سنڌ ۾ ايڪتا تياريون جاري، تقريبون، ريليون، قومي گيتن تي جهمريون

0
167
سنڌ ۾ ايڪتا تياريون جاري، تقريبون، ريليون، قومي گيتن تي جهمريون
سنڌ ۾ ايڪتا تياريون جاري، تقريبون، ريليون، قومي گيتن تي جهمريون

ٺل ۾ ايڪتا سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، خبر موجب ٺل ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ بشير قريشي پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ اناج منڊي کان جاڳرتا ريلي ماما شمن سومرو، ڪامريڊ لياقت سرڪي، وسيم قريشي، عبدالواحد سرڪي، ستار ميمڻ، رشيد ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اجرڪ ٽوپيون پائي ڪڍي وئي، جنهن ۾ دهلن شرنائين تي جهمريون هنيون ويون، ريلي شهر جي مختلف چوڪن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته علي قاضي ايڪتا جو سڏ ڏئي ماڻھن کي سجاڳ ڪيو، هنن چيو ته اسان جي سنڌ پراڻي دور ۾  شاهوڪار ۽ ثقافت، تهذيب، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو ملڪ رهيي آھي، هنن چيو ته دنيا ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي ايڪتا ڏهاڙو 3 ڊسمبر تي ڀرپور نموني ملهائڻ گهرجي

اچو ته نئين سنڌ اڏيون: بدين ۾ راڳ رنگن جي محفل سجائي وئي

ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ وارن اعلان کانپوءِ بدين ۾ ثقافت کاتي سنڌ ۽ لاڙ ثقافتي آرٽ ڪائونسل بدين پاران گڏيل طور جيم خانا بدين گرائونڊ تي سنڌ ۽ لاڙجي خوبصورت رنگن سان ٽمٽار راڳ رنگ جي محفل سجائي وئي محفل ۾ مشھور فنڪارن سگھڙن سياسي اڳواڻن نوجوانن ۽ عورتن سميت شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي, راڳ رنگ جي محفل ۾ لاڙ جي نالي وارن فنڪارن شاعرن سگھڙن حصو ورتو لاڙ جي مشھور سگھڙن بيت ڳجھارتون ڏئي زبردست مقابلا ڪري راڳ رنگ جي محفل ۾ ويٺل ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو

 محفل موسيقي جو پروگرام ٿيو جنھن ۾ لاڙ جي مشھور فنڪارن استاد الھڏنو جوڻيجو, پريم پياسي، بادل راھي ۽ ٻين محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، بدين جي نوجوانن قومي گيتن تي جھومريون ھڻي خوب داد حاصل ڪيو، آنھي موقعي تي محفل مچائيندڙ لاڙ ثقافتي آرٽ ڪائونسل جي صدر شھناز راھو چيو ته سنڌي ميڊيا جي نالي واري شخصيت محترم علي قاضي صاحب جي سڏ تي ايڪتا ڏينھن جي شروعات اسان راڳ رنگ جي محفل کان ڪري ڇڏي آھي ۽ 3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار سان گڏ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سلوگن ھيٺ شاندار نموني سان ملھائينداسين

اچو ته نئين سنڌ اڏيون: ڪوٽڙي ۾ ايڪتا مناسبت سان ثقافتي شو

ڪوٽڙي ثقافتي سرگرمين جو ڳڙھ بڻجي ويو، 3 ڊسمبر واري ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌوء ڪناري آباد سنڌ جو قديم شهر  ڪوٽڙي هن وقت ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بڻيل آهي. ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي سڏ تي “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري هيٺ 3 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان تي ڪوٽڙي ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي بينر هيٺ ڄامشورو آرٽس ڪائونسل پاران شاندار ثقافتي شو پيش ڪيو ويو

 ڪوٽڙي جي ٻٻر اسٽاپ تي ٿيل هي شاندار علمي ادبي ۽ ثقافتي تقريب سنڌ جي نامياري چنگ نواز فقير علي بخش جلباڻي جي نالي ڪري کيس مڃتا ڏئي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته سماجي ڪمن توڙي مختلف ادبي صنفن تي ناليوارن سماج سڌارڪن، ليکڪن ۽ شاعرن کي پڻ  ايوارڊ ڏنا ويا. تقريب دوران آيل معزز مهمانن کي اجرڪن ۽ سنڌي ٽوپين جا تحفا به ڏنا ويا، تقريب دوران خطاب ڪندي علمي ادبي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ کي ورنائيندي ايڪتا ڏهاڙي ملهائڻ تي علي قاضي کي لفظن جي ڀيٽا ڏني ۽ چيو ته هن وقت سموري دنيا اندر سنڌ جي ثقافت کي عزت ۽ احترام سان گڏ پيار جي جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو

