جيڪب آباد (رپورٽر)جيڪب آباد ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال، وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ سيپڪو اختيارين جي ناانصافين کان تنگ اچي جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ وڌيڪ 4 هندو خاندان پاڪستان ڇڏي ڀارت هليا ويا. واپاري ڪشور سنگهه، انوپ سنگهه، ڪرپال سنگهه ۽ سني ڪمار پنهنجي ڪٽنب سميت جعفر ايڪسپريس ذريعي لاهور روانا ٿيا، جتان واگها بارڊر ذريعي ڀارت ويندا، هندو برادري جي ماڻهن جو وڏو انگ جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن تي پهتا جتي هندستان ويندڙ گهرڀاتين کي الوداع ڪرڻ لاءِ جيڪب آباد ريلوي اسٽيشن کان روانو ڪيو ويو جتي هندستان ويندڙ ڪٽنب روئيندي پنهنجن پيارن کي ڳلي سان لڳايو ۽ پنهنجي شهر جي زمين کي چمي ڏني ۽ ٽرين ۾ چڙهي روانا ٿي ويا. ٻن هفتن دوران جيڪب آباد مان 24 کان وڌيڪ خاندان لڏپلاڻ ڪري ڀارت ويا آهن.  انوپ سنگهه ريلوي اسٽيشن تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجو ملڪ، گهر ۽ ڪاروبار ڇڏڻ ڪو آسان فيصلو ناهي، پر ڇا ڪجي؟ صورتحال اها ٿي وئي آهي ته هو مجبوري ۾ هندستان وڃي رهيا آهن، بدامني، مهانگائي، بيروزگاري ۽ سيپڪو اختيارين جي ناانصافين سبب سنڌ ۾ هڪ صدي کان رهندڙ اصل رهاڪو لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا آهيون هن روئيندي چيو ته اهڙو ڏک ناهي بچيو جيڪو جيڪب آباد ۾ نه مليو هجي بس مجبوري ئي لڏپلاڻ ٿو ڪرائي.