اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقليتن جي تحفظ بابت پارلياماني ڪاميٽي جبري طور مذهب تبديل ڪرڻ کان روڪڻ وارو تيار ڪيل بل مذهبي مامرن واري وفاقي وزارت ڏانهن اماڻيندي هدايت ڪئي آهي ته هڪ مهيني ۾ ان بل تي پنهنجون تجويزون ڪاميٽي آڏو جمع ڪرايون وڃن، ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن ميمبرن ڊاڪٽر رميش ڪمار ۽ شهنيلا رٿ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ، انساني حقن جي پارلياماني سيڪريٽري ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبر لال مالهي ڪاميٽي کي ٻڌايو ته انساني حقن واري وزارت پاران تيار ڪيل بل ڪنهن به مذهب جي خلاف ناهي، اسان اهو چاهيون ٿا ته جيڪڏهن ڪو به شخص پنهنجو مذهب تبديل ڪرڻ چاهي ٿو ته هو رياست پاران مقرر ڪيل ڪنهن عهديدار وٽ وڃي تبديل ڪري ۽ بعد ۾ پنهنجون جيڪي رسمون آهن اهي ادا ڪري، اقليتن جي تحفظ بابت پارلياماني ڪاميٽي جو اجلاس لياقت خان ترڪئي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مذهبي مامرن واري وفاقي وزير نور الحق قادري به شرڪت ڪئي، ڪاميٽي کي اقليتن جي تحفظ بابت قائم ڪميشن بريفنگ ڏيندي انڪشاف ڪيو ته مذهب تبديل ڪرڻ جا سڀ کان گهڻا واقعا سنڌ ۾ ٿيا آهن، مينارٽي ڪميشن جي سربراهه چيلا رام ڪاميٽي کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين کان زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ وارا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، سنڌ ۾ خوبصورت ڇوڪريون جڏهن ڪاليج يا شاپنگ ڪرڻ وينديون آهن انهن کي اغوا ڪيو ويندو آهي، اغوا ڪرڻ کان پوءِ انهن کي جنسي زيادتي جو نشانو بنائي بعد ۾ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، شيلٽر هومز ۾ به ناجائزي ٿي رهي آهي، شيلٽر هومز ۾ ڇوڪرين سان انهن جي والدين کي به ملڻ جي اجازت ناهي، سڄي دنيا ۾ ان مامري تي سوال پيدا ٿي رهيا آهن، مذهب مٽائڻ واري مامري تي جيترو جلدي ٿي سگهي قانون سازي ڪئي وڃي، بريفنگ دوران مذهبي مامرن واري وفاقي وزير ڪاميٽي آڏو مشورو ڏنو ته سنڌ ۾ مذهب مٽائڻ وارن مامرن ۾ اڪثر نالو ميان مٺو ۽ پير سرهندي جو اچي ٿو، انهن کي ڪاميٽي آڏو گهرايو وڃي، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري مذهبي مامرن واري وزير جي مشوري جي مخالفت ڪندي چيو ته اقليتن جي حقن بابت بل تيار آهي، جبري طور ڪو به ڪم انساني حقن جي خلاف ورزي واري دائري ۾ اچي ٿو، هن مامري تي ميان مٺو ۽ پير سرهندي کي گهرائي مشورو ڪرڻ ضروري ناهي، شيرين مزاري چيو ته سنڌ ۾ جبري طور مذهب مٽائڻ وارن مامرن ۾ اهي ملوث آهن، جيڪي ماڻهو مسئلو آهن انهن کي گهرائي مشورو وٺڻ مناسب ناهي، انهن کي هن ڪاميٽي ۾ گهرائڻ ائين آهي جيئن دهشتگردي خلاف قانون ٺاهي دهشتگردن سان مشورو ڪيو وڃي، ڪاميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ٻن اقيلتي ايم اين ايز ڊاڪٽر رميش ڪمار ۽ شهنيلا رٿ وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، شهنيلا رٿ چيو ته رميش ڪمار کي پنهنجي بڪواس بند ڪرڻ گهرجي، اهو اسان جو ايم اين اي ڪڏهن کان ٿيو؟ هي ته ڪڏهن ڪهڙي پارٽي ۾ ته ڪڏهن ڪهڙي پارٽي ۾ هوندو آهي، خبر ناهي ايندڙ ڀيري ڪهڙي پارٽي سان گڏ هوندو، ن ليگ جي ايم اين اي کيئل داس ڪوهستاني ٻنهي کي چپ ڪرائيندي چيو ته هڪ ئي پارٽي سان تعلق رکو ٿا، هڪ ٻئي جي تذليل نه ڪيو، شهنيلا رٿ کيس جواب ڏيندي چيو ته مان ڪنهن به قسم جي بدتميزي برداشت نه ڪنديس، ڊاڪٽر رميش ڪمار کيس جواب ڏيندي چيو ته مون اوهان سان ڪو به مذاق ناهي ڪيو، مون صرف اجلاس ۾ ڏنل راءِ تي اختلاف ڪيو آهي، اختلاف ڪرڻ منهنجو حق آهي، اجلاس دوران شهنيلا رٿ اهو موقف اختيار ڪيو ته هن ڪاميٽي وزارت پاران تيار ڪيل بل سينيٽ ڏانهن اماڻيو هو، اهو مون نه پڙهيو آهي، اهو واپس گهرائي ان تي بحث ڪرايو وڃي، مذهبي مامرن واري وفاقي وزير نور الحق قادري چيو ته هي ڪاميٽي جيڪو بل پاس ڪري چڪي آهي ان ۾ مذهبي مامرن جي وزارت پاران ڪو به موقف نه ڏنو ويو آهي، ان جو سبب بل جو مسودو اسان کي نه ملڻ آهي، بهتر ٿيندو ته انساني حقن جي وزارت جي تيار ڪيل بل تي اسان جي وزارت جو موقف هجڻ ضروري آهي، جنهن کان پوءِ ڪاميٽي پاران پنهنجي گذريل اجلاس ۾ پاس ڪيل بل مذهبي مامرن واري وزارت جي حوالي ڪندي کين هڪ مهيني اندر پنهنجون تجويزون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.