 ناليوارن آرٽسٽن لڪي رياض عمراڻي ۽ طارق آڪاش پنهور جي ميزباني هيٺ ڄامشورو آرٽس ڪائونسل طرفان ٿيل هن يادگار تقريب ۾ شامل شخصيتن جو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هيو ته سموري سنڌ هن وقت ثقافتي رنگن ۾ جرڪي رهي آهي ۽ ان سموري ڪارنامي جو سهرو پڻ محترم علي قاضي جي سر تي وڃي ٿو

اچو ته نئين سنڌ اڏيون: ٽنڊي محمد خان ۾ ايڪتا جاڳرتا ريلي

ٽنڊو محمد خان ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار طرفان اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا جي قومي ڏهاڙي جي جاڳرتا لاءِ شهري اتحاد ، سول سوسائٽي جي طرفان شهري اتحاد جي صدر نور حسن کوکر ، سول سوسائٽي جي پير محمد علي جان سرهندي ، علي بخش سومرو ، شاگر اڳواڻ آصف چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شهرين اسٽيشن روڊ کان ريلي ڪڍي شهر جي مختلف علائقن مان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو ڦليلي روڊ تي جلسو ڪيو

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي اعلانيل اچو ته نئين سنڌ اڏيون ايڪتا جي قومي ڏهاڙي ملهائڻ سان سنڌ قوم پنهنجي قومي تشخص جو جياپو جاري رکيو آهي ته وري سنڌ جي ڏکن سورن جي علاج لاءِ نئين سنڌ جي اڏڻ جو خواب حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جو نعرو علي قاضي ڏيئي سنڌ جي عوام ۾ پنهنجي روشن مستقبل کي سنوارڻ جي مشعل ڏني آهي، علي قاضي ايڪتا جي ڏهاڙن جي شروعات ڪري ان کي هاڻي قومي عيد ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ، ايڪتا جي قومي ڏهاڙي کي 3 ڊسمبر تي قومي عيد ڪري ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو آهي ، جاڳرتا ريلي ۾ شهرين قومي گيتن تي جهمريون پائي يڪجهتي جو اظهار ڪيو

اچو ته نئين سنڌ اڏيون: ميرپوري بٺورو ۾ ايڪتا تقريب:جهمريون

يوسي ڪامارو جي پرائمري اسڪول قاسم ميراڻي ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ شاگردن ثقافتي ويس اجرڪ ۽ ٽوپيون پائي تقريب ۾ شريڪ ٿيا جڏهن ته شاگردن پاران سنڌ جي ثقافت بابت تقريرون ۽ قومي گيت پڻ پيش ڪيا

 ٻارڙن تقريرون ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت تي اسان کي ناز آهي هرسال ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان اسان قومي لباس پائي تقريبون ڪوٺائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪري دنيا کي پنهنجي ثقافت کان واقف ڪرائي رهيا آهيون

ان موقعي تي ڳالهائيندي پرائمري استاد بشير ميراڻي چيو ته هرسال ڊسمبر مهيني جي شروعاتي هفتي ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ اسان سنڌين لاءِ عيد برابر آهي ۽ هرسال اسان کي پنهنجي ثقافتي عيد ساڳئي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ گهرجي، پرائمري اسڪول جي استاد بشير ميراڻي پاران تقريري مقابلي ۾ پهريون نمبر کڻندڙ چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي ڪائنات ميراڻي کي انعام پڻ ڏنو  ويو

