيل سروس بند ڪئي وئي.