ڪراچي(انٽريسٽنگ نيوز) ايڪويهين صدي ۾ ٽيٽو ڪلچر دنيا ۾ تيزي سان پکڙيو. اولهه ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ان ٽرينڊ کي فالو ڪيو پر هاڻ ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو وري اهو رجحان وڌي رهيو آهي. ٽيٽو ٺهرائيندڙ پنهنجي ذات سان واڳيل سٺن يا خراب تجربن کي جسم تي نقش ڪرائيندا آهن. ڪراچي جي ٽيٽو آرٽسٽ حسين شاهه ٻڌايو ته ان ڪلچر کان ڪراچي واسي تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن جنهن بعد ڊفينس ڪراچي ۾ منهنجي اسٽوڊيو ۾ ڪلائنٽس جو انگ وڌي ويو آهي. هن چيو ته مون پنهنجا ٽيٽو ٺاهيندڙ شاگرد به پيدا ڪيا آهن هاڻ اهي روز 3 کان 4 ڪلائنٽ هينڊل ڪن ٿا. پين جهڙي سوئي سان جسم تي مس سان ڊزائن ٺاهي ويندي آهي جڏهن ته ڪلائنٽ جي باقاعده اطمينان بعد ئي ڪم شروع ڪيو ويندو آهي. ٽيٽو ٺاهڻ ۾ 20 کان 25 منٽ لڳن ٿا پر ان جو دارومدار تڪليف برداشت ڪرڻ تي آهي. ياد رهي ته اسان وٽ سنڌ ۾ شيڊيولڊ ڪاسٽ جا مرد ۽ عورتون به اهڙا ٽيٽوز ٺهرائيندا رهيا آهن هاڻ وري ان عمل کي ورجايو پيو وڃي.