اچو ته نئين سنڌ اڏيون: ڪنري ۾ ڪولهي برادري پاران تقريب

 ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري ھيٺ ايڪتا ڏھاڙو ملھائڻ جي اعلان کان پوءِ سڄي سنڌ جيان ڪنري ۾ به ثقافتي پروگرامن جون تياريون عروج تي پھتل آھن، ڪولھي ايسوسي ايشن پاران ٽائيم نيوز جي سڏ تي شھر ڀرسان ڳوٺ رائچند ڪولھي مڪواڻا ۾ ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ ڪولهي برادري جي عورتن، ٻارن سميت ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 تقريب پارڪري راسوڙا گائي ڊھول جي ٿاپ تي جھمريون ھنيون ويون جڏھن ته ڀڳتن ڀڳت لکجي، ڀڳت گينو ۽ ٻين شاعرن شاھ لطيف ڀٽائي جون وايون گائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي، تقريب ۾ فنڪارن فقير راڻي، فقير شمشير ۽ ٻين سر وکيري آيل ماڻھن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، جڏھن ته انساني زنجير ٻڌي جو اظھار پڻ ڪيو ويو

 ان موقعي تي اڳواڻن پارس کينپال ڪولھي، لکجي ڪولھي، رائيچند، الجي، اشوڪ ڪمار ڪولھي ۽ ٻين چيو ته اسان کي فخر آھي ته اسان سنڌ جا رھواسي آھيون، اسان کي پنھنجي قوم، ٻولي ۽ ثقافت تي فخر آھي. ھنن ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي اعلانيل 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي عنوان ھيٺ ثقافتي ڏھاڙو ڀرپور نموني ملھائڻ جو وچن پڻ ڪيو. ھنن چيو ته ھر سال سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءَ قومي ڪاڄ کي ڀرپور نموني ملهايون ٿا جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي عاشقن کي شرڪت ڪرائي هن نفسانفسي جي دور ۾ محبت ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ لاء ثقافتي پروگرام رکيو ويو آھي

گمبٽ ۾ ايڪتا رنگ جرڪي پيا، تقريب، سرن ورکا

گمبٽ ۾ ايڪتا رنگ جرڪي پيا، “اچو ته نيئن سنڌ اڏيون” جي سري هيٺ  روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي  تقريب منعقد ڪئي وئي،  تقريب ۾ صوفي فنڪارن فقير دربان علي ڀٽي، فقير رانجھن علي ڀٽي صوفي ڪلام ۽ قومي گيت ڳائي ويٺل ماڻهن کي جھومائي ڇڏيو

 پروگرام ۾ آيل ماڻهن پاران 3 ڊسمبر ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏ ملهائڻ جو وچنورجايو. ان موقعي تي منظور اڄڻ، تعليمدان آصف لاکائي، پروفيسر محمد اڪرم آرائين، ڊاڪٽر صفدر آرائين، رابعا عباسي، الهداد اڄڻ، ميان زبير احمد پيرزاده، لياقت علي جکڙ،نياز محمد خواجه، محمد اديس سومرو ۽ ٻين خطاب ڪيو

پير آف ڀٽ شاهه پاران ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان

پيرآف ڀٽ شاھ سيدگداحسين شاھ پاران 3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز جي سڏ تي ڀٽائي جي درگاهه جي مک گيٽ آڏو اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي عنوان سان مک تقريب منعقد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مين دروازي آڏو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي ايڪتا ڏهاڙي جو ثقافتي اسٽيج سجائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي سيد گداحسين لطيفي چيو ته ايڪتا ڏهاڙي جو باني علي قاضي صاحب آهي، مختلف شهرن مان ايندڙ ايڪتا ريلين تي گل نڇاور ڪري شاندار استقبال ڪيو ويندو نوجوانن جو شعور نئين سنڌ اڏڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ علي قاضي جو ساٿ ڏنو وڃي

 هن چيو ته 3 ڊسمبر تي نئين سنڌ اڏڻ جي شروعات ڀٽائي جي در تان ڪنداسين مک تقريب ۾ ثقافتي شين جا اسٽال قائم ڪري جانورن جي نمائش به لڳائي ويندي هر سال جيان 3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويندو علي قاضي جي اعلانيل اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا جي مک تقريب منعقد ڪنداسين هن وقت نئين سنڌ اڏڻ ۽ علي قاضي صاحب سان ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي ڀٽ شاھ جي دنبورا چوڪ کان درگاهه ڀٽائي جي مک گيٽ تائين ايڪتا جا رنگ ئي نظر ايندا

اچو ته نئين سنڌ اڏيون: ٺٽي ۾ تقافتي تقريب

ٺٽي جي المهراڻ فٽبال ڪلب جي رانديگرياڻين سنڌي ويس پهري ۽ اجرڪون اوڍي ثقافتي رنگن ۾ رنگجي مشتاق احمد خشڪ فٽبال گرائونڊ مڪلي ۾ فٽبال راند کيڏي سنڌ جي ثقافتي رنگن کي اجاگر ڪيو، جڏهن ته ان موقعي تي فٽبال راند ۾ حصي وٺندڙ رانديگرياڻين مديحه ناز جاکرو ،. خوشي ، صدرت المنتهيٰ ، رمشاءَ ۽ ٻين ته کين فخر آهي ته هو سنڌي آهن ۽ سندن ثقافت هزارين سال پراڻي آهي

هنن چيو ته هنن سنڌي ويس پهري اجرڪون اوڍي فٽبال راند کيڏندي نه رڳو خوشي محسوس ڪئي آهي پر سندن اهو به عزم آهي ته سندن سنڌ جي تهذيب ، تمدن ۽ ثقافت هزارين سال پراڻي آهي ۽ هو ايڪتا جي ڏهاڙي جون اڳواٽ ئي تياريون ڪري پيغام عام ڪري رهيون آهن ته ٻين عيدن جيان ايڪتا ڏهاڙو به هنن جي عيد جو ڏهاڙو آهي جنهنڪري هو انهيءَ ڏينهن تي سنڌي ويس پهري اجرڪون اوڍي ايڪتا ڏهاڙي کي عيد جي خوشين جيان ڏهاڙو ڪري ملهائينديون جڏهن ته ان موقعي تي فٽبال راند ۾ حصي وٺندڙ رانديگرياڻين پڻ وڏي آواز ۾ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جا پڻ معرا هڻي چيو ته هو تعليم سان گڏ راندين ۾ پڻ حصو وٺي پنهنجي سنڌ ۽ ملڪ جو نالو وڌائينديون

ملير ۾ جسقم ۽ جساف پاران ايڪتا ريلي: سنڌي گيتن تي جهمريون

جسقم ۽ جساف ملير پاران گلشن حديد کان ملير پريس ڪلب تائين اشرف ڪلهوڙو، مختيار سومرو، راشد سنڌي، فردين سنڌي، ساجد راڄپر، مبشر جاگيراڻي جي اڳواڻي ۾ ايڪتا  ريلي نڪتي، پيادل ريلي ۾ شامل نوجوان ٽوپيون. اجرڪ  ۽ پٽڪا پائي شريڪ ٿيا

 پريس ڪلب پهچڻ تي نوجوانن ”جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن“ واري گيت تي جهمريون هنيون، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته انشاءَالله هر سال جيان هن سال به ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهايو ويندو،

اڪري ۾ قلم ڌڻين جي گڏجاڻي، ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان

 پريس ڪلب اڪري چودڳي جي  اهم گڏجاڻي  صدر غلام فريد هاليپوٽو جي زيرصدارت ۾ ٿي، جنهن ۾  3 ڊسمبر آچر جي ڏينهن ايڪتا ڏهاڙو کي پريس ڪلب اڪري چودڳي جي ميزباني ۽ شهري اتحاد اڪري جي سهڪار سان ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾  مظفر مصطفي شر انصاف لاشاري ممتاز علي اعواڻ درسن لاشاري محمد اقبال موروجو منظور خاصخيلي ۽ ساگر امير حيدر شر شرڪت ڪئي.

سرهاري ويجھو اسڪول ۾ ايڪتا تقريب، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش

سرهاري ويجهو ڳوٺ رستم جمالي جي پرائمري اسڪول ۾ هيڊ ماستر اشرف جمالي جي اڳواڻي ۾ استادن ۽ شاگردن پاران ثقافتي ڏهاڙو اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي

 تقريب ۾  شاگردن توڙي استادن پاران سنڌي لباس اجرڪون ۽ ٽوپيون پهري شرڪت ڪئي،  شاگردن پاران سنڌي گيتن تي رقص ڪندي جهمريون هنيون ويون. شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ٽيبولوز ۽ خاڪا پش ڪيا ويا