سنڌ ۾ ايڪتا عيد جي سلسلي ۾ تياريون زور شور سان جاري، تقريبون، مچ ڪچهريون

0
137

سڄي سنڌ ۾ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جي لاءِ تياريون زور شور سان جاري آهن، مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، مچهريون پڻ ٿيون

ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ مبارڪ سهرياڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻي ۾ فدا مهمداڻي، ڪاشف خاصخيلي، ناصر ڪنڊراڻي، شاهه علي سهرياڻي، سجاد بروهي، شعيب ڊومڪي پاران ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار جي سرواڻ جي سڏ تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون سري هيٺ مچ ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مشهور فنڪارن محمد صالح جعفري ۽ ٻين قومي گيت ڳائي مچ ڪچهري ۾ ويٺلن کي جهومائي ڇڏيو

 جڏهن ته قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته اچو ته نئين سنڌ اڏيون نعري هيٺ ايڪتا ڏهاڙو ملهائي قومي ٻڌي جو ثبوت ڏيون، هنن چيو ته علي قاضي هميشه ايڪتا قومي عيد جو سڏ ڏئي سنڌي قوم کي گڏ ڪندو آهي، هنن چيو ته اچو ته نئين سنڌ اڏيون نعري تحت پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪريون، پنهنجي حقن جي وارثي ڪريون، سٺي صحت سٺي تعليم، روڊ رستن جو مطالبو ڪريون، اليڪشن ۾ سٺن چهرن کي ووٽ ڏئي پنهنجي قسمت کي بدلايون ۽ پنهنجي ٻارڙن کي اعليٰ تعليم ڏياريون، هنن چيو ته قومي عيد 3 ڊسمبر کي قومي عوامي تحريڪ ڀرپور نموني ملهائيندي ۽ مک ريلي ٽائيم نيوز آفيس کان پريس ڪلب تائين ڪڍي ويندي

“اچو ته نئين سنڌ اڏيون”: ميٺا رام ڪيمپس ۾ ايڪتا تقريب منعقد

روزاني ”پنهنجي اخبار“ ۽ ”ٽائيم نيوز“ پاران 3 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” ملهائڻ لاءِ تيارين جو سلسلو جاري آهي. ايڪتا ڏڻ ملهائڻ جي حوالي سان ميٺا رام ڪيمپس ۾ فائنل ايئر بيچ پاران تقريب منعقد ڪئي وئي

 تقريب ۾ لا جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ثقافتي لباس اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي شريڪ ٿيا. قانون جي شاگردن پاران قومي گيتن تي جهمريون هڻي شاندار ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا جڏهن ته ايڪتا تقريب دوران فائنل ايئر جي شاگرد جي شاگردياڻي سان غير رسمي طور شادي به ڪرائي وئي

 تقريب دوران ڳالهائيندي ذيشان حيدر عطار، زاهد حسين لاکير، نعيم جلباڻي، سجاد ڏيپر، وسيم مهر، سيف علي ۽ ٻين چيو ته هو 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ملهائيندا. هنن چيو ته نئين سنڌ اڏڻ لاءِ نوجوانن کي تعليم، صحت توڙي ٻين شعبن ۾ محنت ڪرڻي پوندي جنهن بعد هو منزل ماڻي سگهندا. شاگردن ۽ شاگردياڻين چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سال پراڻي آهي جنهن جو ڏهاڙو هاڻي هو هر سال عيد جيئان ملهائيندا آهن.

بدين جي بوائز ھاءِ اسڪول بدين ۾ ثقافتي تقريب، شاگردن جو ناچ

ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي صاحب پاران اعلانيل “اچو ته نئين سنڌ آڏيون”جي سري ھيٺ روزانو مختلف ڳوٺن جي اوطاقن ۾ مچ ڪچھريون ڪوٺايون پيون وڃن ۽ اسڪول ڪاليجن ۾ استادن ۽ شاگردن طرفان شاندار نموني سان ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ لاءِ ثقافتي رنگا رنگي پروگرام ڪيا پيا وڃن،گورنمنٽ بوائز ھاءِ اسڪول بدين ۾ پڻ ھڪ بھترين ثقافتي پروگرام رکيو ويو جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن پاران اجرڪون ۽ ٽوپيون پائي پٽڪا ٻڌي قومي گيتن تي جھمريون ھڻي خوب داد ماڻيو شاگردن ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪري پروگرام کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

 ھنن ٽائيم نيوز ۽پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي صاحب جا ٿورا مڃيندي پنھنجي اخبارسان ڳالھائنيدي چيو ته 3 ڊسمبر ايڪتا ڏھاڙو پنھنجي پسديده ٽي وي چينل ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان گڏ  اعلانيل آچو ته نئين سنڌ آڏيون جي سري ھيٺ ملھائڻ لاءِ ڀرپور تيارين ڪري ڇڏيون آھن اسان آھو ڏينھن عيد جو ڪري شاندار نوني سان ملھائينداسين.

مٺي ۾ ايڪتا تياريون شروع، اسڪول ۾ تقريب منعقد

ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار پاران 3 ڊسمبر تي اعلانيل اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان ٿرپارڪر ضلعي ۾ تياريون ۽ ايڪتا تقريبون شروع ٿي ويون آھن ۽ ٿري ماروئڙن اڳواٽ تقريبون منعقد ڪري ايڪتا ڏينهن قومي عيد طور ملهائڻ جو وچن ورجايو آھي ان ڏس ۾ مٺي ۾ سماجي تنظيم سرچ اداري پاران ايڪتا جي رنگا رنگي ۽ منفرد تقريب ڪوٺائي ثقافتي رنگن جو جشن ملهايو آھي  تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي ٻارن ثقافتي لباس ۾ ٻارن جي نمائش، سنڌي گيتن تي رقص، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ اهميت تي  پروگرام ڪيا آھن

 مٺي ۾ سماجي تنظيم سرچ پاران مٺي ۾ سرچ هال مٺي ۾ ايڪتا ۽ ثقافتي ورثي جي اهميت بابت ليڪچرار ساقي راجپوت ثقافتي ماڳن، ٿر جي ثقافتي سڃاڻپ ۽ ثقافتي ماڳن جي بچاءَ بابت آگاهي ليڪچر ڏنو، تقريب ۾ شريڪ ٻارن کي  ثقافتي لباس پهريل هئا جنهن تي نمائش ڪئي ويئي. تقريب ۾ گيت، تلوارن جي رقص کي شرڪت ڪندڙن خوب داد ڏنو

تقريب ۾  سنڌ جي پهرين عورت ڊولڪنواز مريم ناز ۽ ٻين فنڪارن قومي گيت ڳائي ايڪتا جي رنگن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو ۽ استادن ۽ توڙي شاگردن ۽ سماج سڌارڪن کي جهمريون پائڻ تي مجبور ڪري وڌو،ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر لٽريسي ٿرپارڪر جان محمد بجير، علي مراد درس، هيمنت ڪمار، خوشبو ڪيڙانو، صنم، ونود شرما پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته تاريخي ماڳن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن سياحن کي راغب ڪري سگهجي

هنن چيو ته ٿرپارڪر ۾ ايڪتا جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ثقافت کي زنده رکڻ لاءِ سوين ڪردار موجود آهن، پروگرام ۾ شاگردن، سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي